سائين جو بيان ، دهشتگردي ، بدحالي بک جوسوال

سيد زوار حسين شاه

سنڌ جنهن مٿان ڏاڍ ظلم ٿيندو رهيو آهي ، براه راست برداشت به عوام کي ئي ڪرڻو پوندو آهي ، جڏن به ڪو واقعو رونما ٿئي ان ۾ سڌوسنئون نقصان به عوام جو ئي ٿيندو آهي ، اهڙي صورت هال ۾ جيڪڏهن صرف بيان مان ڪم هلي ته پوء بار بار اسان به ڏينداسين ، سنڌ جيڪا ڪڏهن سکي ستابي هئي هاڻ بک بدحالي جي وڙ چڙهيل آهي ، جڏهن ته جڏهن به قرباني ڏيڻ جو قوت اچي ان لاء به سنڌ ئي تيار رهندي آهي ، هن وقت به ائين ئي ملڪ اندر ٿي رهيو آهي ، جڏهن ته 15 هن سالن کان وٺي پ پ پ جي سنڌ ۾ حڪومت قائم ٿي آهي ، جڏهن ته عوام جي بنيادي حقن تي سياستدانن ڌاڙا هڻي غريبن جي زندگي تاراج پن ڪئي آهي ، سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ آهي زمينون بنجر ٿي ويون آهن سنڌ جي مٿان ڌاريا قابض ٿيندا پيا وڃن ، سنڌ جي وسيلن کي به پ پ اڳواڻن ئي وڪرو ڪيو آهي تازو ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پ پ پ درميان ٿيل معاهدي کان بعد يڪترائي مسئلا جنم وٺندا جنهن کان بعد ڪراچي ۾ وري خونريزي ٿي سگهي ٿي ، جيئن پهريان ٿيندي رهي آهي ، جڏهن ته پ پ پ اعلي قيادت ايم ڪيو ايم پاڪستان جا تمام 27 مطالبه تسليم ڪري ورتا آهن جنهن کان پوء سنڌين جي ڪراچي ۾ انٽري بند ڏسي رهيو آهيان سنڌين کي سنڌ ڪراچي ۾ نوڪريون نه ملنديون ، ايم ڪيو ايم پاڪستان جا هزارين مجرم جن مٿان قتلن جا به الزام آهن هن ٺاهه بعد اهي به آزاد ٿي ويندا ، بند پيل آفيسون کلي وينديون ، جڏهن ته انمن امان يج صورت هال به سنڌ ۾ بهتر نه پيو ڏسان ، ان وقت سائين مٺڙي سيوهڻ جي سائين جو بيان جيڪو توهان يج اڳيان پيش نظر آهي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته دهشتگردي کي ٻيهر ڪَرَ کڻڻ نه ڏينداسين، ڏکين فيصلن پريشان ضرور ڪيو پر انهن جا نتيجا سٺا نڪتا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ 17هين مائي ڪراچي نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير جو ايڪسپو پهچڻ تي صوبائي   وزيرن سردار شاهه، اسماعيل راهو، ڄام اڪرام ڌاريجو، رسول بخش چانڊيو، ڪي سي سي آءِ جي محمد ادريس ۽ زبير موتي والا سندس آجيان ڪئي. وڏي وزير خطاب ڪندي چيو ته ڪيترائي مسئلا آهن، ڪراچي ۾ ٽيڪس ادا ڏيڻ جي 90 سيڪڙو صلاحيت آهي جڏهن ته منهنجو تعلق سيوهڻ سان آهي، آئون چاهيان ٿو ته سيوهڻ سنڌ جو 70 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪري، جيڪو ڪنهن وقت سنڌ جي راڄڌاني هوندو هو. هن وڌيڪ چيو ته اسان واپارين ۽ صنعتڪارن سان گڏ آهيون، ڪجهه ڏينهن اڳ چيئرمين بلاول ڀٽو به واپارين ۽ صنعتڪارن سان ملاقات ڪئي هئي، اسان پاڻي، بجلي ۽ انفراسٽرڪچر تي گڏجي ڪم ڪنداسين. سراج قاسم تيلي اڄ به ياد آهي، سراج صاحب ڪجهه وقت لاءِ ڪرونا دوران ناراض رهيو ۽ ڏک ٿيو ته ڪرونا وگهي ئي فوت ٿيو. هن چيو ته ٽي سال اڳ سائيٽ ايريا ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ اسان سائٽ ايسوسيئشن کي 2.6 ارب رپيا ڏنا هئا ۽ هلندڙ سال سائيٽ ايريا ۾ ترقياتي رٿائن تي 2.4 ارب رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن. هن خطي ۾ سنڌ واحد صوبو آهي جيڪو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تي ڪم ڪري رهيو آهي، ٿر ۾ پاڻي جي پائيپ لائين وڇائي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ وڃي رهيا آهيون، دبئي اڪنامڪ فورم ۾ اسان جو ٽي ڪلاڪ جو سيشن ٿيو. 24 مئي تي سيڙپڪارن جو ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ سيڙپڪاري سيشن ڪوٺائينداسين، واپارين ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف کي 4 ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ويو جنهن مان هن هڪ جو اعلان ڪيو، آئون چوڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن توهان پاران اٺ ڪم لکيا وڃن ها ته ٻه ڪم ته ٿي وڃن ها، ڪراچي سان ظلم ٿيو آهي ۽ هتي جي عوام کي خوش ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون ڪيون ويون، ڪڏهن ڪراچي واسي ته ڪڏهن اهي خوش ٿيندا رهيا جنهن سبب فيصلا درست نه ٿي سگهيا. جيڪڏهن ڪراچي جي ترقي گهٽ ٿيندي ته سڄو ملڪ متاثر ٿيندو. ڪراچي ملڪ جي ترقي جو انجڻ آهي، ڪراچي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ريڊ لائين منصوبي جي لاڳت 75 ارب رپيا آهي. پگهارون ۽ پينشن جي مد ۾ 55 ارب رپيا ادا ڪندا آهيون. هن چيو ته اڄوڪي تقريب ۾ مون ايڊمنسٽريٽر کي نه ڏٺو، رات ٿيندڙ ڌماڪي واري جاءِ تي موجود هو، شايد رات جاڳڻ سبب هو اڄ هتي نه پهچي سگهيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گذريل رات صدر واري علائقي ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته ڌماڪي ۾ هڪ ڄڻو شهيد ۽ 10 زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي تي هڪ مهينو اڳ حملو ٿيو هو. ڪڏهن بلوچ ته ڪڏهن سنڌي آرگنائيزيشن ملوث هوندا آهن، دهشتگرد نه پاڪستاني آهن ۽ نه ئي وري انسان آهن، دهشتگردن جي ڪابه ٻولي ۽ مذهب ناهي، شهر ۾ ڪنهن جو به قتل عام قبول ناهي، سڄي قوم دهشتگردي جو خاتمو چاهي ٿي. هن چيو ته ڪراچي گهڻا خراب ڏينهن ڏٺا آهن ۽ انهن ڏينهن کي واپس اچڻ نه ڏينداسين، اڄ ڪراچي ڪرائم انڊيڪس ۾ گهڻو بهتر آهي. هن چيو ته اهو ماڻهو ناهي جيڪو استادن ۽ نوجوانن کي قتل ڪري، اسان دهشتگردن کي لڪڻ نه ڏينداسين، کين ڪٿي به لڪڻ جي جاءِ نه ملندي. آئون دهشتگردن کي خبردار ڪريان ٿو ته اسان کين ڳولي ڳولي مارينداسين. معيشت بابت ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سال 2004 ۾ ڪي سي سي آءِ جي صدر جي حيثيت ۾ سراج تيلي پاران مائي ڪراچي تقريب هڪ بهترين قدم هو. ڪراچي هڪ معاشي حب جي حيثيت سان اهم آهي ۽ منهنجي حڪومت پيداواري اگهن ۾ گهٽتائي ڪري رهي آهي جڏهن ته صنعت جي ڦيٿن کي سست ڪندڙ رنڊڪن کي ختم ڪري رهيا آهيون. هن شهر کي هڪ اهم معاشي حب جي حيثيت سان پنهنجي اهميت حاصل آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ اهڙين نمائشون ملڪ جي معاشي خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون جيڪي واپاري رابطن کان وٺي معاشي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ تائين  ڪيترائي فائدا مهيا ڪن ٿيون. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪنهن ملڪ جي صنعتي ۽ تجارتي ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۾ چيمبرز جو ڪردار اهم هوندو آهي ۽ ڪي سي سي آءِ پنهنجو ڪردار چڱي ريت نڀايو آهي. وڏي وزير، چيئرمين زبير موتي والا، صدر محمد ادريس ۽ ٻين ميمبرن کي مبارڪباد ڏني. ڪي سي سي آءِ هڪ اهم اسٽيڪ هولڊر جي حيثيت سان ترقي ۾ مضبوط پارٽنر آهي. وڏي وزير چيو آهي ته ڀارت ۽ عمران خان جي حڪومتن پاران ڪرونا ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا ان جا نتيجا سڀني آڏو آهن. هن چيو ته ڏکيا فيصلا پريشان ڪندڙ ضرور هوندا آهن پر ڏکين فيصلن جا نتيجا سٺا ثابت ٿيا آهن ۽ اسان ڪورونا ۾ ڏکيا فيصلا پڻ ورتا آهن ۽ عوام ڪورونا ۾ حڪومت جي ڏکين فيصلن جو ساٿ ڏنو آهي. اڳوڻي وزيراعظم تي تنقيد ڪندي وڏي وزير چيو ته عمران خان حضورﷺ جي شان تي فرانسي کي ملڪ بدر ڪرڻ جي مخالفت ڪئي، اڄ اهوئي شخص عمران خان آمريڪا ۽ سڄي دنيا کي ٽارگيٽ بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت وارا چون ٿا ته عام چونڊون ڪرايون وڃن، آئون کين پڇان ٿو ته ساڍا ٽي سال توهان ڇا ڪيو؟ جو ٻيو موقعو وٺي رهيا آهيو، گذريل حڪومت سڀني شين ۾ تباهي آندي آهي. هن چيو ته ماضي ۾ وفاق پاران ڪوبه تعاون نه ڪيو ويو، گذريل حڪومت ماحول کي پولرائزڊ ڪري ڇڏيو هو ۽ وفاق صوبن سان ڳالهائي نه سگهندو هو. وڏي وزير چيو ته وفاق جي مدد کانسواءِ سنڌ حڪومت ڪم نٿي ڪري سگهي. گذريل حڪومت صوبي جي عوام کي خوش ڪرڻ لاءِ گهٽين ۽ رستن جي گٽرن جي صفائي جو ڪم ڪيو. گذريل حڪومت عدليه، ڪاروبار ۽ اسٽيبلشمينٽ سميت سمورن ادارن سان ٽڪراءُ پيدا ڪيو. وڏي وزير هلندڙ توانائي بحران تي چيو ته توانائي بابت وفاقي وزير نويد قمر سان اجلاس ڪندس. ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ سخت گرمي جي لهر ۽ هيٽ ويو کي نظر ۾ رکندي مراد علي شاهه ڪي اليڪٽرڪ جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته بجلي جي فراهمي بنا ڪنهن وقفي جي جاري رکي وڃي ۽ لوڊشيڊنگ تي هر صورت ۾ ڪنٽرول ڪيو وڃي. هن عوا کي هدايت ڪئي ته ڪوشش ڪريو ته ٿڌي ڇانو هيٺ رهو. وڏي وزير، ڪمشنر کي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عوام لاءِ پاڻي جي سهولت کي هر صورت ممڪن بڻايو وڃي جڏهن ته اسپتالن کي به الرٽ رکيو وڃي. وڏي وزير عوام کي هدايت ڪئي  ته وڌ کان وڌ پاڻي استعمال ڪن. هن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪندي چيو ته اهڙي صورتحال ۾ مزدورن ۽ عام ماڻهن جو خيال رکيو وڃي.وڏي وزير چيو ته امن امان هڪ وڏو ٽاسڪ آهي، اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس اڄ گهرايو آهي جنهن ۾ وڏا فيصلا ڪيا ويندا. سيف سٽي پروگرام پڻ جلد شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته 2013 ۾ هن شهر کي 7 خطرناڪ شهرن ۾ شمار ڪيو ويو ۽ ان کانپوءِ سمورن ادارن جي مدد سان ڪرائيم انڊيڪس ۾ هيٺ آندو ويو. اسٽريٽ ڪرائم جا مسئلا آهن، انهن کي حل ڪيو ويندو. هن چيو ته 2015ع جي واقعي کانپوءِ سڀني کي احساس ٿيو ته عوام ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو آهي، سڄي قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏ آهي ۽ سنڌ حڪومت ايپڪس ڪميٽي جا ڪيترائي اجلاس گهرايا آهن. هن چيو ته وزيراعظم نيڪٽا کي بحال ڪرڻ چاهي ٿو، نيڪٽا غير فعال هو، هن چيو ته دهشتگردي سرحد پار جو مسئلو آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان نيشنل ايڪشن پلان تي ڪم ڪيو آهي پر باقي ٻن صوبن ڪيترو ڪم ڪيو آهي؟ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هنن ماڻهن کي منهنجي شڪل پسند نه هئي جنهن سبب نيشنل ايڪشن پلان کي ختم ڪيو ويو. هن چيو ته جائز مسئلن لاءِ سڀني کي هڪ ميز تي ويهي حل ڳولڻو پوندو بس مان گزراش ڪندس ته سائين سنڌ جي عوام جا بنيادي مسئلا گهڻا آهن خدا جي واسطي انهن تي به نظر ثاني ڪيو جيڪڏهن هن وقت وري ڪا سياسي چال کيڏي عوام کان ووٽ ورتا ته پوء ايندڙ اليڪشن ۾ اوهان جو ڪڙو احتساب ٿيندو ۽ ڪپتان به سنڌ تي گهري نظر رکڻ لاء چيو آهي ڪپتان جا ٽائيگر جن ڪافي محنتن بعد پ پ پ کان بعد ٻئي نمبر تي پزيرائي حاصل ڪئي ان کي به مدي نظر رکندا نه ته سنڌ م به دمادم مست قلندر ٿيندو ،

پهنجو تبصرو موڪليو