مقتل گاهه بڻيل سنڌ ۽ پوليس جو ڪردار؟

مقتل گاهه بڻيل سنڌ ۽ پوليس جو ڪردار؟

ليکڪ خالد ميمڻ
نواب ولي محمد ڀرسان ديھ ڀنڀائي جي ڳوٺ اسماعيل ڀنڊ ۾ زمين جي مالڪي تان زرداري برادري جي ماڻھن ڀنڊ برادري جي 5 ماڻھن ۽ ايس ايڇ او عبدالحميد کوسو کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو,سکر ڀرسان تماچاڻي ويجهو ڳوٺ گيلو ۾ زمين جي ورهاست تان ڀائرن جي ويڙھ تان 5 گهرڀاتين سوڌو 6 ڄڻا مارجي ويا,نئون ڪوٽ ۾ ٻن نياڻين کي مبينه طور اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بنايو ويو,نرسنگ هائوس آفيسر پمز نواب شاه پروين رند کي مبينه طور هراسان ۽ تشدد ڪيو ويو,سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي الماس ڀان کي سجاول مان مبينا طور پوليس پاران کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي وئي,ڦلجي اسٽيشن جي صحافي ساجد الرحمان پهنور جي گهر تي پنهنجي جي مائٽن پاران گهر تي مبينه حملو ڪري سندس ماسات کي قتل ۽ گهر ڀاتين تي تشدد ڪيو ويو,نمرتا ۽ نوشين وارا واقعا,سيتاروڊ جي ميڊيڪل جي شاگردياڻي ڊاڪٽرعصمت جي خودڪشي سميت سنڌ ۾ روزانه ڪيترائي خودڪشين جا ٿيندڙ واقعا,روزانه ڪاروڪاري جي الزامن ۾ عورتن ۽ مردن کي سرعام ماريو پيو وڃي,مطلب ته هن وقت سنڌ هڪ مقتل گاه بڻيل آھي جتي روزانه معمولي معمولي ڳالهين تي ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿين پيون آخر ڇو حالانڪه سنڌ ڌرتي هڪ پرامن ڌرتي طور مشهور هوندي هئي جتي هر هرهڪ اهو چاهي پنجاب,خيبرپختونخواه,بلوچستان يان ڪنهن ٻئي ملڪن کان آيل هجن اهي سڪون سان رهي ڪري ڪاروبار ڪندا هيا ۽ مذھبي رواداري به سنڌ جي ملڪان ملڪ مشھور هوندي هئي پر هي هاڻي الائي ڇو سنڌ جي رهواسين کي آخر ڇا ٿي ويو آھي جو اهي ٿوري ٿوري معمولي ڳالهين تي هڪٻئي جو خون ڪندي دير ڪونه ٿا ڪن ۽ هن سنڌ ڌرتي ۾ نياڻين کي ست قران جو درجو ڏنو ويندو آھي ۽ نياڻين جي عزت ڪئي ويندي آھي ته هاڻي آخر ڇو تعليمي ادارن ۽ ٻين جاين تي نياڻين جي بيحرمتي ڪئي ٿي وڃي انهن تي تشدد ڪيو پيو وڃي ۽ کين ايترو ته حراسان ڪيو پيو وڃي جو اهي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبورن ٿين پيون اهڙي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت ۽ پوليس کاتي جو ڪردار انتهائي لاغرضي ۽ ڪن لاٽار وارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو پيو حالانڪه عوام ووٽ ڏئي انهن حڪمرانن کي ان جي لاء اقتدار ۾ نه ٿا موڪلين ته اهي رڳو پنهنجو ۽ پنهنجن ساٿين جو پيٽ ڀرين ۽ پنهنجي ناجائز ملڪيتن ۾ اضافو ڪندا رهن ۽ عوام کي ائين بي يارو مددگار مرڻ لاء ڇڏي ڏين جڏهن ته رياست جو اصل ڪم ئي اهو آھي ته اها رياست عوام جي جان و مال جي حفاظت جو مڪمل بندوبست ڪري عوام کي صحت,تعليم,روزگار سميت ٻيون سهولتون مهيا ڪري جيڪي سندن فرضن ۾ شامل آھي پر بدقسمتي سان سنڌ جا حڪمران رڳو پنهنجي اقتدار کي ڊيگھ ڏيڻ واسطي پنهنجي پارٽي ۾ سنڌ جي وڏيري ڪلاس جي ماڻھن کي شامل ڪري عام عوام کي صفا وساري ڇڏيو آھي ۽ سنڌ جي سڀني کاتن ۾ پنهنجي اقتدار جي ڀائيوارن جا جائز ناجائز ڪم ڪرڻ تي زور اٿن جنهن جي ڪري سنڌ اندر عام عوام جنهن جي اقتدار ڌڻين تائين پهچ بلڪل به ناهي اهي مسلسل تڪليفن ۾ گذاري رهيا آھن ۽ پوليس کاتو ته مڪمل ڪمداري وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آھي پوليس رڳو مختلف روڊن تي بيهي ايندڙ ويندڙ گاڏين کان ڀتو وٺڻ,ٿاڻن تي ايندڙ مسئلن ۾ پيسا وٺي ڏاڍن ماڻھن جي چوڻ تي مظلوم عوام کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سميت هر اهو ڪم ڪري ٿي جنهن ۾ عام عوام جو پوليس مٿان اعتماد بلڪل ختم ٿيندو ٿو وڃي ۽ پوليس سڄو ڏينهن وزيرن,مشيرن,اقتداري اڳواڻن کي پروٽوڪول ڏيڻ ۽ انهن جي حڪمن مطابق مخالفن کي زبردستي اقتداري پارٽي ۾ شموليت تي مجبور ڪندي نظر اچي ٿي پئي انهن سڀني خرابين جي ڪري عام عوام صفا نڌڻڪو بڻجي ويو آھي ۽ تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ نياڻيون ۽ ٻين کاتن ۾ ڪم ڪندڙ عورتون مڪمل طور غير محفوظ بڻيل آھن ۽ عام عوام صفا نفسياتي مريض بڻجي چڪو آھي جنهن جي ڪري ٿوري ٿوري معمولي ڳالهين تي کين جلد ڪاوڙ اچيو ٿي وڃي ۽ ان ڪري هرهنڌ جهيڙا جهڳڙا معمول بڻجي ويا آھن ۽ ڪاروڪاري ۾ قتل ڪندڙن کي سزائون بلڪل به نه ٿيون ملن ڪاروڪاري سميت ٻين ڪيل خونن ۾ انصاف نه ملڻ ڪري ماڻھو جرڳن جي فيصلن جو شڪار ٿين ٿا ان ڪري رياست کي گهرجي ته پوليس کي مڪمل غير سياسي بڻائي,تعليمي ادارن ۽ ٻين سرڪاري غير سرڪاري کاتن ۾ ڪم ڪندڙن عورتن جو مڪمل تحفظ يقيني بڻائين ۽ عورتن تي تشدد ۽ هراسان ڪندڙن کي قانون موجب سخت سزائون ڏنيون وڃن ۽ جرڳن تي مڪمل پابندي لڳائي مظلوم عوام کي عدالتن جي ذريعي انصاف مهيا ڪيو وڃي ۽ قاتلن کي قانون موجب سخت سزائون ڏنيون وڃن ۽ ڪنهن به قاتل,زاني کي پئسن عيوض معاف نه ڪيو وڃي جڏهن ته عام عوام کي سڀ بنيادي سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن ۽ تعليمي ادارن سميت ٻين کاتن ۾ ڪم ڪندڙن ۽ عام عوام جي مفت نفسياتي طور ڪائونسلنگ ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن اهي ان نفسياتي مسئلن مان نڪري ڪري هڪ سٺا شھري بڻجي وڃن ۽ اسان جي سنڌ جيڪا هڪ پرامن مذھبي رواداري طور مشهور هوندي هئي اها ساڳي شڪل ۾ واپس اچي وڃي ۽ عام عوام سڪون سان رهي سگهي جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته اڳتي ان جا تمام خطرناڪ نتيجا نڪرندا ۽ انهن خطرناڪ نتيجن جا شڪار اسان سڀ سنڌ واسي ٿينداسين#

پهنجو تبصرو موڪليو