لبنان ۾ اقتصادي بحران ڊالر15 هزار لبناني پائونڊ جوٿي ويو

لبنان(ويب ڊيسڪ)لبنان ۾ اقتصادي بحران شدت اختيار ڪري چڪو آهي ، لبناني پائونڊ آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ ملڪي تاريخ  گهٽ ۾ گهٽ سطح تي اچي ويو آهي.لبنان ۾ جاري سياسي ۽ اقتصادي بحران جو بدترين ڏينهن هو ، لبناني ڊالر جي قيمت 90 سيڪڙو آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ گهٽجي وئي ۽ هڪ آمريڪي ڊالر 15 هزار لبناني پائونڊز لاءِ اوپن مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي.نيوز ايجنسي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي پئسي مٽائيندڙن چيو ته اهي 14هزار 800 کان 900 لبناني پائونڊ جو ڊالر خريد ڪري رهيا آهن جڏهن ته هڪ آمريڪي ڊالر 15 هزار لبناني پائونڊ ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي. مهانگائي ۽ بيروزگاري مان تنگ ٿي ماڻهو حڪومت خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ روڊن تي نڪري آيا گذريل سال بندرگاهه تي بم حملي کانپوءِ استعيفيٰ ڏيڻ کان پوءِ لبنان ۾ ڪا به نئين حڪومت ناهي ٺهي ۽ نه ئي نگران حڪومت نئين سال 2021 لاءِ بجيٽ منظور  ڪئي آهي .

پهنجو تبصرو موڪليو