نواب ولي محمد (سنڌيار)ڳوٺ قائم الدين گائنچو ۾ ڪمند جي فصل ۾ گاھ ڪندڙ عورت زبيده زال مير خان گائنچو پراسرار نموني سان قتل عورت جو قتل ڳجهارت بڻجي ويو. نامعلوم ماڻهو کيس گوليون هڻي فرار ٿي ويا آهن. پوليس واقعي واري ھنڌ پنهنچي لاش تلعق اسپتال قاضي احمد کڻائي پھتي جتي فوتي عورت جو پو سٽ ماٽم ڪرائي لاش واثن حوالي ڪيو ويو.










