پشاور ( ويب ڊيسڪ ) جمعيت علماءِ اسلام ( ف ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت کي سازش تحت نه ڪيرايو ويو پر کيس سازش تحت اقتدار ۾ آندو ويو هو ۽ هاڻ هو ٻيهر اقتدار ۾ نٿو اچي سگهي.ميلا منڊي تخت ڀائي ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان عمران خان تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيوته اسان کيس اقتدار مان ڪڍيو آهي، عمران خان جي ملڪ دشمن ايجنڊا ڪڏهن به پوري نه ٿيندي اسان جو واسطو عجيب انسان سان پيو آهي جيڪو نوَ تڪن مان چونڊ وڙهي رهيو آهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ پاڪستان معاشي ڏيوالي جي چائنٺ تي اچي رسيو هو، رياست داءُ تي لڳل هئي پر اسان ملڪ بچايو.هن چيو کيس اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ سازش ڪئي وئي هئي هٽائڻ لاءِ نه.مولانا فضل الرحمان چيو ته هو آمريڪا جي مدد سان اقتدار ۾ آيو جنهن لاءِ اسرائيل ۽ ڀارت فنڊنگ ڪئي، اليڪشن ڪميشن ۾ عمران خان جي چوري ظاهر ٿي، هن ملڪ کي آءِ ايم ايف هٿان وڪرو ڪري ڇڏيو.جي يو آءِ سربراهه چيو ته عمران خان آمريڪا جي چوڻ تي سي پيڪ رٿا ناڪام بڻائي، هو آمريڪي ايجنٽ آهي، سندس خلاف آمريڪا ڇو سازش ڪندو، اسان تي تنقيد ڪرڻ بدران عمران خان پنهنجو پاڻ کي ڏسي وٺي، حيرت آهي ته پختون ڪيئن اهڙي شخص جي پارٽي ۾ شامل آهن.










