مرتضيٰ حسين خاصخيلي
سنڌ جي سياست تي اگر گهري نظر رکجي ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ گذريل پنجين سالن کان پنهنجا ديرا جمائي چڪي آهي سندس مدمقابل ڪو اهڙو الائنس ظاهري طور تي نظر نه ٿو اچي جيڪو سنڌ ۾ مقابلو ڪري اگر پيپلزپارٽي جي مخالفن پارٽي سنڌ اندر ڪو نئو سيٽ اجيسٽمنٽ ڪري ته ايندڙ اليڪشن پيپلزپارٽي پارٽي لاءِ اڳتي هلي ڏکيو صابت ٿي سگهي ٿو تازو سيد جمال شاھ ڄاموٽ هائوس مٽياري تي گريڊ ڊيموڪريٽ الائنس هڪ ورڪز ڪنوينشن مقرر ڪيو ويو جنهن جي صدارت جي ڊي اي اڳواڻ پير سيد صدردين شاهه ڪئي جنهن ۾ پوري سنڌ جي ڊي اي جا اڳواڻن ورڪرن ڪارڪنن شرڪت ڪئي ان دوران سيد امداد شاهه ڄاموٽ باقاعده جي ڊي اي ۾ شموليت اختيار ڪئي صحافي جي سوال پير صدردين شاهه جو هڪ دلچسپ بيان هيو پاڻ فرمايائون ته مخدوم پنهنجا آهن جنهن وقت سڏينداسين هليا ايندا مخدوم خاندان هڪ وڏو گھراڻو آهي جنھن جي عزت اسان سڀني کي ڪرڻ گهرجي ۽ موجوده وقت ۾ پيپلزپارٽي پورو پورو ڌيان مرڪز تي ڏئي رهي آهي سنڌ ۾ گهٽ طاقت لڳائي رهي آهي ان کي اهيا پڪ آهي ته اسان گذريل اليڪشن جيان هن وقت به سنڌ ۾ مضبوط آهيون پر موجوده سال قيامت خيز ٻوڏ منظر ڪيترن جي سنڌ حڪومت واهر ڪئي پر ڪيترائي ماڻهو ناراض ٿي پارٽي کان پاسيرا پڻ ٿي ويا آهن ايندڙ اليڪشن آگر پيپلزپارٽي مخالف اتحاد متبادل طور منظم مضبوط طاقت ٿي اڀريو ته پيپلزپارٽي کي پنهنجا پير پڪا ڪرڻا لازمي پوندا ته جئين پيپلزپارٽي پنهنجي ديرو سنڌ اندر برقرار رکي پر وقت کي ڏسجي پيو ٿو ته هاڻ سنڌ اندر ڪا نئي ھوا هلي پئي پر ان رخ ڪهڙي پاسي به مڙي اگر جهڙي پاسي جو جھڪو هليو اهو پاسو سرسي ۾ هوندو ۽ اليڪشن ته وقت تي نظر اچي پئي بس ٿورو انتظار ضرور ڪجي باقي وقت ٻڌائي پيو ته اليڪشن مختلف هوندي نوان چهرن جو ڏسڻ ۾ ايندا جيڪي پنهنجو اسمبلي فلور تي آواز بلند ڪندا.










