سشما سوراج جو دم ڌڻي حوالي، مودي، ڪانگريس ۽ دنيا پاران افسوس

نئين دلي(م ڊ) هندوستان جي اڳوڻي پرڏيهي وزير سشما سوراج دل جو دوري سبب فوت ٿي وئي. مودي سرڪار جي پوئين دور ۾ اسٽار منسٽر سڏجندڙ سشما جي 2019 جي چونڊ به صحت جي خرابي سبب ڪون وڙهي هئي. ڀارتي وزيراعظم نريندرا مودي چيو آهي ته سندس لاڏاڻو منهنجو ذاتي نقصان آهي. اپوزيشن جي ڪانگريس پارٽي پاران پڻ سندس وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وزير فواد چوڌري جنهن سان سندس ٺيڪ ٺاڪ جملي بازي ٿي هئي، تنهن به سخت رنج ۽ غم جو اظهار ڪيو آهي. انڊين ميڊيا مطابق سندس صحت خراب هئڻ سبب مودي جي وزير خارجه جو عهدو شنڪرجي کي ڏنو هو. جڏهن ته ڪجهه ميڊيا رپورٽس مطابق مودي سرڪار سان ناراضگي سبب هوءَ ڏک ۾ ڪنارا ڪشي ڪري وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو