وهاڙي (ويب ڊيسڪ)پنجاب صوبي جي وهاري ضلعي جو ڳوٺ ڪرم پور برسات ۽ ٻوڏ جي پاڻي ۾ تقريبن ٻڏي ويو آهي، پاڻي جي سطح گهٽجڻ بدران مسلسل وڌي رهي آهي.آمريڪي براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي چيف انٽرنيشنل نمائندي ڪلريسا وارڊ جو چوڻ آهي ته ٻوڏ ۾ نه امدادي ڪارڪن موجود آهن ۽ نه ئي انهن ماڻهن کي امداد ملي رهي آهي، ماڻهن وٽ ماني جو هڪ ٽڪرو به ناهي. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ پاڪ فوج متاثرين جي مدد لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي پر ملڪ جو هڪ ٽيون حصو پاڻي هيٺ آهي، 3.3 ملين ماڻهو متاثر آهن، اهو ڪنهن حڪومت جي اڪيلي سر ڪم ناهي.صحافي ڪلريسا وارڊ موجب ماڻهن ۾ سخت ڪاوڙ آهي، پاڪستان هڪ سيڪڙو کان به گهٽ ماحولياتي آلودگي جو ذميوار آهي پر ٻين جي پيدا ٿيندڙ آلودگي جي سڀ کان وڏي قيمت ادا ڪري رهيو آهي.










