اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت ۽ ٽي ايل پي ۾ معاهدي تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي، حڪومت ۽ بندش پيل تنظيم وچ ۾ معاهدي کانپوءِ پنجاب مان گرفتار 800 کان مٿي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو آهي. پنجاب جي قانون ۽ پارلياماني معاملن جي وزير راجا بشارت چيو آهي ته سعد رضوي جي آزادي خلاف پنجاب حڪومت پاران داخل ڪيل اپيل واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته جن ماڻهن کي 16 ايم پي او هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو تن کي آزاد ڪيو ويو آهي ۽ جن تي ايف آءِ آر آهي اهي عدالتن مان ضمانت ڪرائيندا. اسلام آباد ڏانهن مارچ دوران ٽن ڏينهن جي جهڙپن ۾ 5 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا ۽ ٻنهي ڌرين جا سورن ماڻهو زخمي ٿيا هئا. حڪومت هڪ ڏينهن اعلان ڪيو ته هي ڀارتي امداد سان رياست جي رٽ کي چيلينج ڪن ٿا، هي پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم آهي حڪومت سندن خلاف ڪاروائي ڪندي. جنهن بعد مفتي منيب الرحمان جي سرباهي ۾ وفد آرمي چيف سان ملاقات ڪئي ته حڪومت ٻئي ڏينهن تي ساڻن ڳالهيون ڪري مطالبا مڃي ورتا.










