عزيز ميمڻ
اڳ ۾ چيو ويندو ھو تہ ادا اسان جي حڪومت ھلڻ نہ ٿا ڏين اسيمبليون ٽوڙي ٿا ڇڏين اسان کي ڪم ڪرڻ نہ ٿو ڏنو وڃي ھاڻي تہ پيپلز پارٽي کي سنڌ ۾ پندرھون 15 سال اقتدار جو ھلي پيو سنڌ جي تباھي ڏسڻ وٽان آھي ڪارڪردگي سوائي چند ھزار نوڪرين جي ٻيو ڪجھ بہ ڪونھي عوام ووٽ ڏي ٿو، نوڪريون انھن جو حق آھي ڪو بہ ٿورو ڪونھي سنڌي عوام پ پ کي اقتدار تي پھچائڻ لاء جھدوجھدون ۽ قربانيون آھن سمورين تحريڪن جو فائدو پ پ کي ٿيو آھي ووٽ سنڌين کان وٺي ڌارين کي اقتدار ۾ شريڪ ڪبو حصو ڏبو باقي سنڌين کي اقدار ۾ شريڪ ڪون ڪبو ھر آمريتي دوو ۾ جيڪي ب اتحاد ٺھيا انھن جو کٽيو پيپلز پارٽي کي مليو آھي پ پ کي مليل اقتدارن جو جائزو وٺون ٿا شھيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب 1965 ۾ايوب ڪابينا ۾ وزير خارجه ۽ منسٽر رھيو1971 ۾ بنگالي اڳواڻ شيخ مجيب جو حق کائي1971 ۾ بچيل پاڪستان جو وزير اعظم ٿيو ٻہ اقتدار ان جي نصيب ۾ آيا 2 ڀيرا محترمہ شھيد بي نظير ڀٽو صاحبہ وزير اعظم ٿي1988 کان1990 تائين1993 کان1996 تائين رھي2008 کان 2013 تائين يوسف رضا گيلاني وزيراعظم ۽ آصف زرداري صدر ٿيو، ان اڳ ڀٽو صاحب ۽ فاروق لغاري بہ پ پ جا ملڪ جا صدر ٿيا سنڌ صوبي ۾ 8 دفعو اقتدار ۾ آيا آھن ۽ ھن وقت وفاق ۾ سندن پارٽنر حڪومت نوازليگ جي يو آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ اتحادين جي آھي وزير خارجہ بلاول ڀٽو زرداري صاحب آھي ۽ سدائين سوين منسٽر وفاق سنڌ ۽ سينيٽ ۾ سندن رھيا آھن سينيٽ ۾ بہ سندن بادشاھي رھي آھي، سدائين مخلاف ڌر ب رھيا آھن سدائين اسيمبلين ۾1988 ۾ سورجاڻي بند ٽٽو ان ڏينھن 17 آگسٽ تي ضياء مئو جھاز حادثي ان کان پو فورن سندن حڪومت آئي 2010 2011 2022 جي درياھي ب برساتي ٻوڌن ۾ اقتدار پ پ وٽ آھي2015 کان سمورن بلدياتي ادارن چئيرمن ۽ ضلعي حڪومتون سندن وري 2022 ۾ بہ ضلعا انھن جي حوالي ٿيندا مشرف دئور ۾ اڌ ناظم سنڌن سنڌين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي ڪو بہ سنڌ لاء ڪم نہ ڪري سگھيا آھن 6 دئور وفاق 8 دئور سنڌ ۾ سنڌ اتي بيٺل آھي جتي ميرن ٽالپرن جو سنڌ مٿان پٿر جو دئور مڙھيل ھو ۽ آھي ان کان تہ انگريز نہ سنڌ ۾ پليون ٺاھيون اسڪول قائم ڪيا بھترين آبپاشي نظام ڏنو سنڌي ٻولي جي لپي ٺاھي سنڌي کي دفتري ٻولي ۽ قومي ٻولي جو درجو ڏنو موجوده وقت ۾ سنڌ جي سماجي حالت شديد خراب آھي منڊيات آئيس ھيروئن جوا جا اڌا ڦرون ڌاڙا امن امان جي صورتحال خراب ڳوٺن ۾ مال جي چورئي سنڌ ۾ پوليس گردي زنائون ٻارن نوجوانن عورتن جو قتل عام حد درجي تي پھتل آھي ڪرپشن جي قيامت متل آھي نوازليگ بہ 1990 کان اقتدار ۾ ايندي رھي آھي انھن جو قائد ضياء جي دئور کان حڪومت ۾ ويٺل آھن سنڌ ۾ سمورا ڀوتار اقتدار ۾ ھر وقت نازل ڪيل آھن پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ھر حڪومت ۾ ويٺل ۽ ويھاريل اقتداري پارٽين ۾ سيٽ ڪيل آھن ان جي باوجود سنڌ جي صورتحال تمام خراب آھي لکين ماڻھو پنڻ نڪرن ٿا امداد واڳن جي حوالي ٿيو وڃي سڄي دنيا جي ملڪن جي ترقي ڏسي دل خوش ٿئي ٿي ايترا وسيلا ڪنھن بہ صوبي ۽ ملڪ وٽ ڪونھي جيترا سنڌ ۽ بلوچستان جا آھن سوين ڀوتار ۽ ڪامورا ڌاريا مھاجر پٺاڻ افغاني پنجابي خوش آھن سنڌ کي عذاب ۾ وڌو ويو آھي اڃا بہ سنڌي قوم عقيدن جي پٺيان ڪوڙن ۽ ڏٽن تي لڳي ووٽ ڪيو تہ پنھنجي پاڻ دشمن ھوندي سنڌي ملازمن جي احتجاجن تي لاٺي چارج ۽ آنسو گئس ھلائبا تشدد ڪرائبو ڌارين کي جوز پياربا ڌارين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرئبا گھڻو ڪجھ سنڌ کي ٽارچر ڏبو سنڌ لاء ڪبو ڪجھ ڪون بحريہ ٽائون بلا ٻٽو نظام ۽ ٻيون آفتون لاڳو ڪبيون سنڌ جو وڪرو تيزي سان جاري رکبو برسات متاثرين بي يارو مددگار رکبا سنڌ کي ٻوڙبو امدادون کائبيون…!!!










