اڳواٽ برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ بندوبست هجڻ گهرجي ها:ارباب

ڪلوئي (رپورٽر) اڳوڻي وزير اعلي سنڌ ارباب غلام رحيم نئون ڪوٽ ڀرسان گذرندڙ پاڻي جي قدرتي لنگھ ھاڪڙي ڍوري جي پاڻي جو جائزو ورتو هن سال برساتون وڌيڪ ٿيون آهن ڍوري جو متبادل لنگھ نه هئڻ ڪري ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي آهي. حڪومت کي اڳواٽ برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ بندوبست ڪرڻ کپي پر نه ڪيو ويو.منهنجي دور ۾هڪ رٽائر انجئير پروپوزل ٺاهي ڏنو جنهن تي ڪم به شروع ٿيومنهنجي حڪومت جو مدو پورو ٿي ويو پ پ پ حڪومت انهي ڪم کي هلائي ها ته هي ڏينهن ڏسڻا نه پون ها ايل بي او ڊي سم ٺهڻ سان پاڻي جا قدرتي لنگھ بند ڪيا ويا ايل بي او ڊي سم نالي جو الڳ سسٽم هجي ها ۽ هاڪڙي ڍوري جو الڳ هجي ها پر انجنئيرنگ جي غلط رٿابندي ڍورن جي وهڪرن کي بند ڪري ڇڏيو آهي پ پ پ جا ٻئي ايم پي اي ارباب لطف الله ۽مير طارق ٽالپر هڪ ٻئي خلاف بيان بازي ڪري عوام کي بيوقوف پيا ٺاهڻ ٻنهي جي پاڻ ۾نورا ڪشتي راند آهي. منهنجو ڪوبه اعتراض نه آهي اگر ايل بي او ڊي سم کي آر ڊي 211 زيرو پوائنٽ کان ڪٽ ڏنو وڃي پر جيف انجئير ظريف کهڙو سان منهنجي ڳالھ تي ته هن انڪارڪيو .بعد ۾ارباب غلام رحيم ايل بي او ڊي سم جو جائزو ورتو ۽ مير وقار ڪالوني پهچي ڪجهه ڏينهن اڳ وڄوٽو پوليس هٿان قتل ڪيل منظور ڪورائي جي وارثن سان عذرخواهي ڪئي ۽تفصيل ورتي ان موقعي تي سندس فرزند ارباب عنايت الله اڳوڻو ضلعي ناظم ارباب انور ۽ٻيا پڻ موجود هئا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو