شھيد مخدوم بلاول، سنڌ جون درگاهون قسط (5)

تحرير الله بچايو رند

سنڌ اُمن،محبت، ڀائيچاري، تمدن ۽ ثقافت جي قديمي وارث رھي آھي،جنھن ڪيترن ئي آدرشي انسانن کي جنم ڏنو آهي.جيڪي  تاريخ ۾ سدائين زنده رهڻا آھن،جن ڌرتي جي بقا لاءِ سامراجيت سان مھاڏا  اٽڪايا ۽ وڙھيا. اھڙن ڌرتي ڌڻين مان شھيد مخدوم بلاول جو نالو به هڪ آھي تاريخ مان پتو پئي ٿو شھيد بلاول ذات جو  سمون هو ۽ ٺٽي جي شاھي خاندان سان واسطو رکندڙ ھو.جنھن ڪري کيس اڃان تائين “سمون سردار” جي لقب سان سڏيو ويندو آهي سندس ولادت 856ھ بمطابق 1451ع جناب حسن سمون جي گهر ۾ هاڻوڪي ڄام شورو جي ڳوٺ ٽلٽي ۾ ٿي. انھن ڏينھن ۾ تعليم جا مکيه مرڪز ٺٽو، سيوھڻ، پاٽ، ٽلٽي وغيره ھئا. ھن ابتدائي تعليم ٽلٽيءَ جي ڳوٺ ۾ مخدوم عمر وٽ اچي حاصل ڪئي. شادي به اُتي ڪيائين. پوءِ  باغبان جي ڳوٺ ۾ اچي رھڻ لڳو جتي سندس مزار آھي. پاڻ مذھبي علم تفسير ۽ حديث جو وڏو ماھر ھو،جنھن ڪري پري پري کان طالب علم وٽس علم پرائڻ ايندا هئا. جنهن جو ذڪر مخدوم نوح رحمت الله عليه جي پوٽي ميان غلام رسول صديقي جي ڪتاب دليل الذاڪرين مان ملي ٿو.

Photo By writer

سنڌ ۾ ان وقت فقط ٽي مک طريقت جا ادارا ھئا.“مخدوم عثمان مروندي رحمت الله عليه، مخدوم نوح رحمت الله عليه ۽ مخدوم بلاول رحمت الله عليه. ان وقت سنڌ جي علائقن تي اَرغون پنهنجو غلبو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته وري ٻئي طرف دولهه درياهه خان جا جٿا اَرغونن جي اک ۾ ڪنڊو بڻيل هئا. دولهه درياهه خان جي شهادت کي ڪجهه عرصو مس گذريو ته اَرغونن سڄي سنڌ ۾ ظلم جي باھ ٻاري ڏني. سنڌ جي هر گهٽي ۽ هر گام تي قتلِ عام ڪيو ويو ان دوران  مخدوم بلاول جي قومي تبليغ جيڪا اسلامي دليلن سان ڀريل هوندي هئي، سنڌي قوم لاء جدوجهد جو سبب پئي بڻي. سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا قبيلا هئا جيڪي اقتدار جي ڀاڱي ڀائيواريءَ لاءِ اَرغونن جا ساٿاري ۽ سمن جا دشمن بڻجي چڪا ھئا. اهي سمن جي دشمني ۾ سنڌ کي نقصان ڏئي رهيا هئا. انهن طرفان ارغونن جو ساٿ فقط ان بنياد تي ڏنو ويو هو جو سندن سمن سان مخالفت هئي. ان کانسواءِ اهڙا ٽولا به هئا، جيڪي مسلط ٿيندڙ حڪمرانن کان رعايت وٺڻ جي لالچ ۾ پنهنجي قوم جو سودو ڪندا رهيا.

سنڌ ۾ ارغونن جي راڄ جو جج قاضي قادن هو. پاڻ به سخت مذهبي ذهن جو مالڪ هو پر وڏي عهدي ملڻ سبب سنڌي قوم سان وڏي ۾ وڏي غداري به انهي ڪئي.ارغونن کي چيائين ته “سنڌي قوم ائين آهي،جيئن جهنگلي ڪنڊن واري زمين ۽ اهڙي زمين کي سهڻو بڻائڻ لاءِ ڪنڊا صاف ڪرڻا پوندا”.سنڌي قوم درياھ خان جهڙي جوڌي جي ڪري  خودمختيار سنڌ ڏٺي جنهن کي ان وقت پنهنجي دفاعي قوت ۽  حڪمراني ھئي. جڏهن حملا آور ارغوني فوجون پرامن سنڌ ڌرتي تي قابض ٿيون تڏهن سنڌي قوم جي سرفروشن وڏي بھادري سان سخت مقابلا ڪيا.ايتري قدر جو غدار قاضي قادن کي به ارغونن بخش نه ڪيو ان کي به نشانو بڻايائون. سندس خاندان جي ٻچي ٻچي کي اَرغوني سپاهين قتل ڪيو ۽ گهر کي باھ ڏئي ڇڏي. اُهو ئي قاضي قادن ٺٽي جي گلين ۾ چرين جيان رڙيون ڪندو ڊوڙندو رهيو. هي اهو غدار هو، جنهن مخدوم بلاول مٿان ڪوڙي تهمت کي فتويٰ جي آڙ ۾ سزا موت ٻڌائي هئي. قاضي قادن سدائين وڏا عهدا ماڻيا ۽ اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويٺو رهيو. هن مختلف دؤر ڏٺا پر سنڌ تي قابض ٽولن سان حڪومت ۾ ئي رهيو. کيس ڪڏهن به سنڌي قوم تي نه قياس آيو نه رحم آيو. هن لاتعداد بيگناھ ماڻھن کي موت جون سزائون ٻڌايون. ان وقت جي جج قاضي قادن جي چوڻ تي اَرغونن ڪيترن ئي ڳوٺن کي باهيون ڏئي، ساڙايو. مرزا شاهه بيگ جي قهري راڄ ۾  ڪيترائي عالم فاضل جڏهن مخدوم بلاول جي ساراهه ڪرڻ لڳندا هئا ته هن کي اندر ۾ ساڙ ۽ منهن تي مُرڪ تري ايندي هئي. مخدوم صاحب جي رتبي کان هو تڏهن کان ئي واقف هو،جڏهن افغانستان جي هڪ شهر قنڌار ۾ سنڌ مٿان قبضو ڪرڻ جون سازشون سٽيندو هو.

ان وقت جو هڪ ٻيو الميو ميران محمد جونپوري جنهن سنڌ ۾ پنهنجي نظريي جو نظام زبردستي قائم ڪرڻ ٿي چاهيو جيڪو هن ڌرتي جي مزاج جي بنهه ابتڙ هو. صوفي منش مزاج رکندڙ سنڌي ماڻهو امن ۽ محبت کانسواءِ ڪجهه نه ڏسندو آهي. ميران محمد جونپوري رجعت پرست فلسفو مڙهيو تنهن جي مخالفت ۾ سيد حيدر شاهه سنائي رد عمل ظاهر ڪيو. سن ۾ ان حوالي سان تاريخي ويڙھ به وڙھي وئي جنهن ويڙھ ۾ سن لڳ سنڌو درياهه ۾ جونپوري جي لشڪر جون ٻيڙيون به ٻوڙيون ويون ۽ هو پنهنجو سِر بچائي ڪابل ڀڄي ويو، جتي ڪجهه ڏينهن رهي قنڌار ۾ مرزا شاھ بيگ اَرغون سان ملي سنڌ مٿان چڙهائي جون سازش ڪيائين. جڏهن ته سيد حيدر شاهه سنائي جو درياھ خان سان ويجهو لاڳاپو هو ۽ مخدوم بلاول جو وري ٻنهي شخصيتن سان جوڙ ھو.

هتي واضع ڪندا هلون ته قاضي قادن ميان محمد جونپوري جو مريد هو جنهن جي ئي چوڻ تي جونپوري سنڌ اچي رجعت پسندي جو فلسفو پکيڙيو ٻئي طرف دولهه دريا خان  سائين حيدر شاھ سنائي ۽ مخدوم بلاول اهڙي رجعت پسندي کي رد ڪرڻ لاء سنڌي سماج کي پنهنجي اصلي روپ ۾ رھڻ لاء جدوجهد ۾ رهيا هوڏانهن قاضي قادن جو سمورو ڪردار هڪ جاسوس ۽ سنڌ دشمني تي ٻڌل هو جنهن سان ڌارين کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ ۾ مدد ملي. شاه بيگ ارغون جڏهن مخدوم جي عملي تحريڪ بابت ٻڌو تڏهن پريشان ٿي ويو هن کي  خبر هئي ته تيار ڪيل نظرياتي شاگرد هٿيارن کان وڌيڪ خطرناڪ هوندو آھي ارغون ويڙھاڪ جٿن سنڌ ۾ ڪافي غلبو حاصل ڪري ورتو هو پر مخدوم صاحب ۾ ھٿ نه وجهي سگهيا. ڌرتي جي غدار قاضي قادن ارغونن جي مدد سان ڪيترن ئي ملن مولوين کي پاڻ سان ملائي ڪيتريون ننڍڙيون ننڍڙيون ٽوليون ٺھرائي ڇڏيون هيون جن کي ارغونن پاران رعايتون ۽ انعام ڏنا ويندا هئا ائين غدارن جو ڊگهو سلسلو جڙڻ لڳو

ان ظلم بربريت دوران مرزاشاھ بيگ مري ويو ۽ سندس جڳهه تي مرزا شاه حسن ارغون آيو جنهن مرزاشاه بيگ جو ڇڏيل مشن جاري رکيو آخرڪار اها سازش ڪامياب  ٿي وئي جنهن ۾ ھڪ موچي کان جتي جي تري ۾ قرآن پاڪ جو ورق وجهرائي مخدوم صاحب کي تحفي ۾ ڏئي مٿس گستاخي جو الزام هنيو ويو مخدوم صاحب سڄي ڪاروائي دوران موچي کان فقط اهو پڇيو ته ڇا مون تنهنجي ٺهيل جتي پيرن ۾ پاتي؟جنهن تي موچي هائوڪار ڪئي ۽ مخدوم صاحب چيو مون خدا جي رضا تي معاملو ڇڏيو. مفتين کان ان نه ڪيل ڏوھ جي سزا پڇي وئي جنهن تي ويڪائو مفتين  هن کي گهاڻي ۾ پيڙاهڻ جو حڪم ڏنو ۽ مخدوم صاحب وڏي بهادري ۽ همت سان چيو  مون کي گهاڻي ۾ پيڙھائڻ جي شروعات پيرن کان ڪئي وڃي جيئن اکين سان رت وهندو ڏسان ۽ ڪنن سان پنهنجي هڏن جا ٽڙڪاٽ ٻڌان مونکي محسوس ٿئي ته آئون وطن لاء قربان ٿي رهيو آھيان. 2 رجب 930 ھ بمطابق 6 مئي 1523ع تي هن انسانيت پرست صوفي منش وطن جي گوريلي اڳواڻ ۽ رهبر کي گهاڻي ۾ پيڙھائي شھيد ڪرايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو