ڪابل(م ڊ)افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل ۾ روسي سفارتخاني ويجهو آپگهاتي ڌماڪي جا اطلاع مليا آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب ڪابل ۾ روسي سفارتخاني ڏانهن وڌندڙ آپگهاتي بمبار کي گارڊ گولي هنئي هئي جنهن تي آپگهارتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو هو.افغان ميڊيا موجب ڌماڪي ۾ جاني نقصان بابت هن وقت تائين ڪي به اطلاع ناهن مليا. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.










