نئين ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز سنڌ کي استادن پاران مبارڪون

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخیلی)پروفيسر غلام مصطفيٰ چارڻ کي ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز سنڌ مقرر ٿيڻ تي سنڌ جي مختلف ڪاليجن جي پرنسپالن ۽ پروفيسرن طرفان مبارڪن جو سلسلو جاري  آهي ان موقعي تي پروفيسر عرفان ڪلھوڙي چيو ته دادو جي زرخيز زمين مان جنم وٺڻ وارو، کلڻو، پوري زندگي درس تدريس سان وابسته، يارن جو يار ۽ نڀائڻ ۾ سندس ڪو ثاني ناھي مان وارو پروفيسر غلام مصطفيٰ چارڻ کي سندس نئي چارج بطور ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز سنڌ مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيڻ لاءِ سندس آفيس ڪراچي ۾ اڄ اسين موجود آھيون، ھن موقعي تي پرنسپال گورنمنٽ سچل سرمست ڪامرس ھير آباد ڪاليج حيدرآباد پروفيسر روشن علي راڄپر ، پروفيسر امتياز منگي ڪراچي، ڊاڪٽر مظهر ميمڻ، پروفيسر غلام حيدر سومرو، پرنسيپال گورمنٽ گرلز ڊگري ڪاليج سيھوڻ پروفيسر گل نرگس پڻ موجود ھئي، پروفيسر غلام مصطفيٰ چارڻ ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز سنڌ چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته سنڌ جي ھر ڪاليج ۾ جديد لائبريرين جو قيام ڪرايان، ڪاليجن اندر استادن جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيان،

پهنجو تبصرو موڪليو