حمزا شهباز اڄ پنهنجي عهدي جو  حلف کڻندو

حمزا شهباز اڄ پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير حمزا شهباز اڄ حلف کڻندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان معاملي تي وفاق ۽ پنجاب حڪومتن وچ ۾ خط و ڪتابت ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين چونڊيل وڏي وزير حمزا شهباز جي حلف برداري اڄ شام 4 وڳي ٿيندي. ذريعن موجب سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي نئين چونڊيل وڏي وزير کان حلف کڻڻ لاءِ لاهور پهچندو، جنهن لاءِ گورنر هائوس ۾ حلف برداري جي تقريب جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايوان صدر کي هاءِ ڪورٽ جو حڪم ملي ويو آهي ۽ ايوان صدر ان تي وزيراعظم هائوس کان راءِ طلب ڪري ورتي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم هائوس چيئرمين سينيٽ کي وڏي وزير جي عهدي جو حلف کڻڻ جي صلاح ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو