پيٽرول جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اوگرا پيٽرول جي قيمتن ۾ 11 روپيه 95 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب ڊيزل جي قيمتن ۾ 9 روپيه 57 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي جنهن کان پوءِ 16 جنوري کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان آهي.اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جي سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. ياد رهي ته 31 ڊسمبر 2020 تي به پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 2 روپيه 31 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ هڪ روپيو 80 پئسا واڌ ڪئي وئي هئي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب في ليٽر پيٽرول جي نئين قيمت 106 روپيه ۽ ڊيزل جي نئين قيمت 110 روپيه 24 پئسا مقرر  ڪئي وئي هئي. اوگرا پيٽرول جي قيمت ۾ 10 روپيه ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 8 روپيه 37 پئسا واڌ جي سمري موڪلي هئي پر پيٽروليم ڊويزن اها سمري رد ڪري ڇڏي هئي.پهرين جنوري 2021 تي ايل پي جي جي قيمت ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو. اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جنوري کان ايل پي جي جي قيمتن ۾ 15.88 روپيه في ڪلو جو اضافو ڪيو ويو. اوگرا طرفان ايل پي جي جي گهريلو سلنڊر جي قيمت ۾ 187.47 روپين جو اضافو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ 11.8 ڪلو گرام گهريلو سلنڊر جي قيمت 1740.69 روپيه ٿي وئي آهي. اوگرا طرفان ڪمرشل سلينڊر جي قيمتن ۾ 692 روپين جو اضافو ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو