شرجيل انعام ميمڻ
وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ سنڌ
سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شاندار ڪاميابي تي مخالف پارٽيون واويلا ڪري رهيون آهن، اهو غير متوقع ناهي ڇوتہ انهن وٽ سياست ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪجھ بچيو ئي ناهي. کين پنهنجي شڪست جو ڪو نه ڪو ڪارڻ ته پيش ڪرڻو ئي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي نه ئي چونڊن ۾ ڌانڌلي تي يقين رکي ٿي ۽ نه ئي ان کي ڌانڌلي ڪرڻ جي ضرورت آهي. هيءَ واحد سياسي جماعت آهي جنهن جمهوريت ۽ آزاد ۽ شفاف چونڊن لاءِ ڊگھي جدوجهد ڪئي آهي ان جدوجهد ۾ پيپلز پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ھر قسم جون قربانيون ڏنيون آهن. آمرن جو مقابلو ڪيو. جيلن جون سختيون سٺيون ، تشدد ۽ دهشتگردي جو نشانو بڻيا، پنهنجي جسم تي ڪوڙا کاڌا ۽ ڦاهي جي ڦندن کي چميو. تنھن ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي اهو سمجھي ٿي ته جيڪڏهن ڌانڌلي سان هو کٽي يا کيس کٽرايو وڃي ته سڀني کان وڌيڪ نقصان پيپلز پارٽي جو ئي آهي. ڇو ته ڌانڌلي جو هٿيار هميشه عوام دوست سياسي قوتن خاص ڪري پيپلز پارٽي جي خلاف ئي استعمال ٿيو آهي . پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀيرا پيپلز پارٽي جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو. هن ملڪ ۾ مڪمل منصوبابندي سان ڌانڌلي جي ذريعي هر اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ان ڪري پيپلز پارٽي سمجھي ٿي ته ڌانڌلي جي هر ڪوشش ۽ هر منصوبو ناڪام بڻايو وڃي. ڌانڌلي جمهوريت کي ناڪام بڻائڻ جي منظم سازش آهي، جنهن جي لاءِ پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان عوام بي پناھ قربانيون ڏنيون آهن. اڄ تائين جن ماڻهن کي ڌانڌي جي ذريعي فائدو پهچايو ويو، اهي پيپلز پارٽي جي خلاف ڌانڌلي جا الزام لڳائي رهيا آهن. اهي ماڻهون ڪڏهن به اليڪشن نٿا کٽي سگھن، ڇو ته کين سنڌ جي عوام جي حمايت حاصل ناهي. عمران خان ۽ ان جي مائينڊ سيٽ وارا ماڻهون ان ڪري ادارن جي خلاف گمراھ ڪندڙ مهم هلائي رهيا آهن ، ته ادارا دٻاءَ ۾ اچي پنهنجي آئيني ۽ اڻڌري ڪردار تان هٽي وڃن ۽ تڪرار ڪردار ادا ڪندي کين هر حال ۾ اقتدار ۾ آڻين. سنڌ ۾ به ڪجھ عمران خان جي ذهنيت وارا سياستدان ۽ سياسي جماعتون آهن ،جيڪي چوندا آهن ته کين هر صورت ۾ اليڪشن ۾ کٽرايو وڃي، پر سنڌ ۾ اھو ٿي ئي نہ ٿو سگهي ، ڇو ته سنڌ جي عوام ھميشه جمهوري جدوجهد ۾ هراول دستي جو ڪردار ادا ڪيو آهي.
سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي مخالف جماعتن جي هارائڻ جا سبب بلڪل واضح آهن . پهريون سبب اهو آهي ته انهن جماعتن وٽ اميدوار ئي نه هئا ۽ نه ئي انهن پوري سيٽن تي پنھنجا اميدوار بيهاريا، پاڪستان تحريڪ انصاف( پي ٽي آئي) سنڌ کي سياسي طور تي فتح ڪرڻ جي دعوائون تہ ڪري ٿي ، پر مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ 6000 کان وڌيڪ سيٽن تي انهن نه ھجڻ برابر اميدوار بيھاريا. ٻين سياسي جماعتن ۽ پيپلز پارٽي مخالف اتحادن جو به ساڳيو ئي حال رهيو . ڪجھ سياسي جماعتون چند تعلقن ۽ ٽائون تائين محدود رهيون. ڪيترين ئي ڪائونسلن تي انهن جا اميدوار به پورا نه هئا. باقي سمورين سياسي پارٽين جي اميدوارن جو انگ پيپلز پارٽي جي اميدوارن کان گھٽ هو. ان صورتحال ۾ انهن جي اها شڪايت سمجھ ۾ نٿي اچي ته کين اڪثيرت ڇو نه ملي يا ڇو نه ڏني وئي. مڪاني چونڊن کان فقط هڪ ڏينهن پهرين سموريون سياسي جماعتون سنڌ هائي ڪورٽ ۾ گڏ هنيون ۽ عدالت سڳوري کي گذارش ڪري رهيون هنيون ته مڪاني چونڊون ملتوي ڪيون وڃن. پيپلز پارٽي کان سواءِ باقي سموريون سياسي جماعتون چونڊن کان ڀڃڻ وارو رستو ڳولي رهيون هنيون. سنڌ جو عوام انهن ماڻهن کي ڪيئن ووٽ ڏيندو، جيڪي چونڊ وڙهڻ ئي نه پيا چاهين. هاڻ انهن کي اليڪشن جي ٻئين مرحلي جو خوف آهي. جيڪو هڪ مهيني جي وقفي سان ٿيڻ وڃي رهيو آهي. ٻئي مرحلي ۾ به کين پنهنجي سوڀ نظر نہ ٿي اچي . هڪ اهم ڳالھ اها آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ٽن نسلن کان عوام جي خدمت ڪري رهي آهي .ميڊيا ٽرائل ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا جي باوجود سنڌ جو عوام اها ڳالھ سمجھي ٿو ته کين جيڪو ڪجھ به مليو آهي، پيپلز پارٽي جيڪري مليو آهي سنڌ جو هڪ عهد پيپلز پارٽي کان پهرين هو، ٻيو عهد پيپلز پارٽي سان منسوب آهي. پيپلز پارٽي نه فقط ماڻهن کي وڏي انگ ۾ روزگار ڏنو پر صوبي ۾ وڏا ترقياتي منصوبا به مڪمل ڪيا آهن. سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ سڀني کان مضبوط آواز پاڪستان پيپلز پارٽي جو آهي. جڏهن به شفاف چونڊون ٿينديون عوام پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيندو ۽ مخالفن جون ضمانتو ضبط ٿي وينديون. جيڪڏهن ڪنهن کي ڌانڌلي جي شڪايت آهي ته ثبوت پيش ڪري .پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين اعلان ڪيو آهي ته هو ڌانڌلي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف پاڻ ڪارروائي ڪندو. جيڪڏهن پيپلز پارٽي جو ڪو اڳواڻ يا جيالو ڌانڌلي ۾ ملوث هوندو ته ان جي خلاف به ڪارروائي ٿيندي ڇو تہ چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ ناجائز ذريعا استعمال ڪرڻ پيپلز پارٽي جي آئين ۽ منشور جي خلاف آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين جو اهو سوال به دلچسپ آهي ته اهو ڪهڙو مذاق آهي، جو لاڙڪاڻي ۾ اسان جي کٽڻ تي ڌانڌلي جي شڪايت ڪئي پئي وڃي؟ ان کان پوءِ باقي ڪھڙي بحث رھجي وڃي ٿي.










