متاثرن جو احتجاج جاري، غازي ڳوٺ ليز ڪرڻ جي اپيل

متاثرن جو احتجاج جاري، غازي ڳوٺ ليز ڪرڻ جي اپيل

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي عبدالله شاهه غازي ڳوٺ اي بلاڪ کي ليز ڏيارڻ گهرن تي هلان ڪري رهواسين جا گهر ڊاهڻ خلاف مٿاثرن طرفان 48 ڏينهن به احتجاجي جاري معصوم ٻارڙن به احتجاج ۾ شريڪ ٿي وڏي وزير کي غازي ڳوٺ کي ليز ڪرڻ جي اپيل ڪندي رهواسين عورتن معصوم ٻارڙن تي گوليون ۽ شيل هلائيندڙ پوليس سميت جعلساز روينيو عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي ان ڏس ۾ غازي ڳوٺ بچايو ڪئمپ تي متاثرن مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سميت معصوم ٻارڙن احتجاج ڪندي بلڊر مافيا پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي الطاف ميمڻ . لا لا شبير پٺاڻ . معصوم ٻارڙن ڪليم الله. نجيب الرحمن. عرفان انڙ ۽ ٻين چيو ته غازي ڳوٺ اي بلاڪ ۾ قائم اسان جي گهرن تي پوليس ڪاهون ڪري بلڊر مافيا جي چرچ تي عورتن معصوم ٻارڙن مٿان سڌيو گوليو آسو گئس شيل هلايا اهڙي دهشتگرد ڪاروائي ۽ گهر کي مسمار ڪرڻ خلاف اسين لاڳيتو احتجاج تي ويٺل آهيون پر اڃا تائين ڪو تدارڪ ناهي ٿيو هن وقت تائين غازي ڳوٺ کي ليز ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي وري بلڊر مافيا پوليس ۽ روينيو عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي اسان انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهيون معصوم ٻارڙن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه کي اپيل ڪندي چيو ته اسان ڌرتي جا وارث آهيون ڪراچي اسان جو مستقل سنوارڻ وارو شهر آهي جنهن ۾ اسان کي آزاد ۽ خودمختيار ٿي رهڻ لاء غازي ڳوٺ کي ليز ڪري تحفظ ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو برقرار رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو