ليکڪ سيد زوار حسين شاهه
رمضان المبارڪ بابرڪت مهيني ۾ جتي مسلمان روزه رکي الله سائين جي خوشنودي حاصل ڪري رهيا آهن ٻئي طرف پنهنجي ذاتي انا لاء سياستدان آئين کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان فائدو حال ڪري رهيا آهن جيڪو به غير آئيني سمجهون ٿا اهڙن سياستدانن تي آرٽيڪل 6 لاڳو ٿيڻ گهرجي ، جڏهن ته پاڪستان ۾ آئين موجود آهي ، 18 هين ترميم جي ڪري اسان جا صوبا ۽ اداره خودمختيار آهن پر جهڙي ريت پاڪستان جي هر چونڊيل حڪومت کي سدائين ڪي به ڪي حربا استعمال ڪري چونڊيل وزيراعظم جي تذليل ڪري ان انهن جي وزيرن مٿان خطرناڪ بهتان الزام تراشي ڪري گهر ڀيڙو ڪندا آهن اهو به ڪنهن کان لڪيل ناهي ، گذريل مهيني کان وٺي جهڙي ريت ڪپتان کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو جنهن کان پوء نه صرف پاڪستان پر ڪڙو سچ اهو به اهي ته پوري دنيا جي ننڊن وڏن شهرن ۾ به خطرناڪ احتجاج ريليون بر آمد ڪيون ويون ۽ هڪ ٽرينڊ هليو ته امپورٽيڊ حڪومت نامنظور نامنظور ، ٽيوٽر تي 10 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ٽرينڊ هليو آهي جڏهن ته ڪپتان جا ٽائيگرس يا عام ٻين سياسي مذهبي تنظيمن سان تعلق رکندڙ ، پاڪستان ۾ شعور رکندر اڪثر نوجوان بزرگ به ڪپتان جي ان ٽرينڊ ته اپورٽيڊ حڪومت نامنظور ۾ شامل ٿيا پر جڏهن به ڪپتان پاڪستان جي غيرت مند شعور رکندڙن شعوري شهرين کي سڏيو ته هو گهي ڇڏي ڪپتان جي پويان آهن جيڪڏهن مان ڪپتان جي پشاور ، ڪراچي ، مينار پاڪستان لاهور جي جلسن جي ڳالهه ڪيان ته اها به پاڪستان م هڪ تاريخ رقم ٿي چڪي آهي ، جن جن ڪپتان کي گهر ڀيڙو ڪرڻ ۾ امپورٽيد حڪومت سان ساٿ ڏنو انهن جون هاڻ ڪانپين ٽانگ رهي هين جا آواز اچي رهيا آهن ، هن وقت ڪپتان پاڪ برڪت رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ 27 رمِان المبارڪ جي رات فخر پاڪستان ، علامه طارق جميل کان پاڪستان جي خوشحالي پاڪ دشمنن کي نيست نابود ڪرڻ لاء پاڪستان جي بقا سلامتي لاء دعائون گهريون ويون آهن ، اهڙي صورت حال بعد مان سمجهان ٿو ته جتي سڄي دنيا سميت پاڪستان جو عوام ڪپتان سان گڏ آهي الله سائين به ڪپتان عمران خان جي غيبي مدد ڪري رهيو آهي ، ڪپتان جي ان ڳالهه کي اڳتي کني وڌندس ته ڪپتان هڪ آمريڪي خط مراسلي جي ڳالهه ڪئي هئي ته هي خط آهي جنهن م ڪنهن کي ڌمڪي ڏني وئي آهي ته ڪجهه به ڪيو ڪپتان خلاف عدم اعتماد پيش ڪري ، ڪپتان کي گهر ڀيڙو ڪيو ، توهان سان رعايت ٿيندي ، توهان جي مالي مدد ڪئي ويندي ، پر جيڪڏهن عدم اعتماد ڪامياب نه ٿيندي ته توهان مٿان سخت پابنديون مرهيون وينديون ، اهري بيان بعد مان سمجهان ٿو ته جهڙي ريت خير سان قانون آئين جي پاسدارن کي ڏٺوسين جن عجيب غريب فيصلا ڏنا جنهن کان بعد ڪيئن ڪپتان کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو اهو به اسان جي اڳيان آهي ، پر مان سلام پيس ڪندس سابق وزيراعظم ڪپتان جناب عمران خان جي همت جرئت کي جنهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ڏنل هر فيصلي کي تسليم ڪيو پر آئيني ڪجهه سوال به اٿاريا جن جا جواب هن وقت تائين ناهين ملي سگهيا اهڙي صورت حال ويتر ملڪ اندر قانوني آئيني سوال پيدا ڪيا