رسول بخش درس کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريب

رسول بخش درس کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريب

ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ)جھمپير ۾ نامياري اديب رسول بخش درس جي چاليھي جي موقعي تي سندس ياد ۾ جھمپير جي شام رسول بخش درس جي نانء تقريب منعقد ڪئي ويئي، جنھن ۾ سڄي سنڌ مان اديب، دانشور، شاعر، قومپرست سياسي سماجي شخصيتن شرڪت ڪري رسول بخش درس جي آخري آرام گاھ تي حاضري ڀري چادر چاڙھي دعا گھري، نامياري شاعر جمن درس جي صدارت ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ تاج جويو، سنڌ جي قومي شاعر جمن دربدر، پ پ پ ضلعي ٺٽي جو صدر صادق علي ميمڻ، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، دودو مھيري، الاھي بخش بڪڪ، علي نواز ٻٽ، نواز خان زنئور، نواز شاھ ڀاڏائي، اميرآزاد پھنور، اقبال رند، حاجي ساند، خير محمد ڪوي، رمضان ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪري رسول بخش درس کي علمي ادبي قومي خدمتن تي ڀيٽا ۽ خراج تحسين پيش ڪندي چيو تہ رسول بخش درس ھڪ اوطاقي مھندار شخصيت جو مالڪ ھو، سندس علمي واٽ کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آھي. چيو تہ رسول بخش درس ھڪڙو گھڻ طرفو ۽ گھڻ پڙھيو ماڻھو ھو جيڪو پنھنجي لکڻين ۾ سنڌ جي مستقل جو نقشو چٽيندو ھو. ھن سنڌي ڪھاڻي خاڪا نگاري ۽ ادب کي نوان زاويا ڏنا. ھو سائين جي ايم سيد جي فڪر جو پوئلڳ ھو ۽ سڄي زندگي ان فڪر سان لاڳاپيل رھيو. ھنن چيو تہ رسول بخش درس تاريخ جو اڏيندڙ ھو. ھن سياست ۽ ادب تي ھڪ جيترا اثر وڌا. سنڌي راڳ تي کيس عبور حاصل ھو، سخن ۽ سنڌ شناس ھو. ھن سنڌي جديد ڪھاڻي کي نوان موڙ ڏنا. ھن جي سڃاڻپ ھماگير آھي سندس وڇوڙي جو خال ڀرجي نٿو سگھي. ھنن چيو تہ رسول بخش درس ھڪ علمي مڪتب ھيو، جتان ڪئين شاگرد علم پرائي نڪتا. ھنن چيو تہ ھو مُحبت ڪندڙ شخص ھو، اڄ جڏھن سنڌ جي مٿان ڪارا ڪڪر ڇانيل آھن تہ ان وقت. سندس تمام گھڻي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. ھن کي مٽيءِ مان ماڻھو ٺاھڻ جو ڏانءُ ھو. رسول بخش درس اھڙي شخصيت جو مالڪ ھو جنھن پنھنجي سڄي زندگي ضمير مطابق گذاري. ھن جي اڳيان سنڌ ۽ سنڌين جو شاندار مستقبل اڏڻ ھو. رسول بخش درس سنڌ جو اھو سڄڻ آھي جنھن سنڌ کي ھڪ نڪتي ۾ نظر ايندي ھئي. تقريب کي پنھل ساريو، حاجي ساند، دودو ديشي، صادق علي ميمڻ، عزيز گوپانگ، سارنگ جويو، اسماعيل سوھو، رمضان ميمڻ، محبوب بروھي، نظير جاکرو، اسماعيل درس، اسماعيل درس، غلام رسول شورو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو