ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي آئي اي جو هڪ ٻيو فلائٽ اسٽورڊ ٽورنٽو مان ڳجهي نموني گم ٿي ويو تفصيل مطابق اعجازعلي شاهه اڏام پي ڪي 681 ۾ ڪينيڊا پهتو هو جتان ان کي 16 آڪٽوبر تي اڏام تي اسلام آباد واپس روانو ٿيڻو هو پي آئي اي انتظاميه جو چوڻ آهي ته فلائٽ اسٽيورڊ جي ڊيوٽي تي نه پهچڻ تي ڪينيڊا جي بارڊر سيڪيورٽي فورس کي اطلاع ڪيو ويو آهي انتظاميه چيو ته فضائي ميزبان جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.










