سياست جي آڙ ۾ پي ٽي آئي جا ٽارگيٽ….. !

شرجيل انعام ميمڻ
وزير اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ، سنڌ حڪومت
هن وقت پاڪستان انتهائي سنگين صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. برساتن ۽ ٻوڏ ملڪ ۾ وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي. اڳ ۾ ئي بحران جو شڪار معيشت وڌيڪ دٻاء هيٺ اچي وئي آهي. تيزي سان بدلجندڙ علائقائي ۽ عالمي صورتحال سبب پاڪستان کي پيچيده سيڪيورٽي مسئلن جي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو ته ملڪ اندروني استحڪام لاءِ وڌندڙ خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي. انھن حالتن جي ڪري فڪرمندن سمورن حلقن لاءِ اڄ جو اهم سوال اهو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه ۽ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان سياست جي نالي تي ڇا ڪري رهيو آهي؟عمران خان پنهنجي پروپيگنڊا مهم ذريعي دنيا کي ھي پيغام ڏئي رهيو آهي ته پاڪستان کي امداد ناھي ڏيڻي، انهن کي اها خبر ئي ناهي ته ٻوڏ سٽيل لکين انسانن جا مسئلا ۽ تڪليفون ڇا آهن ۽ اھي ڪھڙي صورتحال مان گذري رهيا آهن ؟ پي ٽي آئي جي اهڙي پروپيگنڊا سان متاثر ٿيل ماڻهن ۽ پاڪستان کي ڪهڙو نقصان ٿي سگهي ٿو؟ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سميت مختلف ملڪن ۽ عالمي ادارن جا سمورا اڳواڻ ۽ وفد ھن آفت جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان آيا، سندن چوڻ آهي ته هنن پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙي آفت نه ڏٺي آهي. هن جو اهو به چوڻ آهي ته ان وڏي آفت کي منهن ڏيڻ رڳو پاڪستان جي وس ۾ ناهي.سڄي دنيا کي اڳتي اچي پاڪستان جي مدد ڪرڻ گهرجي پر پي ٽي آءِ جو سوشل ميڊيا ”رسپوٽين“ جعلي وڊيوز ٺاهي وائرل ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ دنيا کي باور ڪرايو پيو وڃي ته پاڪستان کي امداد نه ڏني وڃي .کين خبر آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ھر طرف ڏکوئيندڙ ڪهاڻيون پکڙيل آهن ۽ انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي. متاثرين کي پناهه گاهن، خوراڪ ۽ دوائن جي سخت ضرورت آهي ۽ انهن جي ٻيھر بحاليءَ لاءِ ڪافي وسيلن جي ضرورت پوندي. جيتوڻيڪ هي سياست جو وقت ناهي، قوم کي سوچڻ گهرجي ته هن ڏکئي وقت ۾ پي ٽي آءِ ڪهڙي سياست ڪري رهي آهي . ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ افسوسناڪ ۽ قابل مذمت واقعو پيش آيو. پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ جي پنجاب حڪومت سنڌ-پنجاب بارڊر تي سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ اٽو آڻيندڙ ٽرڪن کي روڪي ڇڏيو. پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (PDMA) سنڌ پاران پنجاب مان اٽي جا 4500 ٿيلها خريد ڪيا ويا ۽ اها خبر پنجاب حڪومت کي بہ هئي. تنهن هوندي به اهو اٽو نه رڳو ضبط ڪيو ويو پر ٽرڪ ڊرائيورن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا ڇو ته پي ٽي آءِ وارا ڪڏهن به سياسي چالبازي ڪرڻ جو موقعو ضايع ناھن ڪندا.اسان اهو نه ٿا چئون ته عمران خان ۽ سندس ساٿي انهن حالتن ۾ ٻوڏ متاثرن وٽ وڃڻ بدران اسٽريٽ پاليٽڪس ڇو ڪري رهيا آهن. اهو سندن پنهنجو مسئلو آهي. اسان پنهنجي اڳواڻن بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي هدايتن تي پنهنجون ٻيون سموريون سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون آهن ۽ وس کان وڌيڪ امدادي ۽ بحاليءَ جا ڪم ڪري رهيا آهيون.ماڻهو اسان کي چڱو چون يا خراب، اسان ساڻن گڏ آهيون. جيڪڏهن اهي اسان کان ناراض آهن ته ان جو مطلب اهو آهي ته انهن جو اسان سان تعلق آهي ۽ انهن جي اسان سان حجت آهي. اسان سمجهون ٿا ته ھن آفت جي ڪري ماڻهن جا مسئلا تمام گهڻا آهن. اسان فيصلو ڪيو آهي ته عوام جي بحالي تائين چين سان نه ويهنداسين ڇو ته اسان جو رشتو عوام سان آهي. اسان جي سياست جو محور عوام آهن
