عمر شريف جو مڙهه آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

عمر شريف جو مڙهه آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جڳ مشهو ڪاميڊين عمر شريف جون آخري رسمون ادا ڪرڻ بعد عبدالله شاهه غازي جي مزار جي حد ۾ مٽيءَ ماءَ حوالي ڪيو ويو. سندس جنازي نماز ۾ هزارين شهري شريڪ ٿيا.

Funeral Prayers of Umar Sharif

سندس مڙھ اڄ صبح ترڪي مان ڪراچي پهچايو ويو . مڙھ ايڌي سرد خاني کان گلشن اقبال ۾ سندس رهائشگاهه تي آندو ويو جتي مٽن مائٽن کي آخري ديدار ڪرايو ويندو، جنهن جي حوالي سان تياريون به مڪمل ڪيون ويون آهن. عمر شريف جي جنازي نماز ڪلفٽن ۾ عمر شريف پارڪ ۾ ادا ڪئي ويندي، جنازي نماز لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، عمر شريف جي تدفين عبدالله شاه غازي جي مزار جي احاطي ۾ ٿيندي، عمر شريف جو مڙهه ڪراچي پهچڻ تي صوبائي وزير سعيد غني، ۽ ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽِي آءِ اڳواڻ پڻ ايئرپورٽ پهتا هئا. ياد رهي ته هو آمريڪا علاج لاءِ ويندي جرمني ۾ فوت ٿي ويو هو. سعيد غني عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو وڌ کان وڌ جنازي نماز ۾ شرڪت ڪري ليجنڊري اداڪار ڱي خراج پيش ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو