سنڌ ۾ ٿيندڙ خونريزي ۽ قانون جو ڪردار .!

سنڌ ۾ ٿيندڙ خونريزي ۽ قانون جو ڪردار .!

پيار علي چانڊيو
سنڌ اندر خونريزي ڪو نئون رواج ناھي پر ھي قتل غارت ڪيتري وقت کان ھلندي پئي اچي جنھن ۾ خاندان ختم ٿي ويا آھن ۽ علائقا ڀڙڀانگ ٿي تباھ ٿي ويا آھن ڇو ته سنڌ دنيا جو واحد خطو آھي جتي قانون جي بالادستي بااثرن جي زيردست ۽ حڪمن سان ھلندي آھي جنھن ۾ قانون بي وس نظر ايندو آھي انتظاميه جي ڪنٽرول کان نڪتل سنڌ ۾ جتي بک بدحالي ۽ بدامني جنم ورتو آھي اتي قتل غارت به ڏينھون ڏينھن سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي اخبارن ۾ روز سنڌ جي ڪنھن نه ڪنھن شھر علائقي مان ڪاروڪاري ملڪيت پلاٽن جا قبضا ۽ ٻين معمولي ڳالھين تان رت ۾ ريٽا ڪنڌ ڪٺل انسان نظر ايندا جن کي ڏسي دل رت روئڻ تي ايندي آھي پر ڪجي ته دانھن ڪُوڪ ڪھڙي . ڪو قانون ڪونھي وڌندڙ خونريزي کي ڪا رنڊ روڪ ناھي ڇڙواڳي وارو ماحول جُڙيل آھي جيڪو سالن کان سنڌ ڀوڳيندي پئي اچي ۽ نتيجي ۾ لاشن جا انبار قبرستانن طرف ڀيڙا ٿيا آھن
اھڙو ئي لڱ ڪانڊرائيندڙ واقعو گذريل ڏينھن جيڪب آباد جي دوداپور واري علائقي ڇُٽل آباد ۾ پيش آيو جتي سرڪاري پلاٽ جي وارثي واري دعوي’ تان اسحاق ٻٻر ۽ علي ٿھيم واري ڌر ۾ بندوقون اڀيون ٿي ويون ۽ ڏسندي ڏسندي بيگناھ 6 انساني جانيون گولين جي بک بڻجي ويون ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي اسپتال ڀيڙا ٿيا قتل ٿيلن جو تعلق ھڪ ئي ٻٻر ڌر سان ٻڌايو پيو وڃي جنھن ۾ دائم ٻٻر خميسو ٻٻر صاحب ڏنو نصر الدين ٻٻر ۽ نصر الله ٻٻر شامل آهن اھڙي طرح ٻنهي ڌرين ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ جو سلسلو ڪيترا ڪلاڪ جاري رھيو فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا.اطلاع باوجود پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي جنهن سبب وڌيڪ رتوڇاڻ جو خدشو برقرار ھو فائرنگ سبب مارجي ويلن جا لاش ڪيترائي ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل رهيا،جڏهن ته واقعي جو بروقت اطلاع ملڻ باوجود پوليس بيهي ڌرين وچ ۾ هلندڙ فائرنگ بند ٿيڻ جو انتظار ڪندي رهي واقعي جي ٽن ڪلاڪن کانپوءِ پوليس ٻنهي ڌرين جي چڱن مڙسن جي مداخلت بعد ڌرين ۾ هلندڙ فائرنگ بند ڪرائي لاش تحويل ۾ ورتا جيڪي ڌار ڌار ڊاٽسن ۽ مزدا ذريعي جيڪب آباد ۽ ڳڙھي خيرو اسپتال پهچايا جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا ھيڏي وڏي ھاڃي ٿيڻ بعد به جيڪب آباد ضلعي جي انتظاميه ايس ايس پي پوليس نفري سان دوداپور علائقي ۾ ٿيندڙ خونريزي ھنڌ نه ويو ۽ ڪيترا ڪلاڪ انتظار ڪري ڌرين جي پاڻمرادو ٺاپر ٿيڻ بعد لاشن تي پھتو .
سنڌ ۾ ٿيندڙ خونريزي سببن تي سوچبو ته بنھ ننڍڙين ۽ معمولي ڳالھين تي ڪيتريون انساني جانيون ضايع ٿي وڃن ٿيون سنڌ ۾ اھڙن جھيڙن جو گھڻو سبب تعليم جو نه ھجڻ به آھي گڏو گڏ ھڪ ٻئي کي برداشت نه ڪرڻ به قبائلي تڪرارن جو وڏو سبب بڻيل آھي سنڌ ۾ قبائلي تڪرار جو گھڻو ذمو اتان جي انھن ڀوتارن ڏانھن وڃي ٿو جيڪي اڇي ڪاري جا مالڪ ھوندا آھن ۽ اھا پوليس پڻ انھن جھيڙن کي طول ڏئي پنھنجي ڪمائي ڪري ٿي .
انھن ويڙھ ڪندڙ برادرين وٽ آخر جديد ھٿيار ڪير ٿو پھچائن ظاھر آھي اھي ھٿيار پوليس ۽ اتان جي ڀوتار جي ملي ڀڳت سان انھن تائين پھچن ٿا ۽ پو انساني جانيون تباھ ٿين ٿيون ۽ پوليس جي ھوڙ پڻ گرم رھي ٿي جڏھن ته لٺ سردارن جي لٺ ۽ چٽ پڻ سلامت رھي ٿي جيڪي ويڙھ ڪندڙ ڌرين مان ھڪ ڌر کي لٺ ۽ ٻي کي چٽ ڏيکاري پنھنجي بادشاھي برقرار رکندا پيا اچن . ھاڻ ته اھا ڳالھ گجھي ناھي رھي ته وڏن ڌاڙيلن ڏوھاري ۽ خوني ماڻھن جو پوليس سان ھڪ گھرو رشتو ھوندو آھي ھي جيڪو سوشل ميڊيا جو دور آھي جتي ڌاڙيلن ۽ ڏوھارين وٽ جديد کان جديد ھٿيار آھن اتي انھن وٽ جديد فون پڻ آھن جتان اھي وقت بوقت اطلاع پڻ اچن ٿا ۽ پوليس کي ست سريون پڻ ٻڌائن ٿا .ھاڻ سوال اھو ٿو پيدا ٿي ته سردار ڀوتار قبيلائي ويڙھ ختم ڇو نٿا ڪرائن ته سنڌ ۾ ڪو اھڙو ھڪڙو سردار نٿو ملي جنھن اڄ تائين ڪنھن به قبائلي تڪرار جي خاتمي لا ڪا منٿ ميڙ ڪئي ھجي يا ڪنھن اھڙي خوني راند بند ڪرڻ لا ڪو ڪردار ادا ڪيو ھجي ڇاڪاڻ ته اھي ڀوتار ئي چاھن ٿا ته ماڻھو تتر ڀتر ھجن جھيڙا ٿين ۽ ماڻھو اسان جا غلام ھجن اسان جرڳا ڪريون سڱ چٽيون ڀرايون ۽ پاڻ ۾ ننڍين ڳالھين تي ڏھ ڏھ خون ڪندڙ ڏھيسر انھن ڀوتارن جي پيرن مان به ناھن اٿندا , ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته ڪو به ڀوتار نه چاھيندو ته اھي خوني تڪرار بند ٿين ۽ انهن جي بادشاھت ختم ٿي وڃي ,
ھن وقت سنڌ جو ماڻھو ھڪ ٻئي جي رت جو پياسو ٿي ويو آھي جنھن سبب ھڪ ٻئي جا بيگناھ ماڻھو ماري ناتلافي نقصان ڪري رھيا آھن ۽ ٻئي پاسي ڌاريا اسان جي ويڙھ ڏسي ڌاڙ دڙ اسان مٿان قابض ٿي رھيا آھن اھڙي صورتحال ۾ سنڌ جي اھل علم ۽ اھل قلم دوستن مٿان ھڪ وڏي ذميواري پئي اچي ته اھي ھن ويڙھاند کي ختم ڪرڻ لا اڳيان اچن ھڪ ڀيرو وري منٿ ميڙ قافلن وارو ٽرينڊ ھلائڻ گھرجي جنھن ۾ سنڌ جا ھزارين باشعور ماڻھو اديب شاعر صحافي ليکڪ شامل ھجن ٻي صورت ۾ سنڌ ايئن لاشن تي ماتم ڪندي رھندي ان کان پوءِ جتي به ڪو قبائلي جھيڙو ٿئي انھن ماڻھن جي مرڻ جو ڪيس اتان جي ڀوتار ۽ پوليس جي چيف مٿان داخل ٿيڻ گھرجي جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته سڄي سنڌ قبيلائي جھيڙن جي ور چڙھي ويندي ۽ لاشن ۽ سوڳواري جو سلسلو ھوندو ھر طرف روڄ راڙي کان سواءّ ٻيو ڪجھ نه ھوندو .

پهنجو تبصرو موڪليو