ته هي ملڪ اندر ڇا ٿي رهيو آهي ، ڪپتان وڏي دانشمندي سان براه راست وري به عوام سان سوشل ميڊيا پرنٽ ميڊيا اليڪٽرانڪ ميڊيا ٽيوٽر ، انسٽاگرام ذريعي رابطو ڪيو ۽ هن وقت پاڪستان يعوام ڪپتان مٿان اعتماد ڪندي ان تحريڪ جنهن کي ڪپتان نالو ڏنو آهي ته غلامي يا آزادي هر پاڪستاني شهري خواه جهڙي به پارٽي سان هو تعلق رکندو هجي ان کي هن تحريڪ م شامل ٿيڻ جي خاص دعوت ڏيان ٿو . ٻئي پاسي ڪپتان جي اها ڳالهه ته اسان انتسار نه ٿا چاهيون ملڪ جي وڏي ۾ وڏي سياسي پارٽي هئن ڪري اسان اهو آئيني حق رکون ٿا ته ملڪ اندر اليڪشن ڪرائي وڃي جيئن عوام فيصلو ڏيئي جيڪو ڪامياب ٿئي اهو ملڪ جو حاڪم ٿي سگهي ٿو ڪو اعتراض نه هوندو ،
جڏهن ته پاڪستان جي وزيراعظم سدائين جيان پنهنجي تائيگرس کي تيار رهڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ هاڻ پريس ڪانفرنس ڪندي تائيگرس ۽ بين شعوري عوام خواه ڪهڙي به سياسي پارٽي يا مذهبي تنطيمن سان تعلق هجي هو هن تحريڪ ۾ شامل ٿي غير آئيني قائم ٿيل حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪن ۽ اليڪشن جو اعلان ڪن ، جنهن کان بعد پوري پاڪستان جي عوام ۾ شعور جذبو ڏسي رهيو آهيان ۽ مان سمجهان ٿو ته لکين ماڻهون اسلام آباد جو رخ ڪندا جڏهن ته جيڪڏهن مسئلي جو حل نه نڪتو ته اسلام آباد سميت پوري پاڪستان کي به بلاڪ ڪري سگهجي ٿو ، جڏهن ته جيڪڏهن طاغوتي امپورٽيڊ حڪومت ضد تي قائم رهي ۽ چند ڏوڪڙن جي ضد تي هوڏ تي قائم رهي ته جيڪا ڳالهه اڪفي عرصي کان سابق وزيرداخله شيخ رشيد چيئي رهيو آهي ته اسان ڪنهن حال ۾ به خانه جنگي نه ٿا چاهيون ته پوء خانه جنگي جي ٿيڻ جا به خدشا ظاهر ٿي رهيا آهن ، مان عرض ڪندس ته سٽي پريس ڪلب لائيو نيوز اسٽوڊيو سميت سٽي پريس ڪلب راڻيپور ، سنڌ سميت پاڪستان جي شهرين کان جڏهن سوال ڪيا ته ڇا حڪومت وقت پنهنجي ضد کي ختم ڪري نئين اليڪشن ڪرائڻ لاء راضي ٿيندي ته 100 مان 80 فيصد ماڻهن نيوٽرل ٿي جواب ڏنو ته ته جهڙي ريت پندڙ فقيرن کي حڪومت ملي آهي جنهن جي ان وزيراعظم ميان شهباز شريف جنهن مٿان 40 ارب روپين جو ڪيس هجي جنهن ۾ ان جو پٽ حمزه شهباز به شامل هجي ان کي به عدالت سڳوري جي حڪم تي وزيراعلي جو حلف کنايو وڃي ، اڪثريت اهي وزير هجن جن کي اڊيالا جيل جا قيدي هجن جن مٿان به اربين روپين جا الزام هجن جيڪي ضمانتن تي آزاد هجن اهي ڪيئن حڪومت جا مزه ڇڏيندا ، پر جهڙي ريت عوام ۾ چڙ ڏسون پيا ، جيڪڏهن هو روڊن رستن چوراهن تي نڪري آيا ته پوء امپورٽيڊ حڪومت هلائڻ گهٽ ۾ گهت شهباز شريف يا ٻين يج وس جي ڳالهه ناهي ، ان ڪري جهيڙو يٿندو قيمتي جانيون ضايع پڻ ٿينديون ڪو وڏو حادثو به ٿي سگهي ٿو الله سائين ڪري ائين نه ٿئي ، رياست پاڪستان جي معتبر ادارن جي سربرهان کي هن سڄي صورت هال تي ڪڙي نظر رکڻ گهرجي ، پر جهڙي ريت عوام ۾ شعور ڏسي رهيا آهيون لکن جي تعداد ۾ سڀ دشواريون ٽوڙي اسلام آباد پهچندا پر جيڪڏهن ڪنهن به استادي ڏيکاري ته پوء دمام دم مست قلندر به ٿي سگهي ٿو حالات سنگين ٿي سگهن ٿا ، اهڙي صورت حال کي ڪيئن ڪنٽرول ڪيو ويندو ، اهو به سوال جنم وٺي رهيو آهي ، برحال پاڪستان جي سابق وزيراعظم ڪپتان ڪال ڏيئي ڇڏي آهي مئي يج آخري هفتي کان دنگل شروع ٿيندو ، ٻئي پاسي هن وقت کان ئي ڪپتان جي ٽائيگرن هر ڳوٺ شهر چوراهن هوٽلن سميت شهرين سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته ڪپاتان کي وزيراعظم طور ڏسڻ لاء عوام پريشان آهي ، مان عرص ڪندس ۽ تقريبن هر ڪالم م يا دوستن سان هڪ ذڪر نڪرندو آهي ته ملڪ اندر نيون اليڪشان ڪرائي هي سياسي جهيڙو ختم ڪرائي سگهجي ٿو ، باقي جن سدائين ملڪ هلايو آهي اهي هاڻ کان ئي ڪپتان جي ڏنل ڪال پيغام تي غوپر ويچار ڪندا ، پر جهڙي ريت ڪپتان امپورٽيد حڪومت ۾ سامل سياسي اڳواڻن مٿان الزام هنيا آهن جيڪڏهن عوام ڪپتانم جي بيانيئي کي سچ تسليم ڪري نڪتو ته پاڪستان جي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي ريلي به هوندي احتجاج به هوندو ته ٿي سگهي ٿو ته ڌرڻو به هجي ، هن وقت مان سپريم ڪورٽ اف پاڪستان جي قابل احترام چيف جسٽس صاحب سميت هر عدالت جي قابل احترام جج صاحبان ، پاڪستان ارمي جي چيف صاهب کي گذارش ڪندس ته پاڪستان جنهن کي مان 48 سالن جي عمر کان غلام ڏٺو ، عوام جا ڪڏهن به سياستدانن بنيادي مسئلا حل نه ڪيا ، تعليم صحت جا اداره تباهه غريب انصاف لاڀ ترسي رهيو آهي ، ملڪ دشمن قوتون سدائين پاڪستان جي حڪمرانن کي چند ڏوڪڙن جي چمڪ ڏيکاري غلام بڻائي 22 ڪروڙ عوام جي زندگي جا فيصلا پيا ڪن ، دستور پاڪستان موجود آهي پر جمهوريت جو راڳ ڳائيندڙن ڪڏهن به آئين يت پاڻ عمل ناهي ڪيو ، جيڪڏهن حلف کڻندڙ چونڊيل نمائيندو يا وزير پاڪستان جي عوام سان ڪوڙ ڳالهائي ، ان جا بنيادي حق غصب ڪري ، پاڪستان خلاف نفرت ڦهلائيندر ايوان اعلي ۾ ويهن انهن کي به تحفظ مهيا ڪيو وڃي ، جن مٿان اربين روپين يج رڪپشن جا الزام هجن جن تي فرد جرم لاڳو ٿيڻي هجي ، انهن کي وزيراعظم يا وافقي وزير بڻائي عالمي دنيا تائين ڪهڙو پيغام پهچائڻ چاهيون ٿا ، توهان معتبر آئيني غير سياسي اداره آهيون جن تي اسان جو 22 ڪروڙ عوام فخر ڪندو آهي ۽ ڪنداسين ، هاڻ به براه راست آئيني مداخلت ڪري الجهيل مسئلي کي سلجهائي سگهون ٿا ، جيڪڏهن سچ اهو آهي ته 22 ڪروڙ عوام جي طاقت ، شعور کي دبائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته خانه جنگي به ٿيندي ۽ صديون پوئتي هٽي وينداسين ، معيشت تباهه ٿي ويندي ، 22 ڪروڙ عوام غلام ئي سڏيو ويندو ، ان ڪري آئيني فيصلو ڪري اهڙن چورن لٽيرن جن جي اولاد پاڪستان ۾ نه هجي جن جي شهريت به لنڊن سميت ڪنهن ٻئي ملڪ جي هجي ، جن جا ڪاروبار به باهرين ملڪن ۾ هجن ، جن کي پيٽ م سور پوي ته پاڪستان کان ڪنهن ٻئي ملڪ وڃي علاج ڪرائين ، جن جون آف شور ڪمپنيون ٻاهرين ملڪن ۾ بزنيس ڪن اهڙن سياستدانن مان اسان ڪهڙو سبق وٺي رهيا آهيون ، عوام توهان کان صرف اليڪشن ڪرائڻ جي اميد رکي ٿو آئيني رستو ڪڍي ملڪ اندر انتشار جي فضا کي ختم ڪرائڻ ۾ مدد ڪيو ، ائين نه ٿئي ته نفرت ڪندڙ آخري حد تائين وڃي ڪو فيصلو ڪن جنهن سان ڪنهن کي به فائدو نه رسندو سواء ملڪ دشمن قوتن چورن لٽيرن کي ، برحال ڪپتان جو آئيني حق آهي ته اليڪشن جو مطالبو ڪري ، ڪال ڏيئي ، پر ڪنهن صورت ۾ ڪنهن ٻئي جي جنگ وڙهڻ کان بهتر آهي ته پنهنجي قوم سميت آئين جو دفاع ڪيون جيئن خانه جنگي نه ٿئي. zawarsaeen110@gmail.com










