ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نائب امير جماعت اسلامي پاڪستان لياقت بلوچ چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي سيٽن تي ضمني اليڪشن آئين جي گهرج آهي، پر پي ٽي آءِ جو رويو آئين جو مذاق اُڏائڻ برابر آهي، موجوده ملڪي نازڪ صورتحال جي پيش نظر سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن تي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊ ڪرائڻ قومي مفاد ۾ آهي، انڪري جماعت اسلامي ضمني اليڪشن ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سونامي جي تباهي کان پوءِ پي ڊي ايم حڪومت مهانگائي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، پيٽرول جي قيمتن ۾ لڳاتار اضافو ۽ 170 ارب رپين جو مني بجيٽ پيش ڪري عام ماڻهن جو جيئڻ مشڪل بڻايو ويو، جماعت اسلامي 27 فيبروري تي اسلام آباد ڪنونشن سينٽر ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي نامزد اُميدوارن جو اجلاس ڪوٺائي ملڪ گير چونڊ مُهم جي شروعات ڪندي، قوم سڀني پارٽين کي آزمائي ڇڏيو، اسلامي نظام ۽ ديانتدار قيادت ئي سڀني مسئلن جو حل آهي، جماعت اسلامي وٽ مخلص قيادت آهي جيڪا ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ جو ويزن رکي ٿي انڪري قوم پُرامن، خوشحال ۽ اسلامي پاڪستان لاءِ جماعت اسلامي جو ساٿ ڏئي. اهڙن خيلان جو اظهار هن قباءَ آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي ميڊيا سيل جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. صوبائي امير محمد حسين محنتي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالحفيظ بجاراڻي، علامه حزب الله جکرو ۽ سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا پڻ ساڻس گڏ موجود هئا. لياقت بلوچ وڌيڪ چيو ته اسان جي بدقسمتي آهي جو قومي خزاني مان اربين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود ڊجيٽل مُردم شماري کي تڪراري بڻايو ويو آهي، سڀني سياسي جماعتن جا خدشا ختم ڪرڻ لازم آهي، نادرا وٽ مردم شماري لاءِ تمام ڊيٽا موجود آهي ان ڪم لاءِ نادرا جو پليٽ فارم استعمال ڪري سگهجي پيو. ڪراچي مڪاني چونڊن ۾ عوام جماعت اسلامي تي ڀرپور اعتماد جو اظهار تبديلي جي شروعات آهي، ماضي ۾ جماعت اسلامي جي چونڊيل ميئر عبدالستار افغاني ۽ نعمت الله خان ڪراچي جي عوام جي خدمت ڪئي ۽ شهري سندس خدمتن جو اعتراف ڪن ٿا، حافظ نعيم الرحمن به پنهنجي بزرگن جي پوئيواري ڪندي ڪراچي جي عوام جي آواز بڻيو مڪاني چونڊن ۾ ڪراچي جي عوام پاران کيس ڪامياب ڪرڻ مٿس اعتماد جو اظهار آهي.










