اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گڏيل مفادن واري ڪائونسل 10 سالن لاءِ بجلي پيداوار ۾ واڌ بابت پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزير اعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه سوڌو چئني صوبن جي وڏن وزيرن ۽ ٻين ميمبرز شرڪت ڪئي.آدمشماري جي نتيجن ۽ پاڻي جي ورڇ سوڌو ٻين اهم مامرن جو جائزو ورتو ويو، توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته ماضي ۾ اهڙو پلان منظور ٿئي ها ته گردشي قرضن کان بچي وڃون ها، هاڻ ٻولي ذريعي سستا پلانٽس لڳايا ويندا.ٻئي پاسي سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو آهي ته سي سي آءِ ۾ سنڌ کي سستي بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي جي منظوري ناهي ڏني وئي اسين سي سي آءِ جي فيصلن جي مذمت ڪريون ٿا ۽ تسليم نه ڪنداسين، اسين معامو پارليامينٽ جي گ_يل اجلاس ۾ کڻي وينداس.










