سرڪار صلي الله عليه وآله وسلم جي آمد مرحبا، مرحبا مرحبا

عبد الفتاح عباسي
الله رب العالمين عزوجل جا ڪروڙها ڪروڙ بيشمار احسانات جو انهيءَ اسانکي اهڙي آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جو امتي بڻايو آهي. جنهن جي لاءِ تمام انبياءَ ڪرام، رسولن،پيغمبرن امتي ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪندي فخر محسوس ڪيو ۽ انهيءَ عظيم هستيءَ جي پوئلڳي ۾ پنهنجي دائمي عافيت سمجهندي هر وقت درود و سلام جي ڪثرت ڪري الله جو راضپو حاصل ڪيو. هونئن ته پوري دنيا ۾ هر هنڌ تي بيشمار انسان ته انسان پر پرنده چرندا، وڻ ٽڻ ، گل ٻوٽا، هر خشڪ و تر الله عزوجل جي پياري حبيب رئوف رحيم حضور سراپا نور صلي الله عليه وسلم جي نعت خواني ڪرڻ لاءِ مختلف انداز ۾ ثنا خواني ڪندا رهن ٿا. هيءَ دنيا جي واحد هڪ اهڙي عظيم هستي ۽ ذات پاڪ آهي جنهن لاءِ جيڪڏهن پوري دنيا جا وڻ قلم ڪري ۽ پوري جهان جا سمنڊ مس ڪري سرڪار دو عالم ﷺ جي ساراهه، واکاڻ، تعريف ۽ توصيف ۾ لکيا وڃن تڏهن به انهيءَ عظيم ذات پاڪ جي عظمت شان اقدس جو ڪاٿو نٿو ڪري سگهجي.انهيءَ عظيم هستي جي پاڪيزه ذات مبارڪه ۾ بيشمار الله تعاليٰ معجزات رکيا آهن ۽ خدا تعاليٰ پنهنجي پياري حبيب ڪريم ﷺ جي ولادت باسعادت کان اڳ ۾ ۽ بعد ۾ ۽ پردي مٽائڻ بعد جا بيشمار معجزات ظاهر ٿيا.انهيءَ عظمت جي سمنڊ مان هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪندي سنڌ جي عالمن، بزرگن ، درويشن، صوفين، الله لوڪ هستين جشن عيد ميلادالنبي ﷺ ملهائڻ لاءِ پنهنجي اسلاف جي نقش قدم تي هلندي اسلامي تاريخ جي هڪ اهم ۽ مکيه خوشي ٻين عيدين جي ڏهاڙي جيان ملهائڻ ثابت آهي 12 ربيع النور معنيٰ 12 ربيع الاول اها عيد سعيد آهي جنهن جي ڪري ئي اسان توهان کي عيد الفطر ۽ عيد الاضحيٰ به ملي آهي نه ته ڪا به خوشي ۽ ڪا به عيد نه هجي ها جيڪڏهن اسان جا پيارا آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ دنيا ۾ نه هجن ها ته ڇا دنيا جهان جون بيشمار الله رب العالمين جون ڏنل نعمتون نصيب ٿين ها ؟ .وڏي ۾ نعمت خدا وند ڪريم جي اها آهي ته اسين مومن مسلمان ٿياسين ڪلمي پڙهڻ بعد امتي ٿيڻ جي نعمت ملي، انهيءَ کانپوءِ پنهجي محسن آقا و مولا حضور سراپا نور ﷺ جي عشاقن رسول ۾ نالو جي سعادت نصيب ٿي ۽ هر جاءِ جهر جهنگ، برپٽ بيان ، نگر نگر ، وستي وستي مقصد ته جتي به هجون اتي پنهنجي مٺڙي آقا مرسل مهربان ، مدني منٺار مدني لڄپال حضور سراپا نور ﷺ مٿان درود و سلام پڙهڻ وارن جي سعادت حاصل ڪندڙن وارا بڻاسين. الله جي رضا ۽ مديني واري مير حضور عليه الصلوات والسلام جي مٿان درود پڙهڻ جا بيشمار فضائل آهن، سائين ڪريمن ﷺ جن جو فرمانِ عاليشان آهي جنهن جو مفهوم آهي ته “ جنهن به مون تي هڪ دفعو درود سلام پڙهيو ، الله تعاليٰ انهيءَ جا 10 گناهه مٽائيندو، 10 درجا بلند ٿيندس، 10 نامه اعمال ۾ نيڪيون لکيون وينديون ۽ وڏي ۾ وڏي مهرباني ۽ ڪرم نوازي اها ٿيندي ته سائين ڪريمن ﷺ جي ديدار جي سعادت نصيب ٿيندي. الحمدلله ! سنڌ دنيا ۾ هڪ اهڙو خطو سرزمين آهي جنهن جا رهواسي سنڌي پنهنجي وڏڙن جي ٻڌايل واٽ تي هميشه گامزن رهندي مديني واري شهنشاهه حضور عليه الصلوات والسلام جي عظيم ۽ شاندار اسلام لاءِ بي انداز قرباني ڏيندڙ صحابه ڪرام حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه،حضرت سيدنا عمر فاروق اعظم رضي الله تعاليٰ عنه،حضرت سيدنا عثمان غني ذوالنورين رضي الله تعاليٰ عنه، حضرت سيدنا علي المرتضيٰ شير خدا رضي الله تعاليٰ عنه هي اهي سرڪار مدينه ﷺ جا جانثار صحابه ڪرام آهن جن جي بدولت اسلام جو پاڪيزه پيغام دنيا جي هر پاسي ملڪان ملڪ باقي آهي. حقيقتِ اسلام انهن ئي نفوسه قدسيه جي ڪوششين ۽ ڪاوشن جو ثمر آهي.
محمد ﷺ ڪي محبت دينِ حق ڪي شرط اول هي،
اسِي مين هو اگر خامي تو سڀ ڪڇ نامڪمل هي.

وَمَاارسَلناڪَ اِلارَحمَت لِلعٰلَمِينَ.
(پ 17 الانبياءِ 107)
ترجموڪنزالايمان ؛” ۽ بيشڪ توکي نه موڪليو پر رحمت سموري جهان جي واسطي “.

الحمدلله ! ربيع النور شريف جو مهينو ته ڇا ايندو آهي هر طرف بهار جي موسم اچي ويندي آهي.مٺڙي مڪي مدني مصطفيٰ رحمت عالميان ﷺ جي ديوانن ۾ خوشي جي لهر اچي ويندي آهي.پوڙهو هجي يا جوان هر حقيقي مسلمان ڄڻ دل جي زبان سان پڪاري اٿندو آهي.
الله ڪي سر تابقدم شان هين يه،
ان سا نهين انسان وه انسان هين يه،
قرآن تو ايمان بتاتا هي انهين،
ايمان يه ڪهتا هي ميري جان هين يه.
انهيءَ لاءِ ئي مسلمان عاشقان رسول الله ﷺ جي عظيم پيشوا، اعليٰ حضرت، امام اهلسنت امام احمد رضا خان فاضل بريلوي رحمت الله عليه پنهنجي دل جي ترجماني هن ريت ڪندي فرمائين ٿا ته ” جان و دل هوش و خرد سڀ تو مديني گئي،
تم نهين چلتي ”رضا“ سارا تو سامان گيا.
دل هي وه دل جو تيري ياد سي معمور رها،
سر هي وه سر جو تيري قدمون په قربان گيا.
جشن ولادت واري سخي لڄپال ، مدني منٺار آقاءِ دوجهان حضرت محمد مصطفيٰ ڪريم ﷺ جي محبت جي لگن ۽ عشق جي عظيم سُتي جيڪڏهن ڪنهن کي ڏسڻي هجي ته پوءِ اهي اولياءَ الله ، ڪاملين، درويشن ، صوفين، مجذوب ۽ الله لوڪ هستين پير سائين سورهيه بادشاهه رحمت الله عليه (پير جو ڳوٺ) ، حضرت سرور نوح رحمت الله عليه (هالا وارا ) ، حضرت محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين رحمت الله عليه ( لاڙڪاڻو ) ۽ سلسله عاليه نقشبنديه مجدديه ۾ دور حاضر ۾ ڪامل بزرگ هستي صاحب ولايت، شريعت و طريقت ۽ عشق رسول الله ﷺ جي عظيم نعمت کي عام ڪندڙ دنيا اسلام جا عظيم پيشوا قبله سائين حضرت الحاج سيد سادات، سيد غلام حسين شاهه بخاري غفاري دامت برڪاتهم العاليه 5 مئي 1935ع ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڊٻ چانڊيو ميروخان تعلقي(ضلع قمبر شهداد ڪوٽ) ۾ ولادت شريف ڪامل بزرگ هستي سيد گل محمد شاهه بخاري رحمت الله عليه جي گهر ۾ ٿي.جيڪي پاڻ صاحب ولايت ۽ متقي پرهيز گار شريعت جا پابند ۽ عشق يارسول الله ﷺ جي جام کي عام ڪندڙ عظيم هستين مان هڪ هستي هئا.
هم مين هين موجود هر پل ڪي خبر رکهتي هين، يهان سي جاڪي بهي وه زير زمين نظر رکهتي هين .

ٻڌايو وڃي ٿو ته قبله سائين گل محمد شاهه بخاري جن کي ڪافي وقت اولاد نه پئي ٿي جنهن تي هڪ درويش ڪامل بزرگ جيڪي اڪثر مراقبي ۾ رهندا هئا. انهن بشارت ڏني ته صالح پٽڙي جي اولاد ٿيندي ۽ ساڄي پاسي کان تر جو نشان هوندو ۽ الله پاڪ جي حڪم سان بزرگ هستي جي دعا سان قمبر واري سائين جن جي ولادت باسعادت ٿي.
عقل والون ڪي نصيبون مين ڪهان ذوق جنون ، عشق والي هين جو هر چيز لٽا ديتي هين.
ان ڪا سايه ايڪ تجلي ان ڪا نقش پا چراغ،
وه جدهر گذري ادهر روشني هوگئي.
حضرت سيدنا عباس رضي الله عنه فرمائي ٿو ته ” هڪ ڏينهن مون حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي خدمت اقدس ۾ عرض ڪيو ته مون حضورسائين جي ننڍپڻ ۾ هڪ ڳالهه ڏٺي هئي ،جا اوهان جي نبوت تي دلالت ڪري رهي هئي۽ منهنجي مسلمان ٿيڻ ۾ انهي کي وڏو دخل آهي ۽ اها ڳالهه آهي ” مون اوهان کي ڏٺو ته پينگهي ۾ چنڊ سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا۽ جنهن طرف اوهان آنڱر جو اشارو ڪيو ٿي چنڊ به انهيءَ طرف ويو ٿي.“ حضور صلي الله عليه وسلم فرمايو ته آئون چنڊ سان ڳالهيون ڪندو هوس، هو مون سان ڳالهيون ڪندو هو ۽ مون کي روئڻ کان ريجهائيندو هو ۽ آئون ان جي لهڻ جو آواز ٻڌندو هوس،جڏهن هو عرش الاهو جي هيٺان سجدو ڪندو هو“.حضرت انس بن مالڪ رضي الله عنه فرمايو ته مون آخري ڀيرو حضور صلي الله عليه وسلم ڏانهن نظر ڪئي جو سومر جي ڏينهن دروازي تان پردو کولي ڇڏيائون پوءِ مون حضور پر نور صلي الله عليه وسلم جن جي نوراني منهن چهري مبارڪ ڏانهن ڏٺو ” ڄڻ ته قرآن شريف جو ورق آهي.“ حديث پاڪ ۾ حضرت انس بن مالڪ رضي الله عنه روايت ڪن ٿا ته حضور صلي الله عليه وسلم جن ارشاد فرمايو ته بارگاهه ربيءَ ۾ ٻه ٻانها بيهاريا ويندا. انهن کي الله تعالي! جنت ۾ داخل ڪرڻ جو حڪم فرمائيندو.هي ٻئي ٻانها عرض ڪندا يا الله ڪهڙي شيءِ اسان کي جنت جي لائق ڪيو آهي ؟ حالانڪ اسان ڪو به نيڪ عمل ڪو نه ڪيو آهي ،فقط تنهنجي رحمت سان جنت جا اميدوار هئاسون تنهن تي الله عزوجل فرمائيندو ” توهان جنت ۾ داخل ٿي وڃو انهيءَ جي لاءِ مون کي پنهنجي ذات جو قسم آهي جو مون پاڻ تي لازم ڪيو آهي ته جنهن جو نالو ”احمد“ يا ” محمد“ آهي ان کي جهنم جي باهه ۾ نه وجهندس.
ابد کان ازل تائين اهو واضع آهي ته يارسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي محبت ئي الله جي خوشنودي جو واحد ذريعو آهي.الله سائين جنهن تي راضي ٿئي ٿو ته ان کي پنهنجي محبوب سرڪار مدينه صلي الله عليه وسلم جي بي انتها محبت عشق عطا ڪري ٿو.اهو محبت عشق وارو جام جن جن ماڻهن کي نصيب ٿي وڃي ٿو اهي لازوال نعمتن جا حقدار بڻجي وڃن ٿا.الله جي رضا جا طالب ئي الله جي محبوب آقاءِ دو جهان رحمت عالميان حضور سراپا نور صلي الله عليه وسلم سان بي انتها محبت ڪندي پنهنجي تن،من۽ ڌن قربان ڪري حقيقي زندگي جو لطف حاصل ڪن ٿا ۽ اهي خوش نصيب ماڻهو ئي ايمان جي ڪامل درجي تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا.
ساري جڳ ۾ جانب لاءِ جنسار ٿي ويا،
محمد ﷺ اچي ويو ٻيڙا پار ٿي ويا.
شاعرن جي سر تاج حضرت شاهه عبد اللطيف ڀٽائي پنهنجي شعر ۾ چيو آهي ته ،
طالب ڪثر سونهن اي روميءَ جي رهاڻ ،
پهريون وڃائڻ پاڻ پسڻ پوءِ پرين جو.
ام المو منين حضرت بيبي عائشه صديقه رضي الله عنها حضور صلي الله عليه وسلم کان ۽ حضور سائين جن وري جبريل عليه السلام کان روايت ڪئي آهي ته جبريل عليه السلام چيو ته ”آئون مشرق ۽مغرب ڦريو آهيان پر ڪو به شخص حضرت محمد مصطفي! ڱان وڌيڪ افضل ڪو نه ڏٺم ۽ ڪو به قبيلو بني هاشم کان وڌيڪ افضل ڪو نه ڏٺم.“حضرت ابو هريره رضي الله عنه فرمائي ٿو ته مون حضور صلي الله عليه وسلم کان وڌيڪ ڪا به شيءِ حسين و جميل ڪا نه ڏٺي ڄڻ ته حضور پر نور صلي الله عليه وسلم جي نوراني منهن مبارڪ ۾ سج هلي رهيو آهي.۽ مون ڪو به شخص حضُور صلي الله عليه وسلم لاءِ زمين ويڙهجي رهي آهي .اسان پنهنجي جان کي هلڻ سان تڪليف ۾ وجهندا هئاسون ۽ حضور صلي الله عليه وسلم ڪا به پرواهه نه ڪندا هئا. هڪ حديث پاڪ ۾ حضرت انس بن مالڪ رضي الله عنه فرمائي ٿو ته ” مون حضور صلي الله عليه وسلم کي ارشاد فرمائيندي ٻڌو پاڻ فرمايائون ته توهان مان ڪو به شخص تيستائين ڪامل مومن ٿي نٿو سگهي جيستائين مون کي پنهنجي پيءُ اولاد ۽ سڀني ماڻهن کان وڌيڪ پيارو نه سمجهندو.“حضرت فضل بن عباس رضي الله عنه فر مائي ٿو ته جڏهن حضور پر نور حيات النبي صلي الله عليه وسلم کي قبر انور ۾ رکيو ويو ته مون آخري ديدار جي ارادي سا سندن نوراني منهن مبارڪ جي زيارت ڪئي .جڏهن مون ڏٺو ته سندن چپ مبارڪ چري رهيا هئا ! ته مون پنهنجي ڪنن کي ويجهو ڪري ٻڌم ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم فرمائي رهيا هئا ” اللهم اغفر الامتي “ اي الله ! منهنجي امت کي بخش.“ مون هي ڳالهه سڀني حاضرين کي ٻڌائي ته ايتري قدر امت تي شفقت ڏسي سڀئي عجب ۾ پئجي ويا.“ محمد ڪي محبت دين حق ڪي شرط اول هي ، اسي مين هو اگر خامي تو سڀ ڪجهه نا مڪمل هي.
هراهو شخص جنهن کي الله پاڪ ايما ۽ عقل فهم جي دولت سان نوازيو آهي اهو يقين سان ڄاڻي ٿو ته محبت يا رسول الله صلي الله عليه وسلم ايمان جو روح آهي.انهيءَ لاء قرآن پاڪ ۾ الله پاڪ فرمايو آهي ته ” قل ان ڪنتم تحبون الله يحببڪم الله “ ترجمومفهوم منهنجا حبيب توهان فرمايو ته اي انسانو، جيڪڏهن توهان الله پاڪ سان محبت رکو ٿا ته منهنجي اتباع ڪريو، پوءِ الله به توهان سا محبت ڪندو.“ترجمو مفهوم. اي نبي بيشڪ اسان توهان کي موڪليو شاهد و مبشرو نذير بڻائي.جيئن اي انسانو توهان الله ۽ انجي رسول تي ايمان آڻيو ۽ رسول جي تعظيم و توقير ڪريو ۽ صبح ۽ شام الله جي پاڪي ڪيو.ِثابت ٿيو ته حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي تعظيم،توقير عين ايمان بلڪ روح ايمان آهي ۽ هن پر فتن دور ۾ جڏهن ماڻهن جي دلين مان حضور سيد عالم صلي الله عليه وسلم جي محبت ،عظمت نڪرندي پئي وڃي ته نهايت ضروري ۽ لازم آهي ته مسلمانن جي دلين قلوب ۾ سائين ڪريمن صلي الله عليه وسلم جي سچي عقيدت، محبت ۽ عزت و عظمت پيدا ڪئي وڃي.ترجمو.. ذڪر انبياءَ عبادت آهي ۽ ذڪر صالحين ڪفاره ڇوٽڪارو آهي.جڏهن انبياءَ ۽ اوليا ڪرام جو ذڪر عبادت ۽ گناهن کان ڇوٽڪارو آهي ته پوءِ حضور سيد الانبياءَ و المرسلين حبيب رب العالمين حضرت محمد مصطفي! صلي الله عليه وآله وسلم جو ذڪر ڪيڏي وڏي درجي جي عبادت ۽ باعث رحمت برڪت ۽ گناهن کان ڇو ٽڪاري جو سبب هوندو .آقا مدني لڄپال، مدني منٺار صلي الله عليه وسلم جو ذڪر مبارڪ سرمايه ايمان ۽ تسڪين دل و جان آهي.
