فارين فنڊنگ ڪيس عمران خان ۽ پي ٽي آءِ لاءِ مصيبت

تحرير الله وسايو گهوٽو

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي اڳيان پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪيو احتجاج ڪيو ۽ اليڪشن ڪميشن کان مطالبوڪيو ته فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو جلدي ڪيو وڃي جيئن اپوزيشن جا فيصلا جلدي ڪندا آهيو. جلسي کي سڀني پارٽي جي اڳواڻن خطاب ڪيو ۽ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايوحڪومتي ڌر جو اهو چوڻ آهي ته احتجاج ۾ ٻهه کان ٽي هزار ماڻهون آيا ۽ پي ڊي ايم وارن جو چوڻ آهي ته حڪومتي ڌر غلط بياني ڪري رهي آهي جلسي ۾ ماڻهون تمام گهڻا آيا ان تي حڪومت ۽ اپوزيشن جو پنهنجو پنهنجو موقف آهي اصل ڳالهه اها آهي ته پي ڊي ايم وارن اليڪشن ڪميشن کي پيغام ڪهڙو ڏنو اليڪشن ڪميشن جي ساک پهريان ئي متاثر آهي   2018 جي عام چونڊن دوران آر ٽي ايس سسٽم آٽو ميٽم نتيجا گڏ ڪرڻ وارو سسٽم اهو بلاڪ ڪيو ويو هو يا خراب ٿي پيو هو  ان جي اڃ تائين اليڪشن ڪميشن وضاحت نه ڪئي آهي ۽ هميشه اليڪشن ڪميشن استعمال ٿيندو رهيو آهي ان تي اهي الظام لڳندا رهيا آهن . فارين فنڊن ڪيس جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف خود اقرار ڪري چڪي آهي ته انهن کي غير قانوني فنڊنگ ملي آهي ليڪن ان ۾ عمران خان جو قصور نه آهي فنڊ گڏ ڪرڻ وارا ان جا زميوار آهن. اليڪشن ڪميشن جي اڳيان احتجاج ۾ پي پي جو چيئرمين بلاول ڀٽو شريڪ نه ٿيو هو  ۽ هو عمر ڪوٽ ۾ هو  جتي پي پي جي اميدوار امير علي شاهه وڏي مارجن سان  اليڪشن کٽي هن پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ  سيٽ خالي ٿيڻ کان پوءِ ان تڪ تي اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ اڳوڻي وزير اعليٰ ارباب غلام رحيم کي شڪست ڏني اليڪشن ڏينهن کان ٻهه ڏينهن پهريان ارباب غلام رحيم چيو هو ته هن کي ان اليڪشن ۾ حصو نه وٺڻ گهرجي ها ۽ هن اها دعا به ڪئي ته الله ڪري ڪو ضياالحق جهڙو حڪمران اچي ته پوءِ پي پي کان جان ڇٽندي.ارباب غلام رحيم کي شاهه محمود قريشي سپورٽ ڪئي هن جا عمر ڪوٽ ۾ تمام گهڻا مريد آهن  علائقي جي ٻين زميندارن جي ڊي اي پي ٽي آءِ  به ارباب رحيم کي سپورٽ ڪئي پر پوءِ به اليڪشن ۾ شڪست مليس ۽ تمام وڏي مارجن سان امير علي شاهه اليڪشن کٽي ورتي.  پي پي وارن جو چوڻ آهي ته انهن جي ڪاميابي عوام جو اعتماد آهي ليڪن سنڌ ۾ اها روايت آهي جڏهن ڪو ميمبر فوت ٿي ويندو آهي ته عوام ان جي پٽ کي ڀرپور طريقي سان ووٽ ڏيندي آهي.ليڪن ايندڙ اليڪشن ۾ اهو ٽيسٽ ڪيس ٿيندو اليڪشن کٽڻ جي خوشي ۾ پي پي وارن جشن جي تقريب ڪئي آصف علي زرداري به مبارڪ جو پيغام موڪليو بلاول وڏي جوس ۽ جزبي سان تقريب کي خطاب ڪيو  ان به پنهنجي خطاب ۾ اهو ئي مطالبو ڪيو ته پي ٽي آءِ کي جيڪا فارين فنڊنگ ٿي آهي ان تي اليڪشن ڪميشن کي جواب ڏيڻو پوندو ته پي ٽي آءِ کي جيڪا اسرائيل ۽ انڊيا کان فنڊنگ ٿي آهي  اسٽيٽ بينڪ جيڪي 23 اڪائونٽ ٻڌايا آهن اها تفصيلات عوام کي ٻڌائي وڃي.مريم نواز مولانا فضل رحمان يا بلاول سڀني پنهنجي تقرير ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ملڪي سلامتي جو مسئلو آهي جڏهن غير ملڪي ڪمپنيون يا ملڪ فنڊ ڏيندا آهن ته ظا هر آهي هو پنهنجاڪم به وٺندا آهن بلاول چيو آهي ته محتر مه بينظير ڀٽو کي ملڪ لاءِ سڪيورٽي رسڪ چيو ويندو هو هاڻي هي ڇا آهي؟ پي ٽي آءِ جي فارين فنڊنگ کي ڇا سمجهجي؟ فارين فنڊنگ ڪيس صرف عمران خان جي لاءِ نه پر پوري پارٽي جي لاءِ مصيبت بڻجي چڪو آهي قانوني ماهرن جو اهو چوڻ آهي ته  ان ڪيس ۾ پارٽي تي بين به لڳي سگهي ٿو ليڪن ان جي لاءِ جيڪو طريقيڪار ٻڌائي رهيا آهن ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کان پوءِ جيڪڏهن وفاقي حڪومت اهو  ريفرنس سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلي ٿي ۽ سپريم ڪورٽ فيصلو ڏي پابندي جو ته پوءِ پارٽي تي پابندي لڳي سگهي ٿي.ڪجهه قانوني ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن هڪ ڀيرو جرم ثابت ٿي وڃي ته پوءِ پابندي لڳي سگهي ٿي هن ڪيس جو اهم پهلو هڪ هي به آهي جنهن تي مريم نواز به چيو  ته نواز شريف جو ڪيس جو فيصلو ته چند هفتن ۾ ڪندا آهيو يوسف رضا گيلاني کي جلدي نا اهل ڪندا آهيو  ليڪن 2014 کان اليڪشن ڪميشن وٽ هي ڪيس پيو آهي ان جو فيصلو ڇو نه ٿا ڏيو  خود عمران خان صاحب ان ڪيس جي تفتيش ۽تحقيق روڪڻ لاءِ هائير ڪورٽس ۾ درخواستون ڏنيون پر اتان به جواب مليو ۽ مولانا فضل رحمان جي چوڻ مطابق مٿان کان فون به ڪرايا تڏهن به هي ڪيس ختم نه ٿيو. پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان اليڪشن ڪميشن کي جيڪو ياداشت نامو ڏنو ويو آهي اهو چئن صفن جو دستاويز آهي ان تي سڀني پارٽي اڳواڻن ۽ رهنمائن جون صحيحون آهن .ان۾ چيو ويو اهي ته 14 نومبر 2014 ۾ هي ڪيس داخل ٿيو هو ليڪن اڃ تائين فيصلو ناهي آيو گذريل 6 مهينن کان ان ڪيس تي ڪا ٻڌڻي نه ٿي آهي اها اليڪشن ڪميشن جي مجرمانه غفلت آهي. مارچ 2018 ۾ اليڪشن ڪميشن هڪ اسڪروٽني ڪميٽي بڻائي هئي ۽ ان ڪميٽي  کي چيو ويو هو ته هڪ مهيني جي اندر فيصلو ڏيڻو آهي ان هن وقت تائين فيصلو ناهي ڏنو ڇو؟ 10 آڪٽومبر 2019 تي اليڪشن ڪميشن خود چيو هو ته ان ڪيس ۾ تاريخي تاخيري حربا پي ٽي آءِ ڪيا آهن . 02 جون 2020 تي اليڪشن ڪميشن هڪ حڪم جاري ڪيو هو ته ان ڪيس کي گهڻي دير ٿي چڪي آهي 17 آگست تائين رپورٽ پيش ڪيو  ان تي به عمل نه ٿيو  نه اليڪشن ڪميشن ڪا ڪاروائي ڪئي ۽ وڌيڪ ٽائيم ڏنو ويو ان دوران اسڪروٽني ڪميٽي تي دٻاءُ به وڌو ويو آخر ڪار حڪومت جي ڊٻاءُ جي ڪري اسڪروٽني ڪميٽي خانا پوري ڪرڻ لاءِ ڪوڙي رپورٽ جمع ڪرائي ان جو جڏهن اليڪشن ڪميشن جائزو ورتو ته ان رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏنو ۽ چيو هن رپورٽ ۾ ڪجهه به نه آهي ۽ ان رپورٽ کي اليڪشن ڪميشن مسترد ڪري ڇڏيو هو ۽ اسڪروٽني ڪميٽي کي ٻيهر جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پي ڊي ايم جيڪو ياداشت نامو اليڪشن ڪميشن کي ڏنو آهي ان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جن 23 اڪائونٽن جي  اسٽيٽ بينڪ نشاندهي ڪئي آهي  اهي اڪائونٽ عمران خان ۽ ان جي پارٽي جي اڳواڻن ڇپايا هئا انهن کي به عوام جي سامهون آندو وڃي ته گهڻا پيسا آيا ڪٿان آيا اها ساري معلومات ٻڌائي وڃي ۽ اهو به پڇيو آهي ته ان دوران اسڪروٽني ڪميٽي جي هڪ آڊيٽر تي  من گهڙت الزام هڻي ان کي تحقيقاتي ڪميٽي کان الڳ ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو هو. ان ياداشت نامي ۾اهو  نقطو به اٿايو ويو آهي ته اسرائيل ۽ انڊيا کان فنڊنگ ٿي آهي ڇو ته هي ملڪ جي سلامتي جو مسئلو آهي جيڪو فند ڏيندو ته اهو پنهنجو مقصد به پورو ڪندو هاڻي حڪومت وٽ پنهنجي دفاع لاءِ اها پوائنٽ آهي ته عمران خان منع ڪئي هئي پر ايجنٽن غير قانوني فنڊ ورتو. رقم ملي وئي استعمال به ٿي وئي هاڻي چون ٿا ته ايجنٽن غلط ڪيو پر رقم ته توهان استعمال ڪئي اها رقم جڏهن توهان جي اڪائونٽن ۾ آئي ته توهان قبول ڇو ڪئي هاڻي اهو صحيح يا غلط جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندي پي ڊي ايم پنهنجي يادشت نامي ۾ اهو پسمنظر  بيان ڪري اليڪشن ڪميشن کان چار مطالبا ڪيا آهن پهريون مطالبو هي آهي ته پي ٽي آءِ خود غير قانوني فنڊنگ مڃي چڪي آهي ۽ اسٽيٽ بينڪ به ثبوت ڏيئي چڪي آهي اليڪشن ڪميشن بغير دير جي آئين ۽ قانون مطابق فيصلو ڏي. ٻيو مطالبو هي آهي ته  23 اڪائونٽن جا تفصيل ڏنا وڃن ته ڪنهن پيسا جمع ڪرايا ڪٿان جمع ڪرايا ۽ ڪيترا جمع ڪرايا اها حقيقت عوام جي سامهون آندي وڃي ٽيون مطالبو هي آهي ته ان ڪيس جي ڪاروائي ميڊيا ۽ عوام جي سامهون آندي وڃي کي  ڇاڪاڻ هي عوامي اشو آهي چوٿون مطالبو هي آهي ته  ان ڪيس جو مدعي اڪبر ايس بابر آهي جيڪو ان وقت پي ٽي آءِ جو انفارميشن سيڪريٽري هو  ان  کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن حڪومت ان جي حفاظت جو خاص بندوبست ڪري جيڪڏهن ان کي ڪجه ٿيو ته ان جي زميدار پي ٽي آءِ حڪومت هوندي پي ڊي ايم هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو  آهي ته ان ڪيس جو فيصلو ميرٽ تي ڪيو وڃي ۽ جلدي ڪيو وڃي هن وقت عوام ۽ ميڊيا ۾ اهو تاثر آهي ته اهو ڪيس صرف عمران خان لاءِ نه پر پوري پي ٽي آءِ لاءِ گلي ۾ هڏي  بڻجي چڪو آهي. هيءَ معلومات سينيئر صحافي اڳوڻي بي بي سي صحافي اعجاز مهر جي ويلاگ مان ورتي وئي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو