چيئرمين سينيٽ دنگل,ڪپتان ۽ اپوزيشن پر اميد

چيئرمين سينيٽ دنگل,ڪپتان ۽ اپوزيشن پر اميد

تحرير زوار حسين شاهه

پهرين مرحلي ۾ سينٽرس جي چونڊ ٿي گذري اسلام باد جي خاص سيٽ تي جتي يوسف رضا گيلاني ، حڪومتي ڌر جي عبدالحفيظ شيخ کي عبرت ناڪ شڪست ڏني جنهن بعد ڪپتان شڪست تسليم ڪندي فوري ايوان بالا مان اعتماد جي ووٽ حاصل ڪرڻ جو اعلان ڪيو جتي اپوزيشن اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو پر ڪپتان 178 ووٽ حاصل ڪري وري پي ڊي ايم کي حيراان ڪن شڪست ڏني  سينيٽرس جي چونڊ لاء 3 کان چار ارب روپين جي رشوت هلي جن پنهنجي ضمير جو سودو ڪري خاص يوسف رضا گيلاني کي ڪامياب بڻايو برحال ٻه ملهون ٿي گذريون آهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر حمزه شهباز سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ پنجاب ۾ ان هائوس تبديلي ۽ لانگ مارچ سميت مختلف معاملا بحث هيٺ آيا آهن. مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر حمزه شهباز ماڊل ٽائون لاهور ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي بلاول ڀٽو زرداري جي اعزاز ۾ مانجهاندو ڏنو. بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ يوسف رضا گيلاني، قمرزمان ڪائره، چوڌري منظور ۽ حسن مرتضيٰ موجود هئا. جڏهن ته مسلم ليگ(ن) طرفان سردار اياز صادق، سعد رفيق، رانا ثناءُالله، عطاءُالله تارڙ ۽ اويس لغاري به موجود هئا. ملاقات جي دوران  سينيٽ چيئرمين جي لاءِ اپوزيشن پارٽين طرفان يوسف رضا گيلاني کي گڏيل اميدوار بنائڻ، حڪومت جي خلاف تحريڪ پنجاب ۾ ان هائوس تبديلي ۽ لانگ مارچ سميت مختلف معاملا غور هيٺ آيا. ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اعتماد لاءِ ووٽنگ جي انگن اکرن جي آزاد جاچ جو مطالبو ڪندي آهي ته ريس ۾ اڪيلو هجڻ باوجود عمران خان کي ڌانڌلي ڪرڻي پئي. ن ليگ اڳواڻ حمزا شهباز ماڊل ٽائون لاهور ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي بلاول ڀٽو زرداري جي اعزاز ۾ مانجهاندو ڏنو، جنهن ۾ پ پ چيئرمين سان گڏ يوسف رضا گيلاني، قمر زمان ڪائرا، چوڌري منظور ۽ حسن مرتضيٰ به شرڪت ڪئي، جڏهن ته ن ليگ جو اياز صادق، سعد رفيق، راڻا ثناءُ الله، عطاءُ الله تارڙ ۽ اويس لغاري پڻ موجود هئا. ملاقات دوران سينيٽ چيئرمين لاءِ يوسف رضا گيلاني کي گڏيل اميدوار بڻائڻ، حڪومت خلاف تحريڪ، پنجاب ۾ ان هائوس تبديلي ۽ لانگ مارچ سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران حمزا شهباز چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سان ڪيترن ئي معاملن تي ڳالهيون ٿيون، اسان اڳتي وڌنداسين ۽ پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان اهم فيصلا ڪنداسين. هن چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف خلاف ٽڪي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي سگهي، 50 لک گهر ۽ هڪ ڪروڙ نوڪرين جو نعرو هنيو ويو، ڪٿي آهن اهي؟ بلاول ڀٽو زرداري خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت خوف ۾ ورتل آهي، پنجاب ۾ مخالف ڌر اڳواڻ کي 2 سال جيل ۾ رکيو ويو ته جيئن حڪومت هلي سگهي، اسان ثابت ڪري ڇڏيو ته عوام ۽ پارليامينٽ اسان سان گڏ آهي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم پاڪستان جي عوام سان ڀوڳ ڪيو، وزيراعظم اندر جي خوف کان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪيو، چيو پيو وڃي ته وزيراعظم جيترا ووٽ حاصل ڪيا، ايترا پارليامينٽ ۾ ماڻهو نه هئا، ووٽنگ جي آزاد جاچ ڪرائي وڃي. هن چيو اسان جي ڪوشش آهي ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ پي ڊي ايم جي فتح ٿئي، پي ڊي ايم سينيٽ ۾ حڪومت کي تاريخي شڪست ڏني آهي، سمورا فيصلا مشاورت سان ٿيندا، پي ڊي ايم کي فيصلو ڪرڻو آهي ته بي اعتمادي رٿ ڪڏهن ۽ ڪٿي آڻڻي آهي، اسلام آباد ۾ ڇا ڪرڻو آهي، اسان گڏجي حملو به ڪنداسين ۽ ڪامياب به ٿينداسين   اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو عزم آهي ته ان کي پاڪستان کي نقصان پهچائيندڙن جو پيڇو ڪرڻو آهي، مهانگائي جي خلاف هن جهاد جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، شفاف چونڊن جي لاءِ اسان قدم کڻنداسين، معيشت جي استحڪام کانپوءِ ان جا ثمر هاڻي غريب عوام کي ملندا، پئسي ۽ ڌوئنس جي سياست ڪندڙ عوام جي مفاد بدران پنهنجي ڪاروبار ۽ ڪرپشن جي ڪيسن ۾ ريليف جي لاءِ ٻيهر اقتدار جو خواب ڏسي رهيا آهن، عمران خان کي اقتدار عزيز نه آهي. ڪالهه آچر ڏينهن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ڀرپور ووٽ ورتو، تحريڪ انصاف جمهوريت تي يقين رکي ٿي، وزيراعظم عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي سياست اقتدار ۽ اصولن تي آهي، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن سينيٽ ۾ جنرل سيٽ تي پئسو لڳائي پي ڊي ايم جو اميدوار کٽي ويو ته وزيراعظم عمران خان ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو دليراڻو فيصلو ڪيو. هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ اهي قوتون شامل آهن جن هن ملڪ جي اخلاقي قدرن کي برباد ڪيو هي پئسي مفادن، ڌوئنس ۽ لالچ تي 1985ع کان سياست ۾ آيا، انهن کي ڪير سڃاڻيندو ئي نه هو، انهن سياست ۾ رشوت، پئسو ۽ مفاد کڻي اهڙي گروهه کي مٿي چاڙهيو جيڪو پاڪستان جي پاڙن ۾ ويهي رهيو، ادارن کي کوکلو ڪيو، ميرٽ جو قتلام ڪيو، پئسي جي زور تي پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ انهن جو مشن هو، انهن جي حڪومتن ۾ ملڪ معاشي، اخلاقي، سماجي ۽ جمهوري طور تي ڪنگال ٿيو. اطلاعات واري وزير چيو ته پارليامينٽ جو مقصد عوام جي مفادن جو تحفظ آهي، ذاتي مفادن جو نه. هي ٽولو ڪهڙي طرح پنهنجي خلاف قانونسازي ڪندو، انهن پارليامينٽ کي ذاتي مفاد جي لاءِ استعمال ڪيو، اقتدار ۾ اچي انهن اربين رپين جون ملڪيتون ٺاهيون. هڪ پارٽي روٽي، ڪپڙا، مڪان جو نعرو لڳايو جڏهن ته ٻئي طرف نواز شريف ۽ سندس حواري آهن جن جي ڪرپشن جا داستان عام آهن. انهن سياست کي ڪاروبار جي لاءِ استعمال ڪيو. انهي سوچ ۽ طرزعمل وارن کي پاڻ سان گڏ آندو جيڪي جمهوري عمل کي استعمال ڪندي ذاتي مفاد کڻندا رهيا. هن چيو ته 1997ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ۾ ڪا سيٽ نه هئي، 2001ع ۾ هڪ جڏهن ته 2008ع جي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو، 2013ع ۾ خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهي، 2018ع ۾ وفاق ۾ پي ٽي آءِ کي اڪثريت ملي جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي عوام ڪارڪردگي بنياد تي ٻيهر چونڊيو، اڄ 2021ع ۾ سينيٽ ۾ به تحريڪ انصاف وڏي پارٽي بڻجي سامهون آئي آهي. هن چيو ته اسان اخلاقيات