ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس،سرحد ۽ اندروني سلامتي جي صورتحال تي غور

ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس،سرحد ۽ اندروني سلامتي جي صورتحال تي غور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ پاڪ فوج جي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي سڪيورٽي صورتحال خاص طور تي سرحدي ۽ اندروني سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ آرمي چيف ملڪ ۾ جاري ڪامياب دهشتگردي خلاف آپريشن جي واکاڻ ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي عظيم قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو.ان کان علاوه آرمي چيف عوام ۽ سرحدن جي حفاظت لاءِ جوانن جي قربانين کي به خراج تحسين پيش ڪيو.آرمي چيف سخت برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال ۾ پاڪ فوج جي امدادي ڪاررواين کي ساراهيو.آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ سول انتظاميا سان سهڪار سان ريسڪيو ۽ بحالي واري عمل کي جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو