پئٽرول جون قيمتون ڇا وڌيون عوام لاءِ ڄڻ ايٽم بم ڦاٽو

اي اي عباسي
جڏهن پي ٽي آءِ جيڪا حڪومت رهي ۽ انهيءَ پنهنجي حڪومت دوران جيڪا پئٽرول جي قيمتن جي حوالي سان عوام سان مهانگائي ڪئي اها هڪ پاسي پر جيڪا هاڻي هن وزير اعظم شهباز شريف ٻن ٽن مهينن ۾ ملڪ جي عوام سان جٺ ۽ تادي ڪئي آهي، انهي جو ڪو حساب ئي ڪونهي، هن شهباز شريف جي حڪومت کان ماڻهو تنگ ۽ گهڻو بيزار ٿي چڪا آهن ۽ انهي کي پٽون پاراتا ڏيئي رهيا آهن، هيءُ حڪمران حقيقت ۾ حڪمران نه پر ڊرامائي ايڪٽر آهن، انهن جي فلم ۾ هڪڙي سين ۽ زندگي آهي ۽ ٻاهر وري ٻي زندگي اٿن، اڳ ۾ اهي ڪهڙي ٻولي ڳالهائيندا هئا ۽ هاڻي ڪهڙي زبان ڳالهائي رهي ا آهن اڳ هاءِ گهوڙا ڪندا هئا 12 رپيا پئٽرول وڌڻ تي ۽ هاڻي 30، 30 رپيا مهيني ۾ وڌائي 101 رپئي کان وڌيڪ پئٽرول جون قيمتون وڌايون ويون آهن، شرم حياءُ لحاظ حڪمرانن ۾ ناهي، عوام جي احساسات جو ڪو خيال ناهي، هڪ مزدور جيڪو 500 رپيا مزدوري پورهيت ڪري گهر پهچندو اهو ڪيئن پنهنجي فيمليءَ جي سار لهي سگهندو. انهي جي اولاد جا سوال ، مٽن مائٽن جي خوشي غمي ۾ شرڪت ڪيئن ڪري سگهندو؟، انسان ته انسان پر ڪو حيوان به ائين ڪري جيئن اسان جا حڪمران ڪري رهيا آهن وڏا وڏا واتوڙو گهوڙا مري ويا آهن يا انهن کي سڻڀيون وزارتون ملڻ تي اهي خوشي ۾ گم ٿي بيهوش ٿي ويا آهن؟، پاڪستان مسلم ليگ نواز جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز شريف جا اهي لفظ ته جڏهن کنڊ، سبزيون، اٽو، گيهه، بجلي مهانگي ڪندڙ ۽ 12 رپيا پئٽرول جون قيمتون وڌائيندڙ وزير اعظم هجي ته سمجهو ته اهو عوام دوست وزير اعظم ناهي بلڪ چور آهي، واقعي ئي مريم نواز سئو سيڪڙو سچ پئي چئي ته جيڪو وزير اعظم عوام جي حالت زار، مفلسي، تنگدستي، افلاس، غربت کي ڏسڻ بنا پئٽرول جون قيمتون روز بروز وڌائيندو رهي ته انهيءَ جهڙو ڪير مڪار فريب باز ٿي سگهي ٿو، مريم نواز جڏهن اهي لفظ ٿي چئي ته نواز شريف ۽ شهباز شريف هڪ رپيو به مهانگائپ ڪندا آهن ته دل تي پٿر رکي ڪندا آهن، 117 رپيا پئٽرول ليٽر هيو جنهن ۾ سوا ٽي سال دوران پاڪستان تحريڪ انصاف 149 ڪيو يعني سوا ٽن سالن ۾ انهيءَ 32 رپيا پئٽرول مهانگو ڪيو ته پوري ملڪ ۾ انهيءَ تي هاءِ گهوڙا شروع ٿي وئي هئي ۽ هر طرف عمران نيازي خلاف گو عمران گو، شيم شيم جا نعرا گونجڻ لڳا هيا، جڏهن ته هن مڪس آچار حڪومت ن ليگ، پ پ ، جمعيت علماءِ اسلام، متحدهه قومي موومينٽ ( ايم ڪيو ايم ) وغيرهه جي اچڻ سان صرف ٻن هفتن ۾ 149 رپين مان 210 رپين تائين پئٽرول جون قيمتون پهتيون آهن، يعني ٻن هفتن ۾ هنن مڪس آچار حڪومت وارن 61 رپيا وڌائي ڇڏيا آهن ۽ انهن کي آءِ ايم ايف جو حڪم آهي ته ٻن مهينن اندر پئٽرول جون قيمتون وڌائي 270 رپيا في ليٽر پئترول ڪيو وڃي، اهڙا ٻڌا ٻانها ته انهن کي گهرجن جيڪي پڇ لٽڪائي يس سر ، او ڪي سر جي ٻولي ڳالهائي پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيندا رهن ٿا، عوام جيڪڏهن عمران نيازي کان بيزار هيو ته انهن افعالن ڪري ته هو مهائگائپ ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري رهيو آهي، باقي ته انهي جيڪي ڪم ڪيا اهي بهتر ڪيا جيئن وڏن وڏن چورن کي هٿيڪو ڪندي جيل ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سڀني کي نيب زدهه بڻائي انهن جي اثاثاجات انهن جي ملڪيتن، بينڪ بئلنس، پراپرٽيز، عاليشان محل نما بنگلن، گاڏين، زمينن، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڊالرز رکيل کي وائکو ڪندو رهيو، عمران نيازي ڀلي ڪيئن به هجي پر هو چريو کرو نڊر قسم جو ماڻهو ضرور آهي ۽ هن ملڪ ۾ اهڙن چرين کرين بغير مفاد جي ڪم ڪندڙ ماڻهن جي اشد ضرورت آهي، نه ته هتي ته رڳو ذاتي مفادن جي ويڙهه لڳي پئي آهي، هتي ته هاڻي سياست ۾ ڪو به نظرياتي ماڻهو هلي نٿو سگهي، جيڪو اچي ٿو انهي کي هلڻ نٿو ڏنو وڃي ۽ اهڙا مڪس آچار وارا سياسي مربا سياسي ذهن ناهن پر اهي ڪاروباري بزنس مين ماڻهو ضرور آهن، انهن کي پهريان جيڪو ڪٻاڙيءَ وارو دڪان هيو انهيءَ تي اهي فٽ هيا پر ضياءَ جنهن اهڙن ماڻهن کي گهلي زور زبردستي سياست ۾ معتبر ڪرائي عوام سان ويل ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي مسلط بڻجي مڪس آچار جيئن وڻين ٿو تيئن ڪري رهيا آهن ۽ هڪ هفتي ۾ ٻه دفعا 30، 30 رپيا پئٽرول جون قيمتون بجلي جون قيمتون وڌائي ڄڻ ته عوام مٿان بم ڪيرايو آهي، مزدور، پورهيت، هاري ناري، غريب ماڻهو ڪيڏانهن وڃن ؟، اهڙين حالتن ۾ ڪرائيم ڏوهن جو ريشو وڌندو ۽ انهيءَ سان به عام عوام کي نقصان ٿيندو، هتي مافيائون پلجنديون رهن ٿيون، وڏين گاڏين ۾ ڪارن شيشن ۾ چشمن ۾ بند اکين وارا سياسي ڀوتار عوام کي پنهنجو غلام نه پر هاڻي غلام ابن غلام سمجهڻ لڳا آهن، وزير اعظم شهباز شريف حڪومت عمران خان جون سڀئي يادون هڪ ئي ڌڪ ۾ پوئتي ڪري ڇڏيون آهن، ڇاڪاڻ ته هو به وڏو کلاڙي هيو پر هن ته دير ئي نه ڪئي ۽ هڪ ڌڪ ۾ هڪ رپيو ٻه رپيا نه پر سنئون سڌو 30 رپيا هڪ دفعو ۽ 30 رپيا ٻيو دفعو وڌائي سڀئي اڳيون پويون عوام مان ڪسريون ڪڍي ڇڏيون آهن، جيڪڏهن هيءُ شهباز شريف عوام جو همدرد هڏ ڏوکي ۽ عوام دوست وزير اعظم آهي ته پوءِ عوام مٿان ايڏو وڏو بم مهانگائي جو پهاڙ ڇو ڪيرايو آهي؟، هو پنهنجي وزيرن جا خرچ گهٽ ڪري ها، پنهنجي ڪلاس جون عياشيون گهٽ ڪرائي ها، هو پنهنجي دادلن جون من مستيون گهٽ ڪرائي ها ته ضرور ملڪ تان وڏو بار گهٽ ٿي وڃي ها. هتي پئٽرول مهانگو معنيٰ هر شيءِ ازخود مهانگي ٿي ويندي آهي. 10 رپين جي جاءِ تي 50 رپيو وڌايو ويندو آهي هاڻي ته 30 رپيا وڌيا آهن ته الائي ڪيڏي مهانگائپ ٿيندي اندازو نٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته هتي هر ڪو ڇڙواڳ لڳو پيو آهي. جنهن کي جيئن وڻي ٿو قيمتون وٺي عوام جو رت سڪايو ويندو آهي. غريب، مسڪين، مفلس، لاچار، يتيم ۽ بي سهارا ماڻهو رڳو ڏينهن رات اها دعا گهري رهيا آهن ته يا خدا اسان کي بي ايمان، ڪرپٽ، جاهل، لٽيرن حڪمرانن مان نجات ڏيار، ڇاڪاڻ ته روز روز روزمره جي شين جا اگهه قيمتون آسمان ڳالهائي رهي آهن جنهن ڪري غريب ماڻهو ٻه ويلا ماني کائڻ کان لاچار بڻجي ويو آهي، آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن کانپوءِ پڇ لٽڪائو ڪرپٽ حڪمران پئٽرول جون قيمتون وڌائي پوري سسٽم کي ناڪارهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جڏهن سان وٽ پئٽرول جا اگهه وڌڻ لڳن ٿا ته پوءِ سمجهو هر شيءِ جون قيمتون آٽو ميٽيڪلي پاڻ مرادو وڌڻ شروع ٿيڻ لڳن ٿيون، ڪوچز، بسون، ويگنون، رڪشا، ٽرڪن، ڊاٽسن، سوزوڪين سميت هر گاڏيءَ سان گڏ هر هڪ روزمره جي شين جا ريٽ وڌي وڃن ٿا، موجوده حڪومت پنهنجي ٽي سالا ڪارڪردگيءَ ۾ ٻڌائي ته انهي ڪٿي، ڪهڙي کاتي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪا بهتري آندي آهي ؟ ، موجودهه حڪومت پي ٽي آءِ جي زيرو برابر زيرو ڪارڪردگي آهي، جنهن احتساب جي نالي ۾ پوري ملڪ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، ادارا تباهيءَ ۽ برباديءَ جا منظر پيش ڪري رهيا آهن. غريب غريب تر ، امير امير تر ٿي رهيا آهن غريبن جو موت بدقسمتيءَ سان غربت جي وڌڻ ڪري خودڪشين جي صورت ۾ ٿي رهيو آهي، تازو سنڌ ۾ خودڪشين جي شرح ڏسو ته روئڻ ٿو اچي پنهنجي حڪمرانن تي جيڪي پاڻ ته کرب پتي ۽ ارب پتي لڳا پيا آهن ۽ انهن جي ٺٺ ٺانگر واري عياشين سان ڀرپور زندگي گذري ٿي پر غريب مفلسي تنگدستي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، پاڪستان جي هرهڪ صوبي ۾ قدرت جون نعمتون موجود آهن، انهيءَ هوندي به جيڪا حڪومت اقتدار ۾ اچي ٿي اها اچڻ شرط ئي واويلا ۽ هاءِ گهوڙا ڪندي ٿڪجي نٿي، جڏهن انهن حڪمرانن کي حڪومت هٿن ۾ ناهي ته اهي ٻين تي الزام لڳائيندي ٿڪجن نٿا پر جڏهن اقتدار ۾ پهچن ٿا ته پوءِ خزاني خالي ٿيڻ جون هروڀرو جون بيجا شڪايتون ڪندي پنهنجي جان آجي ڪرڻ جي لاءِ حربا استعمال ڪندا رهن ٿا ۽ تقريبن هڪ اڌ حڪمران کان سواءِ سمورن حڪمرانن تي ڪرپشن جا ساڳيا الزام لڳندا رهن ٿا ته انهن پنهنجي بئنڪ بئلنس ڪٺي ڪرڻ لاءِ ملڪ جو ڏيوالپڻو ڪڍي ڇڏيو آهي، مهانگائيءَ جي شرح چوٽ چڙهي وئي آهي، ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائيءَ سبب غريب ماڻهو ٻه ويلا ماني کان محروم بڻجي ويا آهن، شديد وڌندڙ غربت سبب ڪرائيم جو تيزيءَ سان ريشو اڳتي وڌيو آهي، ماڻهو مهانگائي سبب بي حال بڻجي مٿي کي هٿ ڏيئي سوچڻ تي مجبور آهن ته آخرڪار هنن حڪمرانن جا پيٽ ڪير ڀريندو ۽ وڌندڙ مهانگائي ڪٿي ڪنٽرول به ٿيندي يا ائين ئي ڇڙواڳ جانور جيان ٻين جا لوڙها لتاڙيندي رهندي، مهانگائي سان گڏوگڏ ئي موجودهه حڪمرانن وڏيون هامون ٻٽاڪون هڻڻ باوجود ڪرپشن ڪرپٽ ماڻهن کي سزا ڏيارڻ ۾ ناڪام وئي آهي ڪرپشن ۾ ملوث وڏا وڏا مانگر مڇ پنهنجي ساڳئي جوڀن جوانيءَ ۾ زندگي گذاري رهيا آهن بلڪ انهن کان به وڌيڪ انهن کي ٺٺ ۽ ٺانگر واري زندگي گذري رهي آهي، حالتن جي ستم ظرفي چئجي يا وري پنهنجي ڪرپٽ نظام جي پيداوار جا گول گپا ڪرپٽ سياستدان، ڪامورا، آفيسر شاهي، ڪلارڪ، سرڪاري آفيسن ۾ ويٺل اڪثر