هي ڌمڪين سان آئين ۽ قانون کي تبديل نٿا ڪرائي سگهن: مريم اورنگزيب

هي ڌمڪين سان آئين ۽ قانون کي تبديل نٿا ڪرائي سگهن: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(بيورو)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جي ڌمڪين ۽ گالي سان آئين ۽ قانون کي تبديل نٿو ڪري سگهجي.پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي بيان تي رد عمل ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته چوڌري شجاعت صاحب پنهنجي ميمبرن کي اهي ئي هدايتون ڏنيون جيڪي عمران خان جاري ڪيون هيون.مريم اورنگزيب چيو ته حڪمران جيڪڏهن عمران صاحب جي حق ۾ آهن ته آئيني ۽ حمزا شهباز جي حق ۾ آهن ته غير آئيني آهن.هن چيو ته عمران صاحب توهان جا ڪوڙ، ڪرپشن ۽ منافقت ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچائي رهي آهي، 4 سالن کان ترقي کانسواءِ ملڪ ڏيوالو وڃي رهيو آهي.وفاقي وزير جو اهو به چوڻ هو ته چئن سالن کان ملڪ کي لٽيو پيو وڃي، چئن سالن کان روزگار لٽيو پيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته 4 سالن تائين ملڪ ۾ معاشي بدحالي هئي، بشرا گوگي ڪارٽيل مافيا 4 سال ملڪ تي حڪومت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو