ڇا ڪپتان جي وڃڻ سان عوام کي رليف ملندو؟

ڇا ڪپتان جي وڃڻ سان عوام کي رليف ملندو؟

ليکڪ سيد زوار حسين شاهه

جيڪڏهن مان عرض ڪيان ته پاڪستان ۾ جهڙي ريت غريبن سان ظلم ٿيندو رهيو آهي اهو ڪنهن کان لڪيل ناهي ، ملڪ کي تباهه ڪندڙن ۾ نه صرف ڪرپٽ سياستدان پر سول ۽ وردي وارن ڪامورن ۽ عام ماڻهن جن خاموشي اختيار ڪئي آهي اهي به ان  چوري ۽ ملڪ کي تباهه ڪرڻ ۾  انهن جا سهولت ڪار آهن جيڪڏهن انقلاب  آڻڻو آهي ته اسان سڀنن کي سڄاڳ به ٿيڻو پوندو جهڙي ريت هن وقت سياستدانن جا پرڪار ڏسي رهيا آهيون جهڙي ريت منڊيون لڳيون پيون آهن ڪو ٿو چوي ته صوبو گهرجي ڪو ٿو چوي ته وزارت اعلي گهرجي . بهرحال ڪو ڀلي وزارت ٿو چاهي ائين ئي ملڪ هلندو رهيو آهي پر جهڙي ريت ڪپتان ٿوري وقت ۾ پوري دنيا م پاڪستان جو نالو روش ڪيو آهي اهو ڪنهن کان لڪيل ناهي بهرحال ڪوئي تسليم ڪري يا ڪري ،  اهو ڪڙوپ سچ آهي جهڙي ريت سياستدانن جي خريد فروخت جي منڊي لڳي پئي آهي اهو به ڪنهن کان لڪيل ناهي ، مان سمجهان ٿو ته فيصلا ڪن جنگ شروع آهي ، ۽ ڪپتانن هڪ ڪامياب رانديگر سان گڏ ڪپتان ۽ ملڪ جو وزيراعظم آهي ، هن کي الله سائين ڪاميابي عطا فرمائي  جيڪڏهن ملڪ وري انهن جن جن مٿان ڪرپشن جا مبينا الزام آهن وري آيا ته هن ملڪ کي مڪمل تباهه ڪندا هڪ ٻئي جا سخت ترين مخالف  حريف ڪپتان جي دشمني ۾ سڀ گڏ ٿي ويا آهن اهو ئي ثبوت ڪافي آهي ته ڪپتان  انهن لاء  خطرناڪ ثابت ٿيندو لٽيل دولت به ورتي ويندي. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته برائي جي خلاف بيهڻ پوري قوم جو فرض آهي، 27 مارچ تي عوام جو سمنڊ چورن جي خلاف نڪرندو ۽ انهن کي پيغام ڏيندو ته توهان جي ڦرلٽ جا ڏينهن ختم ٿي چڪا آهن، چوري جي  پئسي سان اهي ماڻهو پارليامينٽ ميمبرن جا ضمير خريد ڪري رهيا آهن، انهن مشرف دور وانگر اين آر او حاصل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر آئون انهن کي بار بار چوان ٿو ته حڪومت ته معمولي شيءَ آهي منهنجي جان به هلي وڃي ته انهن کي معاف نه ڪندس، اهي اقتدار ۾ اچي ڪرپشن ڪيسز ختم ۽ لنڊن ۾ ويٺل ڀڳوڙي کي واپس آڻيندا جيڪو عدليه ۽ فوج تي حملي آور ٿيندو، پئسي جا پوڄاري اهي ماڻهو ڪڏهن به آزاد پرڏيهي پاليسي جا حامي نه ٿا ٿي سگهن. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ڪماليه ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته مولانا رومي فرمايو ته جيڪا قوم چڱائي  ۽ برائي ۾ فرق نه ڪري، اها قوم ختم ٿي وڃي ٿي، هتي ماڻهو سياست ۽ ڊيزل جي پرمٽ جي نالي تي پنهنجو ضمير وڪرو ڪري ڇڏين ٿا، ملڪ جي سڀ کان وڏي بيماري آصف زرداري تي نيب ۾ اربين رپين جا ڪيس آهن، شهباز شريف چيري بلاسم استعمال ڪري ٿو، جنهن سان بوٽ وڌيڪ چمڪي ٿو. وزيراعظم چيو ته رياض فتيانه کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ته ايترو وڏو پنڊال ڀريو. هن چيو ته مخالف ڌر جون شڪلون ڏسي انهن جي واپسي جي ڊپ کان الله ماڻهن جون دليون منهنجي طرف ڦيري ڇڏيون. هن چيو ته آئون سڄي دنيا گهميو آهيان، برطانيا جو سڄو نظام ويجهي کان ڏٺو آهي، ان سسٽم جو منهنجي برابر ڪنهن ٻئي ليڊر جو مطالعو نه آهي، ان ملڪ جو مستقبل قوم آهي، سٺي ۽ بري جي تميز ڪئي آهي، تميز نه ڪندڙ قوم ”ختم“ ٿي وڃي ٿي. هن چيو ته الله قرآن ۾ امر بالمعروف جو حڪم ڏنو آهي، حقن جي لاءِ قانون جي بالادستي، فلاحي رياست ٺاهڻ جو حڪم ڏنو، برائي جي خلاف جهاد جو حڪم ڏنو آهي. هن نوجوانن کي مخاطب ڪندي چيو ته معاشري ۾ جڏهن برائي ڏسو ٿا ته الله اهو حڪم ناهي ڏنو ته توهان نيوٽرل رهو. ڪنهن هڪ سان شامل ٿيڻو پوندو، 30 سالن کان قوم ۽ ملڪ کي ڦريندڙ جن جي خلاف نيب ۾ ڪيسز آهن انهن مان هڪ ڊيزل جي پرمٽ تي پنهنجو ضمير وڪرو ڪري ٿو، ٻئي زرداري تي اربين رپين جا جعلي اڪائونٽس ڪيسز نيب ۾ هلي رهيا آهن، ٽيون شهباز شريف آهي جنهن جي چپڙاسي جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ 375 ڪروڙ رپيا اچي وڃن ٿا. سمورن نوڪرن جي اڪائونٽس ۾ 16 ارب رپيا آيا ان جو ڪيس لڳل آهي، هي اتي دير وارا حربا استعمال ڪري رهيو آهي ان کي خبر آهي ته جيڪڏهن عمران خان جي حڪومت وڌيڪ برقرار رهي ته ان کي جيل وڃڻو پوندو، چوٿون عدالت کان سزا يافته ڌيءَ جي نالي تي اربين رپين جي محلن جو مالڪ آهي جنهن جا ڪيس هلي رهيا آهن ۽ هو ملڪ مان ڀڄي ويو آهي، اهي سڀ نيب زده گڏ ٿي ويا آهن، انهن جي سموري فيملي لنڊن ويٺل آهي انهن سڀني گڏجي فيصلو ڪيو ته عمران خان جي حڪومت ڪيرايون ۽ اقتدار ۾ اچي سڀ کان اڳ اهي نيب کي ختم ڪندا، انهن اين آر او حاصل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي جيئن مشرف انهن کي اين آر او ڏنو، ان کانپوءِ انهن 10 سالن ۾ ٻنهي هٿن سان ملڪ ڦريو. وزيراعظم چيو ته آئون انهن کي بار بار چوان ٿو ته حڪومت ته معمولي شيءَ آهي منهنجي جان به هلي وڃي آئون انهن کي معاف نه ڪندس، انهن جي ڪوشش آهي ته اقتدار ۾ اچي پنهنجا ڪرپشن ڪيسز ختم ڪرائين، جيئن ئي اهي ڪيس ختم ٿي ويا، لنڊن ۾ ويٺل ڀڳوڙو واپس اچي ويندو. ميديا ۾ پئسو هلائڻ جي شروعات ان ڪئي، هاڻي اهو پاڪستان جي عدليه جي مٿان حملي آور ٿيندو ڇو ته ڪرپٽ عنصرن جو پهريون ڪم عدالتن کي ڪم نه ڪرڻ ڏيڻ آهي. هن ماضي ۾ سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو اهو سدائين پنهنجا امپائر رکي ڪرڪيٽ کيڏندو هو، انهن کانسواءِ هو ڪا مئچ نه کٽيو، ماضي ۾ هن ججز، ميديا کي خريد ڪيو، ميمبرن جا ضمير خريد ڪرڻ جي لاءِ ڇانگا مانگا لڳايو. ان جو اڳيون حملو پاڪ فوج تي هوندو، ماضي ۾ هر آرمي چيف سان ان جا اختلاف رهيا. وزيراعظم چيو ته نواز شريف لڪي لڪي نريندر مودي سان ملندو رهيو، برکا دت پنهنجي ڪتاب ۾ ان جو انڪشاف ڪيو. ان جو سبب اهو هو ته ان کي فوج کان ڊپ هو ۽ هو اهو پيغام ڏيندو رهيو هو ته آئون ڀارت سان دوستي ڪرڻ چاهيان ٿو پر فوج نه مڃي رهي آهي. آصف زرداري جي دور ۾ آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير آمريڪي فوج جي سربراهه کي چوندو رهيو ته هو زرداري کي فوج کان بچائي، اهي پئسي جا غلام آهن، اهي پاڪستان جي آزاد پرڏيهي پاليسي جا حامي نه ٿا ٿي سگهن، يورپي يونين ڪائونسل جي صدر فون ڪري يوڪرين ۽ روس جي جنگ ۾ مون کي ڪردار ادا ڪرڻ جو چيو، ڇا شهباز شريف مان به اهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي؟ هن چيو ته اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 80 هزار جانين جي قرباني ڏني، 100 ارب ڊالر جو معاشي نقصان ٿيو، قبائلي بي گهر ٿيا، اسان کي ابتو افغانستان ۾ جنگ جو ذميوار قرار ڏنو ويو، اسان جي ملڪ تي ڊرون حملا ڪيا ويا، ڇا آئون ان تي ايبسليوٽي ناٽ نه چوان ها. هن چيو ته اسان ڪنهن به ملڪ سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جي حق ۾ نه آهيون پر لاڳاپا بهتر ڪرڻ ۽ بوٽ پالش ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي. هن چيو ته قوم ڪڏهن اهڙن ماڻهن کي ووٽ نه ڏي جن جي سربراهه جو پئسو ٻاهر پيل هجي، اهو ملڪ جي پرڏيهي پاليسي آزاد ٿيڻ نه ڏيندو. هن چيو ته اسان جي دور ۾ ٽيڪس اوڳاڙين، روانگي واپار، مٽاسٽا جي ناڻي سان گڏوگڏ رڪارڊ فصلون ٿيون، مهانگائي هن وقت دنيا جي مقابلي ۾ گهٽ ترين سطح تي آهي، روزگار ۾ ايشيا ۾ پاڪستان سڀ کان اڳتي آهي، انهي جي ڪري اسان جي حڪومت جي خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن، چوري جي پئسي سان ايم اين ايز جا ضمير خريد ڪيا پيا وڃن. هن پوري قوم کي اپيل ڪئي ته اها 27 مارچ تي اسلام آباد پهچي ۽ انهن ماڻهن سان گڏ بيهي جيڪي چورن جي خلاف بيٺل آهن، پاڪستان جي تاريخ جو اهو فيصلائتو ڏينهن هوندو جڏهن عوام جو سمنڊ نڪرندو، ڏوهارين کي اهو پيغام ڏيڻو آهي ته توهان جي ڦرلٽ جا ڏينهن ختم ٿي چڪا آهن، هي جلسو هڪ نئين تاريخ لکندو ، مان عرض ڪندس ته پاڪستان خلاف نه صرف ملڪ اندر پر باهين دنيا جا ڪيترائي ملڪ جا سربراهه پاڪستان خلاف سازشون ڪري رهيا آهن ملڪ اندر انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آهي جنهن تي به ڪپتان پاڪ فوج سربراهه ، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان عوام گهري نظر رکي رهيا آهن  ڪيترن ئي پاڪستان دشمنن قوتن اها به ڪوشس ڪئي ته او آئي سي اجلاس پاڪستان م نه ٿئي پر انهن جا اهي خواب چڪنا چور ٿي ويا ، برحال هن وقت به عوام ڪپتان سان گڏ نظر پيو اچي ، مان سمجهان ٿو ته هن وقت فيصلا ڪن جنف لاء طبل وڄي چڪا اهن نتيجو جيڪو به اچي پر ڪپتان وري به انهن ڪرپٽ مافيه ملڪ دشمنن لاء ڪافي آهي ان ڪري سوال ڪري سگهون ٿا ته ڇا چور به هاڻ سوگها ٿيندا لٽيل دولت واپس ٿيندي ، مهنگائي ختم ٿيندي غريبن کي انصاف مهيا ٿيندو ، ۽ ڇا هاڻ لٽ مار جا ڏينهن ختم ٿي ويندا.                          zawarsaeen110@gmail.com 

پهنجو تبصرو موڪليو