جڏهن ته پي ٽي آءِ جو ڪم اهو آهي ته اها هڪ منصوبي تحت وڊيوز ٺاهي ۽ اسڪرپٽ لکي. سندس سياست جو دارومدار رڳو ڪوڙي پروپيگنڊا تي آهي. مسجد نبوي ۾ پيش آيل واقعو ان جو ثبوت آهي. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي پروپيگنڊا مشينري کي اهڙو ڪجهه به نظر نٿو اچي. قومي آفت ۾ پي ٽي آءِ جو اهو رويو آهي. جيتري قدر معيشت جو تعلق آهي ان تي بہ پي ٽي آئي ملڪ جي مفادن تي پنھنجي سياست کي ترجيح ڏني آهي. عمران خان پوري ڪوشش ڪئي ته آئي ايم ايف پاڪستان کي امدادي پيڪيج جاري نه ڪري . دنيا ڄاڻي ٿي ته ھن وقت جيڪو معاشي بحران آھي ، اھو عمران خان جي حڪومت جو پيدا ڪيل آھي ، عمران خان جي حڪومت آءِ ايم ايف سان پاڻ ئي معاهدو ڪيو ۽ بعد ۾ ان کان انڪار ڪيو. جڏهن سندس حڪومت ختم ٿي ته پاڪستان معاشي ڏيوالي جي
مرحلي تي پهچي چڪو هو.
ان صورتحال مان نڪرڻ جو واحد رستو اهو هو ته آءِ ايم ايف کان انهن شرطن تي امدادي پيڪيج حاصل ڪيو وڃي، جن تي عمران خان جي حڪومت صحيحون ڪيون هيون، پر عمران خان پنهنجي ’ميڪاولي سياست‘ سان پاڪستان کي سري لنڪا ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي. هن پنهنجي اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين ذريعي خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي ناڻي وارن وزيرن کي فون ڪرايو تہ آءِ ايم ايف کي خط لکي ٻڌايو وڃي ته اهي ٻئي صوبا پنهنجي حصي جو قرض ادا نه ڪري سگهندا. ان جو مقصد اهو هو ته آءِ ايم ايف پاڪستان کي امدادي پيڪيج جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏي. نه رڳو ايترو پر عمران خان کي اهو به احساس ناهي ته پاڪستان جي سلامتي کي ڪهڙا اندروني ۽ بيروني خطرا آهن. اهي مسلسل قومي سلامتي جي ادارن تي حملا ڪري انهن کي تڪراري بڻائي رهيا آهن. عمران خان جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج کي غير جانبدار نه رهڻ گهرجي، ۽ سياسي مداخلت ذريعي کيس ٻيھر اقتدار ۾ آندو وڃي. جيڪڏهن هو ائين ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا ته نه رڳو پاڪستان کي ٿيندڙ نقصان جا ذميوار هوندا پر کين ”عوام جي غضب“ کي به منهن ڏيڻو پوندو.هو عدليه کي به ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ جلسن ۾ اعلان ڪري رهيا آهن ته جيڪو به جج سندن خلاف فيصلو ڏيندو، ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هو آرمي چيف جي مقرري کي به تڪراري بڻائي رهيا آهن ۽ اهو تاثر ڏئي رهيا آهن ته رڳو چيف آف آرمي اسٽاف جنهن کي هو مقرر ڪندا، اهو محب وطن هوندو. عمران خان جي ان بيان تي پاڪ فوج به سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي پر هو ادارن کي تڪراري بڻائڻ واري روش کان پوئتي ناھن ھٽيا.سياست جون بہ ڪي حدون هونديون آهن پر عمران خان ۽ سندس ساٿي سڀ حدون پار ڪري رهيا آهن. عمران خان آزمائشن ۽ مصيبتن جي هن دور ۾ ملڪ ۽ قوم سان ائين ڇو ڪري رهيو آهي ۽ سندس ايجنڊا ڇا آهي؟ سپريم ڪورٽ به کيس پارليامينٽ ۾ وڃي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ هن وقت تڪڙي چونڊون ڪرائڻ جو متحمل ناهي، پر هو ان حوالي سان به سپريم ڪورٽ تي تنقيد ڪري رهيو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو