لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير حمزا شهباز اڄ حلف کڻندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان معاملي تي وفاق ۽ پنجاب حڪومتن وچ ۾ خط و ڪتابت ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين چونڊيل وڏي وزير حمزا شهباز جي حلف برداري اڄ شام 4 وڳي ٿيندي. ذريعن موجب سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي نئين چونڊيل وڏي وزير کان حلف کڻڻ لاءِ لاهور پهچندو، جنهن لاءِ گورنر هائوس ۾ حلف برداري جي تقريب جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايوان صدر کي هاءِ ڪورٽ جو حڪم ملي ويو آهي ۽ ايوان صدر ان تي وزيراعظم هائوس کان راءِ طلب ڪري ورتي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم هائوس چيئرمين سينيٽ کي وڏي وزير جي عهدي جو حلف کڻڻ جي صلاح ڏني.