نثار تيري چهل پهل پر هزار عيدين ربيع الاول،
سوائي ابليس ڪي جهان مين سڀهي تو خوشيان منارهي هين.
.ٻارهين ربيع الاول مسلمانن لاءِ عيدين جي به عيدآهي يقينن حضور سيد عالم صلي الله عليه وسلم دنيا ۾ بحر ۽ بر جا بادشاهه بڻجي جلوه گر نه ٿيا هجن ها ته نه ڪا عيد عيد هجي ها نه ڪا رات شب برات بلڪ ڪائنات جي سڄي رونق ۽ شانان جان جهان ، رحمت عالميان ،محبوب رحمان صلي الله عليه وسلم جي قدمن جي مٽي جو صدقو آهي.جڏهن ابو لهب مري ويو ته ان جي ڪجهه گهر ڀاتين کيس خواب ۾ بري حال ۾ ڏٺو پڇا ڪئي ، ڇا مليو ؟ چيائين ، توهان کان جدا ٿي مون کي ڪو خير نصيب ناهي ٿيو پوءِ پنهنجي آڱوٺي جي هيٺان موجود سوراخ ڏانهن اشارو ڪندي چوڻ لڳو ، سواءِ هن جي جو مون کي هن مان پاڻي پياريو ويندو آهي ڇو ته مون ثو يبه ٻانهيءَ کي آزاد ڪيو هو . هن رويت جي تحت سيدنا عبد الحق محدث دهلوي رحمت الله عليه فرمائن ٿا .هن واقعي ۾ميلاد شريف وارن لاءِ وڏو دليل آهي جيڪي تاجدار رسالت محبوب ڪبريا صلي الله عليه وسلم جي ولادت واري رات خوشيون ملهائيندا آهن ۽ مال خرچ ڪندا آهن يعني ابو لهب جيڪو ڪافر هو جڏهن اهو تاجدار نبوت صلي الله عليه وسلم جي ولادت جي خبر ٻڌي خوش ٿيڻ ۽ پنهنجي ٻانهي ( ثويبه) کي کير پيارڻ سبب آزاد ڪرڻ جو بدلو ڏنو ويو ته ان مسلمان جو ڇا حال هوندو جيڪو محبت ۽ خوشين سان ڀريل آهي ۽ مال خرچ ڪري رهيو آهي پر هي ضروري آهي ته ميلاد شريف جي محفل گانن باجن ۽ موسيقيءَ جي آوازن کان پاڪ هجي.هڪ عالم صاحب فرمائن ٿا ته الحمد لله مون کي خواب ۾ تاجدار رسالت شهنشاهه نبوت صلي الله عليه وسلم جي زيارت ٿي ته مون عرض ڪيو، يا رسول الله صلي الله عليه وسلم ڇا توهان کي مسلمانن جو هر سال توهان جي ولادت مبارڪ جون خوشيون ملهائڻ پسند آهي؟ ارشاد فرمايائون ،جيڪو اسان کان خوش ٿيندو آهي اسان به ان کان خوش ٿيندا آهيون.
وه جو نه تهي تو ڪڇهه نه تها وه جو نه هون تو ڪڇهه نه هو،
جان هين وه جهان ڪي جان هي تو جهان هي.
آمد سرڪار ﷺ سي ظلمت هوئي ڪافور هي ،
ڪيا زمين، ڪيا آسمان هر سمت ڇايا نور هي.

پهنجو تبصرو موڪليو