لاهور (ويب ڊيسڪ)خاص عدالت چيو آهي ته 16 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين خلاف 14 مئي تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو، کين چيو ويو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي حاضري يقيني بڻائين ڇو ته وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي نه ڪئي ويندي. وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) نومبر 2020 ۾ وزيراعظم شهباز ۽ سندس پٽن حمزه ۽ سليمان خلاف ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ ايڪٽ جي مختلف شقن هيٺ داخل ڪيو ويو آهي. سليمان شهباز برطانيا ۾ مفرور آهي. 14ٻين جوابدارن کي پڻ ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. خاص عدالت 27 جنوري تي ڪيس ۾ شهباز ۽ حمزا جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪئي هئي. اڄ ٻڌڻي دوران اسپيشل ڪورٽ سينٽرل جي جج جسٽس اعجاز حسن اعواڻ رمارڪس ڏنا ته وزيراعظم جي غير حاضري سبب جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، جنهن عدالت ۾ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي هئي، وزيراعظم ڪابينا جي اجلاس سبب عدالت ۾ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني هئي. عدالت وزيراعظم شهباز شريف جي درخواست منظور ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جو امڪان رد ڪري ڇڏيو. عدالت سمورن جوابدارن کي 14 مئي تي ذاتي طور تي طلب ڪري ورتو. ايف آءِ اي ڊسمبر 2021 ۾ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز ۽ حمزا خلاف شوگر اسڪينڊل ڪيس ۾ 16 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ۾ ملوث هجڻ تي خاص عدالت ۾ چالان جمع ڪرايو هو. عدالت ۾ جمع ڪرايل ايف آءِ اي جي رپورٽ موجب جاچ ٽيم شهباز خاندان جي 28 بي نامي اڪائونٽس جو پتو لڳايو آهي جنهن ذريعي 18-2008ع دوران 16.3 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪئي وئي، ايف آءِ اي 17 هزار ڪريڊٽ ٽرانزيڪشن جي مني ٽريل جي جاچ ڪئي.