تي ٻڌل نظام، قانون جي حڪمراني ۽ خوشحالي چاهيندا هئاسين، پئسي وارن کي 2018ع جي چونڊن ۾ پاڪستان جي عوام رد ڪيو اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) اڄ هڪ هڪ صوبي تائين محدود ٿي رهجي ويون آهن جڏن ته تحريڪ انصاف جي چئني صوبن ۾ نمائندگي آهي اسان پنهنجي نظريي تي قائم رهياسين، عوام هن ٽولي جي نظريي کان تنگ هئي، سنڌ پنجاب جي حالت سڀني جي سامهون آهي. هن چيو ته گذريل مهيني پي ڊي ايم اليڪشن ڪميشن آڏو مظاهرو ڪيو، انهن جو بيانيو وقت بوقت تبديل ٿيندو رهندو آهي جتي انهن جو مفاد هجي اتي اهي ان جي حق ۾ هوندا آهن. اطلاعات واري وزير چيو ته گذريل ڏينهن پي ڊي ايم جي اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس هارايل جوارين وانگر هئي، انهن جا منهن لٽڪيل هئا. هن چيو ته سينيٽ چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ يوسف رضا گيلاني جو پٽ ووٽ خراب ڪرڻ جو طريقو ٻڌائي رهيو هو جڏهن ته هنن چونڊن ۾ پئسو استعمال ڪيو هاڻي هي ان کي ڪاميابي چون ٿا انهن جي سياست جو دارومدار ئي پئسي ۽ ڌوئنس جي سياست تي آهي، هي پنهنجي ڪاروبار ۽ ڪرپشن جي ڪيسز ۾ ريليف جي لاءِ ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ چاهين ٿا، هي عوام جي مفادن جي خلاف هر حربو استعمال ڪري رهيا آهن پر انهن جي آڏو هاڻي هڪ مختلف ماڻهو آهي جيڪو ڪنهن جي دٻاءُ ۾ نه ٿو اچي جيڪو اصولن جي سياست ڪري ٿو، ان واضح ڪري ڇڏيو ته ان کي اقتدار عزيز نه آهي جن پاڪستان کي نقصان پهچايو انهن جو پيڇو ڪرڻو آهي، هو اهڙيون چونڊون چاهي ٿو جنهن ۾ مڪمل شفافيت هجي ۽ اهو ڪم اسان جي حڪومت ڪندي. اسان مشڪل حالتن جي باوجود معيشت کي مستحڪم ڪيو آهي، وڏا مسئلا حل ڪيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم جي اعتماد جي ووٽ کانپوءِ تازي هوا جو جهونڪو مليو آهي، ايندڙ ڏينهن استحڪام جا هوندا، ان جا ثمر عوام تائين پهچندا، مهانگائي جي خلاف وزيراعظم جهاد جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته غريبن کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏني ويندي، ان تي ٽن مهينن کان ڪم جاري آهي، اسان جو محور هن وقت عوام آهي، عوام کي انهن قدمن سان فائدو ملندو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام عمران خان جي پٺيان شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي ، برحال مان سمجهان ٿو ته پي ڊي ايم ۽ حڪومتي ڌر ڪپتان في الحال ٻئي پر اميد نظر اچي رهيا آهن هي ٽئين ملهه آهي ڏسڻو اهو آهي ته ٻئي ڌريون سگهاريون آهن ظاهر ٻنهي ڌرين مٿان شفقت جو هٿ نظر اچي رهيو آهي مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن ڪپتان يا اپوزيشن ڪنهن وڏي کي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا اها  ڌر وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي ، جيڪڏهن ڪپتان چيئرمين سينٽ چونڊرائڻ م ڪامياب ٿي ويو ته في الحال ته اپوزيشن جي بولتي بند ٿي ويندي جيڪڏهن پي ڊي ايم جو اميدوار ڪامياب ٿيو ته پوء اهو سمجهڻ گهرجي ته ڪپتان پاڻ ئي استعفا ڏيئي گهر ڀيرو ٿئي نه ته ڪو اڃان به ڪو بيو دنگل شروع ٿيندو جنهن م ملڪ مٿان ڪارا ڪڪر نظر ايندا ، پوء ٻيو خوش ٿئي يا نه ٿئي پر مان عرض ڪيان ته عوام خدا خاص نفل ادا ڪندو                                      

پهنجو تبصرو موڪليو