بدنيت ماڻهو ڪنهن به عام ڪم ڪار لاءِ ماڻهن کي ڊوڙائي ڊوڙائي بيحال ڪري ڇڏين ٿا، ڪو مجبور غريب ماڻهو سرڪاري دفترن آفيسن جي اندر پنهنجي ڪم ڪار لاءِ ايترو رولايو وڃي ٿو جنهن جو ڪو اندازو ناهي، عام ۽ ننڍي سرڪاري ڪم لاءِ جيڪو هڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻن ڏهاڙن جو هجي ٿو اهو سرڪاري ڪم به ڪامورن ۽ ڪلارڪن کي رشوت نه ڏيڻ جي ڪري مهينن جا مهينا بلڪ ڪٿي سال لڳي وڃن ٿا، سماج ۾ انسانيت ناهي رهي جنهن ڪري اڪثر ماڻهن دين ايمان پئسي کي سمجهي ڪرپشن وٺڻ کي پنهنجو قانوني ڄڻ ته حق سمجهي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري ملڪ ۾ ترقياتي ڪم ڪار، روڊ رستا، عوامي سهولتون نه ملڻ انهيءَ جو نتيجو سامهون آهي ۽ بيجا حد کان وڌيڪ مهانگائي به انهن ڪرپٽ ڪامورن آفيسر شاهيءَ جو عمل سامهون آهي، انهي سلسلي ۾ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن 9 درجا وڌي وئي آهي، پاڪستان ملڪ 4 نمبر تي مهانگائيءَ ۾ پهچي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته بدعنوان سماج ۾ جڏهن حڪمران مهانگائي تي عملي طرح ڪنٽرول ڪرڻ بجاءِ رڳو اهو اعلان ڪندا رهن ته مهانگائي ڪندڙن خلاف سخت ايڪشن ٿيندو پر گذريل اڍائي سالن ۾ ڪرپشن ۾ اصل ملوث ماڻهن جي پٽي ٺپي شاباس ڏيندي پنهنجو آشيرواڌ ڏنو وڃي ته پوءِ مهانگائيءَ تي ڪيئن ضابطو اچي سگهي ٿو، هن ملڪ جي وڏي ۾ وڏي بدقسمتي اها آهي ته هتي پنهنجي لولي لنگڙي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ ڪرپشن جي پيداوار حڪمران ٻيو ته ٺهيو پر مقدس ايوانن قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ سميت صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن کان ووٽ حاصل ڪرڻ جي بهاني وڏا ريٽ لڳايا ويندا آهن، اها بدعنواني ۽ ڪرپشن ناهي ته ٻيو ڇا آهي، ملڪ ۾ ڪڏهن صاف، شفاف ۽ منصفاڻيون چونڊون ٿيون آهن ؟، ملڪ هن وقت شديد ترين غربت سبب پريشاني جي عالم ۾ مبتلا آهي، مهانگائي سبب امير ترين ڪرپٽ ماڻهن کان سواءِ باقي سڀ هر طبقي جا ماڻهو وچولو مڊل ڪلاس ته سڀ کان متاثر ٿيو آهي، اهڙي مهانگائي پوري ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن به نه ٿي آهي اڳ ۾ سال ۾ هڪ دفعو بجيٽ وقت شين جا ريٽ وڌايا ويند هيا ته ماڻهن روڊن تي نڪري پوندا هيا پر هاڻي ته سال مهيني جي ڳالهه ئي ناهي هر هفتي ۽ هر ڏينهن نوان نوان روزمرهه شين جا اگهه ريٽ عوام کي ذهني پريشاني جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، اهڙين حالتن ۾ عوام ڇا ڪري سگهي ٿو سواءِ هٿ مٿي کڻي انهن ڪرپٽ جاهل، لٽيرن حڪمرانن جي نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ڌڻي در ٻاڏائي ٿو وڏي ڳالهه ته هاڻي مسجدين، مدرسن، وڏن وڏن اجتماعن ، جلوسن جلسن ۾ هزارين ماڻهو پڪاري رهيا آهن ته يا الله اسان جي ملڪ ۾ بهتر حڪمران آڻي ڪرپٽ جاهل ۽ لٽيري قسم جي حڪمرانن مان نجات ڏيار. جيڪڏهن اهڙيون حالتون رهيون ته ملڪ ۾ غربت ته نه ويندي پر غريب ماڻهو زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي رهجي ويندا ۽ بدقسمتي سان ڪرائيم ڏوهن جو انگ وڌڻ لڳندو جنهن سان به وري نقصان غريب عوام جو ئي ٿيندو. انهيءَ لاءِ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس صاحب جهڙي طرح ٻين عام ڳالهين جو از خود نوٽيس وٺي ٿو اهڙي طرح ئي اهڙي پئٽرول جي 30 رپيا ۽ وري 30 رپيا يعني 60 رپيا هڪ ئي هفتي ۾ وڌائڻ خلاف به نوٽيس وٺي ته عوام ڪيڏانهن ويندو. هر روزمرهه جي استعمال جي شيءِ مهانگي ٿيندي ۽ پورهيت مزدور کي صرف 500 يا 600 سئو رپيا روزي لڳندي ته هو پنهنجي اولاد جو گذر سفر، خوشي غمي، علاج . تعليم ٻچڙن جي ڪيئن ڪري سگهندو ؟ عوام عمران خان کي شدت سان ياد ڪري ٿو ته اڳيون وزيراعظم هڪ ئي وقت ۾ گهٽ ۾ گهٽ ۾ ايترو بار ته عوام تي نه رکندو هيو پر هنن مڪس آچار حڪومت ته سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا. عوام کي هر سياستدان بيزار ۽ تنگ ڇو ٿو ڪري نپوڙڻ جي ڪوشش ڪري ساهه ڪڍڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو رهي ٿو، هن ملڪ کان سواءِ باقي نه ته هر ملڪ پنهنجي ملڪ جي عوام جي اهنجن، مشڪلاتن ۽ دردن جو درمان بڻجن ٿا، هيءُ پوري دنيا ۾ واحد ملڪ پاڪستان آهي جتان جي حڪمرانن جي عياشين جو ڪو ڪاٿو ئي ناهي انهن جي بئنڪ بئلنس جو ڪو اندازو ئي ڪونهي باقي عوام مٿان مهانگائي جا پهاڙ ڪيرائي غريب مڊل ڪلاس عوام جو ساهه سڪايو ٿو وڃي، عوام جي ووٽ تي مزا ماڻيندڙ عوام مٿان ئي ڏمرجي انهن مٿان روز نت نيون مهانگائيءَ جون مصيبتون ڪيرايون وڃن ٿيون. خدارا پئٽرول جون وڌايل قيمتون واپس وٺي عوام کي زندهه رهڻ جو حق ڏنو وڃي. تازو پئٽرول جون قيمتون وڌائڻ واري عمل کان پوءِ ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ پئٽرول پمپن کي نقصان پهچائيندڙ ماڻهو امن نه شر پسند ماڻهو آهن انهن کي پئٽرول پمپ ساڙڻ نقصان پهچائڻ بجاءِ انهن وزيرن سامهون جهمريون نه پر پنهنجو سخت احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي ۽ ٻڌائڻ گهرجي ته عوام هن وقت وڏي مشڪلات مصيبت ۽ رنج و غم ۾ مبتلا آهي، مهانگائيءَ جو راڪاس چوٽ چڙهي ويو آهي غريب ماڻهو ذهني مريض بڻجي ويا آهن، ٻه ويلا ماني ڪاهڻ محال بڻجي ويو آهي، ملڪ بدترين اهنج درد ڀري ماحول مان گذري رهيو ۽ ملڪ ۾ نت نوان عوام مان مصائب بجلي جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ کان وٺي ڳرن بلن، ڊٽيڪشن بلن، بيروزگاري جي مصيبت، مهانگائي جو تيز ترار گهوڙي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي اهڙين حالتن ۾ عوام پنهنجي آواز کي پنهنجن حڪمرانن تائين پهچائڻ لاءِ هر پليٽ فارم تي هاءِ گهوڙا ۽ پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائي ته من بد ذوق حڪمرانن جي دماغ مان هوا نڪري پئي. باقي نه ته عوام بيزار ۽ تنگ ٿي چڪو آهي لڳي ٿو ته هن ملڪ ۾ آخري آپشن مارشل لا آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو