مسلمان ٿيل هندو ناري خلاف اغوا جو ڪيس ختم ڪريو، عدالت

مسلمان ٿيل هندو ناري خلاف اغوا جو ڪيس ختم ڪريو، عدالت

سکر(بيورو رپورٽ) اغوا ڄاڻايل ھندو ناريءَ خالده بيبي طرفان تحفظ لاءِ سکر ھاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ايس ايس پي سکر، ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ حد جي پوليس کي مسلمان ٿيندڙ ناري خالده بيبي کي تحفظ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وڪيل شبير بوزدار موجب عدالت مسلمان ٿيندڙ خالده بيي عرف شبانه جي اغوا واري ايف آء آر جاچ آفيسر کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت خالده بيبي جو بيان ٻڌڻ بعد کيس پنهنجي مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ميرپور ماٿيلو جي ڳوٺ لال بخش ڪلوڙ جي رھواسڻ خالده بيبي اڳ ۾ ميگهواڙ ھئي جنھن جو نالو شبانه ھيو تنهن پنھنجي مرضيءَ سان اسلام قبول ڪيو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪندي خالده بيبي چيو ته اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ ھو ھاڻي اسلامي تعليم حاصل ڪري رھي آھي، اسلام قبول ڪرڻ تي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن منهنجي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو