واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا م مختلف سپلائي چينز پاران ٽرانسپورٽ ۽ پيداواري لاڳت وڌي وڃڻ ڪري عام استعمال جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي ۽ جنوري ۾ مهانگائي جي شرح 40 سالن کان وڌي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري اي پي جي رپورٽ موجب قيمتن ۾ واڌ جو ڪارڻ گذريل بهار کان وڏي پيماني تي موجود آهي، جڏهن ته اجرت گهٽ ۾ گهٽ 20 سالن ۾ تيز ترين رفتار سان وڌي رهي آهي. ڊيٽا فراهم ڪندڙ فيڪٽ سيٽ جي مطابق، اقتصاديات جي ماهرن اڳڪٿي ڪئي آهي ته جڏهن ليبر ڊپارٽمينٽ جنوري لاء افراط زر جي انگن اکرن جي رپورٽ تيار ڪندو ته ان ۾ اهو ظاهر ڪندو ته هڪ سال اڳ جي ڀيٽ قيمتن ۾ 7.3 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. مهانگائي جي شرح ڊسمبر ۾ سالياني شرح کان 7.1 سيڪڙو وڌيڪ هوندي ۽ اهو فيبروري 1982ع کان پوءِ سڀ کان وڏو واڌارو هوندو. ساڳئي وقت، ٻيا ڊيٽا ظاهر ڪري سگھن ٿا ته قيمت وڌائڻ جو عمل سست ٿيڻ شروع ٿي چڪو آهي.










