اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريمڪورٽ آف پاڪستان پاران شاهزيب قتل ڪيس جي جوادبار شاهه رخ جتوئي سميت ٻين جوابدارن کي بري ڪرڻ جي فيصلي تي سياستدانن چيو ته شاهه رخ جتوئي به آزاد، ڪوئي امير ۽ طاقتور بچيو ته ناهي جيل ۾ اسد عمر هن ڪيس جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي پنهنجي ٽوئٽ ۾ لکيو ته شاهه رخ جتوئي به آزاد ڪوئي امير يا طاقتور بچيو ته ناهي قيد ۾ فواد چوڌري به پنهنجي ٽوئٽ ۾ هن فيصيلي تي مايوسي ظاهر ڪندي چيو ته هن فيصلي سان وڏيرا شاهي مضبوط ۽ عدالتي نظام وڌيڪ ڪمزور ٿيندو ٻئي پاسي (ن) ليگ جي اڳواڻ حنا پرويز بٽ چيو ته شاهزيب قتل ڪيس جي فيصلي گهڻو مايوس ڪيو (ن) ليگ جي اڳواڻ آصف ڪرماني چيو ته شاهزيب قتل ڪيس جي وابدارن جي بريت سان معاشري ۾ ناڪاري پيغام ويو آهي پاڪستان ۾ بااثر ۽ ان جي اولادن کي لائسنس ٽو ڪل جي سهولت سولائي سان دستياب آهي. اهڙا واقعا ۽ حالتون معاشري ۾ لاقانونيت کي هٿي وٺرائڻ جو سبب بڻجن ٿا.










