قتل ٿي ويل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

قتل ٿي ويل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

اوٻاوڙو ( ن سنڌيار)گذريل 18 ڏينهن اڳ سونڻ شاخ وٽ هٿيار بندن هٿان مبينا اغوا ٿي ويل محمّد قاسم ملڪ جي بازيابي لاء سندن وارثن پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي مظاهري ۾ شريڪ مغوي جي وارثن جند وڏو ملڪ , محمّد موسي ملڪ , الاهي بخش ملڪ , نثار شيخ ميڍيا آڏو دانهندي چيو ته 18 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس اسانجي مغوي بازياب ناهي ڪرائي سگهي اسين ايس ايس پي آفيس توڙي اوٻاوڙو ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون چونڊيل نمائندا به اسان جي مدد ڪرڻ لاء تيار ناهن ڏوهارين پاران مغوي محمّد قاسم جي بازيابي لاء اسان کان 30 لک روپيا ڀنگ گهري رهيا آهن اسين انتهائي غريب درجي جا ماڻهون آهيون پورهيو ڪري اسين پنهنجي گهر جو گذر سفر ڪري رهيا آهيون غربت سبب اسين ڀنگ جي رقم ڪٿان آڻيون 18 ڏينهن کان اسانجي گهر اندر چُلھ به نه ٻري آهي مغوي جي پوڙهي امڙ روئي روئي به حال ٿي وئي آهي ۽ اسانجي گهر اندر روڃ راڙو متل آهي پر هتان چونڊيل نمائندا اسان کان ووٽ ته وٺي ويا آهن پر هاڻي اسان سان ملڻ لاء تيار به ناهن احتجاج ڪندڙن اپيل وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاه ۽ آئي جي سنڌ کان ته مغوي نوجوان محمّد قاسم ملڪ کي ڏاڙيلن جي چنبي مان جلد کان جلد بازياب ڪرائي ڏنو وڃي ۽ اسانجي گهر اندر ڦهليل بچيني کي ختم ڪرائي ڏنو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سومر ڏيهاڙي ايس ايس پي گهوٽڪي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو