سائين محمد قاسم مشوري، سنڌ جون درگاهون قسط(7)

سائين محمد قاسم مشوري، سنڌ جون درگاهون قسط(7)

تحرير الله بچايو رند

.سائين محمد قاسم رند بلوچن جي مشهور ذيلي شاخ مشوري سان تعلق رکندڙ آھي، پاڻ لاڙڪاڻي جي قديم ديني درسگاه، مدرسه اهل سنت والجماعت جو باني هو. مولانا محمد قاسم ولد حاجي محمد عثمان مشوري ، ضلعي لاڙڪاڻي، تعلقي ڏوڪري جي ڳوٺ ”مشوري شريف“  ۾ سومر جي ڏينهن،12 ربيع الاول 1316هه مطابق 1896ع ۾ تولد ٿيا. ابتدا ۾ قرآن پاڪ ناظرا پنهنجي والد صاحب وٽان پڙهي، 11 ورهين جي عمر ۾ عربي ۽ فاسي جا ڪتاب، ان وقت جي مهان بزرگ عالم ابوالفيض مفتي غلام عمر جتوئي رح وٽان پڙهي، دستار فضيلت ٻڌائين. هڪ سال بعد شهدادڪوٽ ۾ ”مدرسه صديقيه“ مان عمدة العلماءُ ميان غلام صديق ميڪڻ رح  وٽان روحاني فيض حاصل ڪندي، ڳوٺ واپس وريو. سائين مشوري صاحب  ظاهري علم جي تڪميل بعد، بهار وارن ڏينهن ۾، 17 شوال 1340هه مطابق 22 فيبروري 1922ع تي، پنهنجي ڳوٺ ۾ ”مدرسو قاسميه“ نالي قائم ڪيو؛ جنهن جو افتتاح سندس شفيق استاد مولانا غلام عمر جتوئي رح ڪيو هو. انهي  مدرسي مان سنڌ ۽ بلوچستان جا ڪيترائي عالم سڳورا فارغ التحصيل ٿي نڪتا . ان کان سواءِ ڪيترائي قرآن پاڪ جا حافظ پڻ پڳ ٻڌي چڪا آهن.

Photo By writer

هن ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاء نه آهي ته سنڌ اندر هن مدرسي وڏا وڏا عالم پيدا ڪيا آهن، جن تفسير، حديث، فقه ۽ فتويٰ وغيره تي وڏي مهارت حاصل ڪئي آهي. ان کان علاوه ايران، عراق، عربستان، ڪشمير ۽ پنجاب کان آيل ڪيترائي شاگرد سائين مشوري صاحب جي نظر فيض اثر کان مستفيض ٿيا. سائين محمد قاسم  مشوري صاحب جو درس دين ۽ دنيا لاءِ چڱائيءَ جو پيغام رهيو پاڻ ھڪ دفعو فرمايائون ته ”اسان کي پنهنجي خرابين جي خبر نه پوندي آهي ۽ خرابي پاڻ مان اسين تڏهن ئي ڪڍي سگهنداسون؛ جڏهن اُن خرابيءَ جي چٽي طرح واقفيت هوندي. جيڪو اندر سان اورڻ تي هريل هوندو، مراقبي ۾ ويهندو هوندو، سوئي پنهنجون اوڻايون آئيني ۾ ڏسي سگهندو.“ پاڻ سنڌ جي عظيم روحاني پيشوا پاڳارا خاندان جي چشم و چراغ، قطب الاقطاب سيد امام الدين شاه راشدي قادري نقشبندي، سجاده نشين درگاه عاليه ٺلاه شريف (متصل باقراڻي اسٽيشن) جي هٿ تي بيعت ڪيائين.

وٽس وڏو ڪتب خانو به هو جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ قلمي ڪتاب موجود هوندا هئا سندس ڪجهه لکيل تصنيفات به آهن، جن جا نالا هن ريت آهني: ”معلم الفرائض“ (ورثي بابت ورهاست جا شرعي مسئلا بيان ڪيل آهن)، ”رحمتي رات شب برات“ (شعبان مهيني جي 15 رات جي فضيلت بيان ٿيل آهي)، ”ارشاد العباد“ (منجهس ”ض“ ۽ ”ڏ“ جي پڙهڻي ۽ ”مخرج“ بابت سمجهاڻي آيل آهي)، ”اتحاف الاشراف“ (اوقاف بابت هدايتون)، ”هديته الابرار في ان المصطفيٰ نورالانور“ (آن حضرت صلعم جن جي نور هجڻ بابت قرآني دليل ڏنل آهن)، ”حزب البحر“ (وظيفن ۽ زڪوات بابت)، ”دلائل الخيرات“ (مديني پاڪ مان مليل صحيح نسخي جي نشاندهي ۽ پڙهڻ بابت فائدن جو فرمان)، ”نقحات الڪرامات“ (ملغوظات پير سائين روضي ڌڻيءَ جا)، ”ضياءُ الهديٰ“ ( عقيدن جي باري ۾ لکيل)، ”معراج نامي جديد“ (آن حضرت صلعم جن جو معراج – قرآن ۽ حديث جي روشني ۾)، ”پرده عورت المعروف به الستر زينت النساءِ“ (عورتن جي پردي بابت شرعي حڪم) ۽ ”مواعظ القاسميه“ (سندس واعظ ۽ تقريرن تي مشتمل). ان کان سواءِ ”فتح الله الورود في تحقيق امراة المفقود“ ”نهج الصواب في تحقيق المراب“، ”فتويٰ قاسميه“ (فقه جا مسئلا)، ”تفصير قاسميه“، ”ڪتاب في بحث الرضاع“، ”نفي الريب في بحث علم الغيب“، ”ڪتاب في بحث تقصيص اللحية“، ”الدليل المعقول في تحريم الطول“ ”هدايت الناس في جواز الميلاد والاعراس“، ”قطع المشاجرت في تحقيق حرمة المصا هرة“ ”بنات النبي صلي الله عليه وسلم“، ”اليڪشن متعلق شرعي نقطه نظر ۽ ”ڪتاب في الطريقت القادريه والنقشبنديه“ وغيره پڻ قلمي صورت ۾ موجود آهن.

پاڻ هفتي جي اٺن ڏينهن ۾ جمعي کان علاوه ڇنڇر، سومر ۽ اڱارو ديني درس ۾ صرف ڪندو آهي. خميس جو ڏينهن، ڏيهي خواه پرڏيهي پانڌيئڙن لاءِ شرعي فتوائون، مسائل، تحريرون ۽ عام فيصلن لاءِ مقرر هوندو هئس آچر جو ڏينهن دعا تعويذ لاء۔۔۔ ۽ اربع جو خاص ذڪر فڪر ۽ جماعت کي حلقه ۾ آڻي، روحاني طرح درس و تدريس ۾ گذاريندا هئا.

 ”خلافت تحريڪ“ ۽ ”قيام پاڪستان“ ۾ مشوري صاحب جو خاص حصو آهي. پاڻ نه صرف تحريڪن ۾ سرگرم رهيو پر قيام پاڪسان لاء  مالي مدد به ڪندا رهيا ان وقت سائين ”انجمن اسلام صديقي لاڙڪاڻو“ جو صدر پڻ هو.ورهاڱي بعد مسلمانن جي آباد ڪاري ۾ سندس اهم ڪردار به رهيو سندس درگاه ڳوٺ مشوري شريف تعلقو ڏوڪري لاڙڪاڻي کان تقريبن ست اٺ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي رائيس ڪئنال ڀرسان آھي جتي هر سال 12 ربيع الاول تي ساليانه عرس مبارڪ ٿيندو آھي جتي سنڌ سميت مختلف ملڪن مان وڏي تعداد  ۾ مريد گڏ ٿيندا آھن۔سندس وفات اربع ڏينهن پهرين رمضان شريف 1410ھ 28 مارچ 1990ع ۾ 94 سالن عمر ۾ ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو