ٺٽو(ڊ ر)مڪلي جي درگاھ حضرت شاھمراد شاھ شيرازي ۽ ميون سيد عاليٰ رح جن جو ٻن ڏينھن وارو ساليانو عرس مبارڪ سندن آخري ارام گاھ تي جاري آھي، جنھن جو افتتاح اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاھ شيرازي ۽ ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي درگاھ تي چادرون چاڙھي دعائون گھرڻ سان ڪيو، جنھن بعد سيد شفقت حسين شاھ شيرازي، ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي، اڳوڻي ايم پي اي سيد امير حيدر شاھ شيرازي، سيد امتياز شاھ شيرازي ۽ ٻين پاران الحاج سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي آخري آرام گاھ تي پھچي حاضري ڀري چادرون چاڙھي دعائون گھرندي چيو آهي ته سنڌ صوفي بزرگن ۽ درويشن جي ڌرتي آهي جن هميشه پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي ۽ سندن ڏنل تعليم تي عمل ڪرڻ اسان سڀني جي فرضن ۾ شامل آهي. هن چيو ته بزگن جون درگاهون روحانيت، فيض جون نديون، امن جو مرڪز ۽ اسان سڀني جو قيمتي اثاثو آهن، جن جو ادب ۽ احترام ڪرڻ اسانجو اولين فرض آھي. ان موقعي تي پاڳارو سيد اسماعيل شاھ شيرازي، سيد الطاف حسين شاھ شيرازي، عبدالجبار شيخ، گلابي ملاح، غلامر ھنڱورو، عبدالمجيد خاصخيلي ۽ بيا پڻ موجود ھئا. ميلي جي موقعي تي علماء اڪرامن خطاب ڪرڻ سان گڏ مولودن جي محفل، نعت خواني سميت بيا دل وندرائيندڙ پروگرام پڻ شامل ھئا، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا آھن.










