اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ سومر 30 جنوري تي موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 30 جنوري تي اسلام آباد ۾ اسڪول ۽ آفيسون بند رهنديون، ميونسپل ڪارپوريشن، سي ڊي اي، آئيسڪو، سوئي گئس جي آفيسن کانسواءِ سڀني ادارن ۾ موڪل هوندي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي گڏيل عرب امارتن جو صدر شيخ محمد بن زايد النهيان اسلام آباد اچي رهيو آهي، هو گهرڀاتين سان گڏ اسلام آباد ايندو ۽ کيس اسٽيٽ گيسٽ جو اعزازي پروٽوڪول ڏنو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏيل عرب امارتن جي صدر کي نور خان ايئر بيس تي توپن جي سلامي ڏني ويندي، وزيراعظم هائوس پهچڻ تي گارڊ آف آنر ڏنو ويندو، سندس اسلام آباد آمد تي سومر تي مقامي موڪل هوندي.










