تباه ڪن برساتن ۾ حڪمرانن جون گمشدگيون عوام کي سوچڻ گهرجي

محمد خالد ميمڻ
حاليه تباه ڪن برساتن سنڌ ۽ بلوچستان کي مڪمل طور صفا ٻوڙي ڇڏيو هنن برسات ۾ تقريبن هر ماڻھو متاثر ٿيو آهي پوء ڪو وڌيڪ ته ڪو گهٽ هنن مسلسل پيل برساتن سبب ڪچا گهر ته مڪمل طور ڊهي پٽ پئجي ويا آهن جڏهن ته پڪا گهر به ستر سيڪڙو هنڌان هنڏان ٽٽا ۽ وسيا آهن ۽ ماڻھن جا ڪاهيل بلڪه صفا تيار فصل جن ۾ ووئنئڻ,تر,ساريون,ڀاڄيون به نوي سيڪڙو ختم ٿي ويون آهن برسات دوران يان برسات وسڻ کان پوء برسات کي ٻن کان اڍائي مهينا عرصو گذرڻ بعد به بدقسمتي سان ڪٿي به سرڪار نظر ناهي آئي مان خاص طور سنڌ سرڪار جي ڳالھ ڪندس ته سنڌ سرڪار برسات متاثرين کي صفا بي يارومددگار ڇڏي ڏيڻ ۾ ڪابه قصر ناهي ڇڏي ڪٿي به سنڌ حڪومت ۽ سندس نمائنده ايم پي ايز,ايم اين ايز,ميونسپل,ٽائون,يوسي چيئرمينن,ڪائونسلرن باقائدي عوام جي سار ناهي لڌي برسات بعد اها مخلوق ائين غائب ٿي وئي جيئن هن ڌرتي تان ڊائنوسار جو نسل ختم ٿي ويو هيو ۽ برساتن سبب جڏهن عوام جا گهر پٽ پئجي ويا هيا ۽ سندن روزگار ختم ٿي ويو هيو ان وقت عوام کي پنهنجي گهرن مان محفوظ جاين تي منتقل ڪرڻ يان کين اتي ئي رهڻ لاء خيمن جي ۽ کائڻ لاء راشن جي سخت ضرورت هئي پر سرڪار ۽ سرڪار جا نمائنده لڪي ويا ۽ عوام پاڻ مرادو هڪٻئي جي مدد ڪري گهرن مان جانيون بچائي محفوظ هنڌن تي پهتا ۽ لوڪل ماڻھن سماجي تنظيمن انهن جي پنهنجي وت ۽ وس آهر مدد ڪندي کين ماني ڳڀو پهچايو جنهن بعد سنڌسرڪار وفاقي سرڪار ملي ڪري عوام جي اهنجن ۾ اڃان به اضافو ڪندي مختلف هنڌن تان ڪٽ ڏياري سڄي سنڌ کي صفا درياء ڪري ڇڏيو ۽ ڪٿي به سڪل زمين جو ٽڪرو نه ڇڏيو ان وچ ۾ ڪيترائي حادثا ٿيا ۽ عوام برساتي پاڻي ۾ ٻڏندا مرندا رهيا پر سرڪار کي عوام تي ڪابه ڪهل نه آئي ڇوته سرڪار کي عالمي امداد واسطي سڄي سنڌ کي پاڻي پاڻي ڪرڻو هيو جيڪو هنن ڀرپور طريقي سان ڪيو ۽ ائين عالمي امداد به ورتي پر اها مليل عالمي امداد هن مهل تائين به ڪٿي نظر نه پئي اچي ۽ هاڻي موسميات جا ماهر ٻڌائين ٿا ته آئنده ڏهن سالن تائين هرسال اهڙيون برساتون وسڻ جا امڪان آهن ۽ اگر واقعي به موسميات کاتي جي اها پيشنگوئي صحيح ثابت ٿي ته پوء مان سمجهان ٿو ته جهڙي حالت هن سال برسات عوام جي ڪئي آهي ۽ سنڌ جو عوام صفا برباد ٿي ويو آهي ته اڳتي باقي ڇا بچندو ۽ سنڌ سرڪار جو جيڪو هنن برساتن ۾ ڪردار رهيو آهي اها اڳتي ڪهڙو سنڌ جي عوام جي سار لهندي ان ڪري سنڌ جي عوام کي راشن ٽينٽن کي ڇڏي پنهنجا عوامي نمائنده اهڙا چونڊڻ گهرجن جيڪي سندن ڏکي ويل مدد ڪن ته جيئن اڳتي ايندڙ برساتن ۾ سندن جي ڪو سار لهي ۽ هرسال اهڙين برساتن پوڻ تي برساتن کي منهن ڏيڻ جي لاء ڪا بهتر حڪمت عملي تيار ڪري ۽ ائين هن سال وارين برساتن وانگر کين بي يارومددگار نه ڇڏي ان لاء سنڌ واسين کي ٿورو سوچڻ گهرجي ۽ ايندڙ سال اليڪشن جو سال آهي ان لاء سوچي سمجهي اهڙن هڏڏوکي همدرد اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن نه ته اگر ساڳين اميدوارن ساڳين پارٽين کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندئو ته پوء اوهان جو جيڪو حشر ٿيندو اهو اوهان بهتر نموني سان سمجهي سگهو ٿا#

پهنجو تبصرو موڪليو