دڙو (ن سنڌيار) ٻنون جي گورنمينٽ ھائي اسڪول آڏو ڪافي ڏينھن کان گٽرن جو بيٺل گندو پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ خلاف ٻنون جا شھري ۽ واپاري رستن تي نڪري آيا، انتظامي نااھلي خلاف سخت احتجاج، شھر ڏانھن ويندڙ دڙو ٻنون روڊ ڪافي ڏينھن کان وٺي برساتن جي گندي پاڻي ۾ ٻڏل آھي، ان سلسلي ۾ ٻنون جي شھرين ۽ واپارين سيد يار محمد شاھ، پرڪاش حسيني، سيد نياز حسين شاھ، عبدالستار پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھرين ھائي اسڪول آڏو گڏ ٿي احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي ٻنون جي شھرين سيد يار محمد شاھ، پرڪاش حُسيني ۽ ٻين پريس ڪلب دڙو جي ٽيم سان ڳالھائيندي چيو تہ ٻنون شھر کي ھر دوُر ۾ مسلسل نظرانداز ڪيو ويو، ھنن چيو تہ اليڪشن جو دھول وڄڻ شرط ڪافي ماڻھو ٻنون شھر جا والي وارث ٿي منظر عام تي ظاھر ٿيا آھن، پر شھر جي اصل مسئلن طرف ڪنھن جو بہ ڌيان ناھي، شھر ۾ پوندڙ برساتن سبب ڪافي ڏينھن کان دڙو، ٻنون اھم شاھراھ تي قائم ٿيل ھائي اسڪول ٻنون جي گيٽ وارو حصو مڪمل طور تي گندي پاڻي ۾ ٻڏل آھي، جنھن سبب اسانجا ٻچا ٻار ان گندي پاڻي مان لنگھي اسڪول پڙھڻ لاء وڃن ٿا ان کان علاوه اڄ کان ماتمي جلوسن جو سلسلو جاري آھي جيڪو محرم الحرام جي مھيني تائين ھلندو رھندو جنھن ڪري ماتمي جلوسن کي اتان گذر ڏکيو لڳندو ھنن ڊي سي سجاول ۽ ٻين حڪومتي اختيارين کان مطالبو ڪيو تہ ٻنون ھائي اسڪول اڳيان مين برساتي پاڻي ۽ مين گٽر جي صفائي ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو وڌايو ويندو،










