بغاوت ناڪام، شاهي خاندان نظر بند، امريڪا ۽ سعودي جي حمايت

اردن (ويب ڊيسڪ)اردن جي بادشاهه خلاف بغاوت ناڪام بنائڻ ۽ شاهي خاندان جي فردن کي نظر بند ڪرڻ بابت آمريڪا، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن اردن جي بادشاهه عبدالله جي قدمن جي حمايت ڪئي آهي. آمريڪا  جي پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته اردن ۾ پيش آيل واقعي جو جائزو وٺي رهيا آهيون، اردن جو شاهه عبدالله آمريڪا جو ويجهو اتحادي آهي، کيس اسانجي مڪمل حمايت حاصل آهي. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده  فيصل بن فرحان بن عبدالله چيو آهي ته سعودي عرب شاهه عبدالله ۽ ولهي عهد شهزاده حسين جي قيادت ۾ اردن سان گڏ بيٺل آهي، اردن جي هاشمي مملڪت جي حمايت سعودي عرب جي مستقل پاليسي جو حصو آهي، سعودي سميت وچ اوڀر جي ٻين رياستن به اردن جي بادشاهه عبدالله جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي، گڏيل عرب امارتن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان اردن جي شاهه عبدالله جي ملڪي سيڪيورٽي ۽ استحڪام بابت کنيل قدمن جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا. ياد رهي ته اردن ۾ شاهه عبدالله جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ بغاوت ڪئي وئي هئي جيڪا سندس حڪومت ناڪام بڻائي ڇڏي آهي. اڳوڻي ولي عهد حمزه بن حسين سميت 200 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اڳوڻي ولي عهد ۽ شاهه عبدالله جي ويڳي ڀاءُ حمزه بن حسين کي گهرڀاتين سميت سندس گهر ۾ نظربند ڪيو ويو آهي، اردن جي اڳوڻي ولي عهد حمزه پنهنجي ويڳي ڀاءُ ملڪ جي بادشاهه تي ڪرپشن، نااهلي ۽ ماڻهن کي حراسان ڪرڻ جو الزام لڳايا هئا، اردن جي انٽيليجنس اختيارين موجب حراست ۾ ورتل شخصيتون نه رڳو ڪيترن ئي مهينن کان شڪي سرگرمين پر شاهه عبدالله خلاف به عوام ۾ احتجاج ۽ بغاوت جي منصوبابندي ۾ به ملوث هئا، تنهن هوندي سمورن ماڻهن جي نظربندي دوران واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي. اردن ميڊيا مطابق فوج جي جوائنٽ چيف آف اسٽاف جي سربراهه ميجر جنرل يوسف حونيتي اڳوڻي ولي عهد جي گرفتاري جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته حمزه کي گرفتار ناهي ڪيو، کيس اهڙيون سرگرميون روڪڻ جو چيو ويو آهي، جنهن سان اردن جي سيڪيورٽي ۽ سلامتي کي خطرو آهي، ڪوبه قانون کان مٿانهون ناهي، جاچ جاري آهي، جنهن جا نتيجا سڀني جي سامهون آڻينداسين. ٻئي طرف حمزه بن حسين هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته آئون ڪنهن به سازش يا منصوبابندي جو حصو ناهيان، مونکي گهر ۾ قيد ڪيو ويو آهي، جتي نه ڪنهن سان ملڻ جي اجازت آهي ۽ نه وري ڳالهائڻ جي اجازت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو