رپئي جي زوال گذريل هفتي معمول کان وڌيڪ هئي: مرتضيٰ سيد

رپئي جي زوال گذريل هفتي معمول کان وڌيڪ هئي: مرتضيٰ سيد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) جي وقتي گورنر مرتضيٰ سيد چيو آهي ته رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي گذريل هفتي معمول کان وڌيڪ هئي.ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ مرتضيٰ سيد چيو ته پاڪستان مالي سال 2023ع ۾ فنڊنگ جي گهرج پوري ڪندو، ان دوران ملڪ کي 33.50 ارب ڊالرن جي پرڏيهي فنڊنگ جي ضرورت پوندي.هن چيو ته رپئي جي قدر ۾ گذريل هفتي معمول کان وڌيڪ گهٽتائي هئي، غير يقيني صورتحال گهٽ ٿيندي ئي رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.اسٽيٽ بئنڪ جي سربراهه وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ مارڪيٽ جي غير ضروري غير يقيني صورتحال ختم ٿي ويندي.هن اهو به چيو ته دنيا جي ڪيترن ئي اڀرندڙ معيشتن جي مقابلي ۾ پاڪستان جون حالتون ڪجهه بهتر آهن، پاڪستان جو پرڏيهي قرض ڪيترين ئي اڀرندڙ معيشتن جي مقابلي ۾ گهٽ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو