پي پي مخالف لاڙڪاڻو اتحاد سرگرم، جلسي جو فيصلو

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي خلاف لاڙڪاڻو عوامي اتحاد کي فعال ڪرڻ جو فيصلو، جلد جلسو ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويندو. ان ڏس ۾ اتحاد جو اجلاس ڪنوينر ڊاڪٽر صفدر عباسي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اميربخش ڀٽو، الله بخش انڙ، جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو، جي ڊي اي، ايم پي اي معظم عباسي، عادل الطاف انڙ، ظفر الله سانگي، قربان عباسي، رياض چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اتحاد کي فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان حوالي سان اڳواڻن چيو ته مختلف سياسي شخصيتن سان رابطو ڪري مستقبل جو لائحه عمل طئي ڪيو ويندو، اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي ميزباني هيٺ عوامي جلسو ڪوٺايو ويندو، جنهن ۾ عوامي اشوز تي ڳالهايو ويندو، اجلاس ۾ اِهو به فيصلو ڪيو ويو ته اتحاد جو اجلاس عيدالفطر کان پوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ اميربخش ڀٽو جي ميزبانيءَ ۾ ڪوٺايو ويندو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، سنڌ اندر امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي موجوده سياسي صورتحال ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف مسئلن تي به غور ويچار ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته ڪڻڪ جي آبادگارن کي اڃا تائين باردانو فراهم نه ڪيو ويو آهي، اڳواڻن چيو ته لاڙڪاڻي ۽ قمبر  شهدادڪوٽ ضلعن لاءِ خريف جي فصل جو پاڻي نه ڏنو ويو ته علائقي ۾ وڏي تباهي اچي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو