دلشاد ڀُٽو
سنڌ سميت پوري ملڪ جي سياسي ، مذھبي ، قومپرست ، آزادي پسند ، جمھوريت پسند، لساني ، انقلابي پارٽين نظرياتي پارٽين مان اصولن واري سياست مڪمل طور ختم ٿي وئي ، ڪنھن بہ پارٽي وٽ ڪا بہ واضح ۽ چِٽي لائين يا پاليسي نہ آھي.ملڪ ۾ نواز شريف وزيراعظم جي ڪُرسي تان لھڻ کان پوءِ اڪيلو پاڻ کي نظرياتي سڏائي پيو.
1) ملڪ مان کاٻي ڌر ليفٽ جي سياست مڪمل طور ختم ٿي چڪي آھي.ان جي جاءِ جماعت اسلامي ۽ مذھبي پارٽين والاري آھي.جيڪي نعرا کاٻي ڌر جا سُرخا ھڻندا ھئا ،اھي ھاڻ جماعت اسلامي پئي ھڻي ۽ اڄوڪي دور ۾ جماعت اسلامي ئي آمريڪا مخالف سياست پئي ڪري ؟
(2)سُرخا وري انقلابي مان ويس مٽائي جمھوريت پسند/ اقتدار پرست ٿي ن ليگ ، گھڻائي پ پ ، عوامي نيشنل پارٽي ، بلوچستان وارا وري اسٽيبلشمينٽ ۾ شامل ٿي ويا.
(3)ماضي جون اينٽي اسٽيبلشمينٽ پارٽيون ھاڻ پرو اسٽيبلشمينٽ پارٽيون مطلب ساڄي ڌر جون سڏجن ٿيون .يا وري کاٻي ڌر ۽ ساڄي ڌر جا ٻئي ٽائٽل پاڻ وٽ رکيو ويٺيون آھن.
ڀُٽو واري غريب عوام واري پارٽي ھاڻ نہ سوشلسٽ آھي ، نہ آمريڪا مخالف ، نہ اينٽي اسٽيبلشمينٽ ۽ نہ غريب ، ھاري ، مزدور جي پارٽي آھي.
(4) آمريت جي ڪُک مان جنم وٺندڙ نواز شريف ۽ ٻيون پارٽيون ھاڻ جمھوريت جون علمبردار ٿي پيون آھن.
(5)جمھوريت جي بحالي جو راڳ آلاپيندڙ پارٽين اندر خود جمھوريت نہ آھي.خانداني موروثي سياست کي وڌيڪ مضبوط ڪيو پيو وڃي .
(6)سياسي پارٽين وٽ عوامي ڀلائي ۽ ملڪي ترقي جو ڪو پروگرام ۽ منشور نہ آھي .سموريون پارٽيون عوامي سگھ تي ڀاڙڻ بجاءَ ايمپائر جي انگلي تي ڀاڙين ٿيون.
(7)اقتدار ۾ ھجڻ باوجود سياسي پارٽيون مخالف ڌر وارا مطالبا ڪن ٿيون “اقتدار ۾ آياسين تہ پوءِ عوام لاءِ کير جون نديون وھائي ڏبيون.
(8)اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ۽ پوءِ غريب ۽ مسڪين ماڻھن جي حقن جي ڳالھ ڪبي پر عملي طور ھارين،مزردورن ۽ ھيٺين طبقي کي پيسبو .
(9)غريب ھارين، مزدورن ،جمھوريت پسندن ،عورتن ۽ شاگردن وغيره جي پارٽي سڏرائبو پر اليڪشن ۾ ٽڪيٽ جاگيردار . ڀوتار ، سرمائيدار يا ان کي ملندي جيڪو ڏوڪڙ ڏئي ،
(10)اقتدار ۾ اچي تقريرون ڪبيون تہ ڪرپشن جو خاتمو ڪبو ،انصاف فراھم ڪبو ،غريبن کي حق ڏبا ، قانون جي بالاستي قائم ڪبي پر عملي طور پاڻ اُھي ابتا ڪم ڪبا.
(11)ساڳي وقت ھڪڙا پاڻ کي آزادي پسند ۽ قومپرست سڏرائيندا.عملي طور وري تر جي وڏيري يا اليڪشن وڙھندڙ ڀوتار جي ورڪ ڪندا وتندا.
(12)جيڪي قومپرست سياست کي گار سمجھن اھي وري صف بندي يا اتحادن ۾ پاڻ وڏا قومپرست ٿيو بيھن.
(13)جيڪي پاڻکي وفاق پرست ۽ پاڪستان پرست سڏائن وقت اچڻ تي وري پاڻ قومپرستي جا چئمپين ٿيو پون.جيئن ھاڻ پير صاحب پاڳارو، غوث علي شاھ ،اياز پليجو ، مرزا وغيره.
(14)جيڪي پارلياماني سياست کي مڪمل رد ڪن،ان کي حرام سمجھن اُھي وري جماعت اسلامي ،ٻين پارلياماني سياست ڪندڙ قومپرست پارٽين جي بغل ۾ ويھن.
(14)آزادي پسند قومپرستن وٽ ڪڏھن ڪا واضح پاليسي نہ رھي آھي تہ ھُو آخر ڪھڙي طرف ويندا؟آخر سياست ڪن ڇو ٿا؟
جنھن سبب ڏھائين کان کين پوري پُني حمايت ۽ مقبوليت ملي آھي.
(15)لساني پارٽين سبب سنڌ اندر گھڻو ڪري سياست جو محور بہ لساني رھيو آھي.جڏھن ايم ڪيو ايم سنڌ جي ورھاڱي جي ڳالھ ڪري ٿي پيپلز پارٽي ۽ سموارا قومپرست گروپ وڏا قومپرست ٿي وڃن ٿا ۽ جڏھن نواز شريف جاڳ پنجابي جاڳ جو نعرو ھڻي پنجابي قومپرستي جو نعرو ھڻي ٿو سڀ قومپرست ۽ سنڌ جا عام ماڻھو قومپرستي/ لسانيت جي بنياد تي پيپلزپارٽي جي حمايت ڪن ٿا.ايم ڪيو ايم ، نواز ليگ ، مذھبي ۽ ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ پيپلزپارٽي جي چونڊ ڪن ٿا.
(16)جيڪي بہ قومپرست ، جمھوريت پسند يا انقلابي آھن .انھن وٽ نہ پارلياماني سياست جا لوازمات پورا ڪرڻ جي صلاحيت آھي ۽ نہ وري ھو سنجيده آھن
(19)پارليامينٽ ۾ موجود سياسي پارٽين جي مفاھمتي پاليسي اھڙي آھي جو خبر ئي نٿي پوي تہ حڪومت ۾ ڪير ۽ اپوزيشن ۾ ڪير آھي ؟
(20 )پارٽين اندر غير نظرياتي سياست سبب پارٽين مان ھارڊ ڪور يا ھارڊ لائنر واري سوچ وارا ماڻھو ئي ختم ٿي ويا آھن. جيڪي قيادت کي نظرئي ، اصولن ۽ منشور تي ھلڻ لاءِ پابند ڪن.
(21)پارٽين مان دانشور لڏي کي ڏوڙائي ڪڍيو ويو يا ڀڄايو ويو.
(22)ملڪ جي سياسي کچڻي ۽ غير نظرياتي سياست سبب عام دانشور کان فلسفو وسري ويو آھي يا وري ھُو فلسفو پڙھي تہ ڪنھنجي لاءِ ؟
ھاڻ ٿورو گھڻو سياسي سوچ وارا ماڻھو گھڻو ڪري ٽي وي اينڪر يا تجزيہ نگار ۽ ڪالم نگار ٿي ويا آھن . چينلن ۽ اخبارن جي ڪمرشل ڊڪٽيشن تي لکن ۽ ڳالھائن ٿا تنھن ڪري حبيب جالب ، فيض ۽ قرت العين جھڙا ماڻھو پيدا ٿيڻ بند ٿي ويا آھن.










