واوڊا پارن ڪميشن کي نااهلي ڪيس خارج ڪرڻ جي استدعا

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر فيصل واوڊا اليڪشن ڪميشن کان پنهنجي خلاف نااهلي ڪيس خارج ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي آهي.اليڪشن ڪميشن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ سينيٽر فيصل واوڊا جي نااهلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن سلسلي ۾ فيصل واوڊا ڪميشن ۾ پيش ٿيو. اليڪشن ڪميشن فيصل واوڊا کي ڪيس ۾ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ کان ڇوٽ ڏئي ڇڏي جڏهن ته واوڊا جي وڪيل دليل ڏيڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کان وقت گهري ورتو.ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته چار مان 2 درخواست ڏيندڙن اليڪشن ڪميشن ۾ جواب جمع  ناهي ڪرايو. سمورن درخواست ڏيندڙن کي گڏ ٻڌنداسين. فيصل واوڊا ڪميشن کي ٻڌايو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ منهنجي خلاف درخواست خارج ڪئي هئي. اليڪشن ڪميشن کي به استدعا ڪريان ٿو ته درخواستن کي خارج ڪيو وڃي. ڇو ته اليڪشن ڪميشن جو قيمتي وقت ضايع ڪيو پيو وڃي.فيصل واوڊا جي استدعا تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته درخواست ڏيندڙن جو جواب اچڻ تي جائزو وٺي ئي فيصلو ڏنو ويندو. اليڪشن ڪميشن درخواست ڏيندڙن کان ايندڙ ٻڌڻي تي دليل طلب ڪري ورتا ۽ وڌيڪ ٻڌڻي 20 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو