سلطنت جي استحڪام جا اصول

تحرير اعجاز سوڍر

هيءَ دنيا آبي ۽ خشڪيءَ جي مخلوقات جي عارضي رهائش گاھ آهي. هن دنيا جي چمن کي خوبصورتي بخشڻ ۾ هر هڪ مخلوق کي اهميت حاصل آهي. انسان کي علم، عقل ۽ داناني جي زيور سان آراسته ڪيو ويو آهي. انهن خصوصيتن جي ڪري کيس هن دنيا جي بادشاهي عطا ٿي. انسان جي سڀ کان وڏي ڪمزوري گڏجي رهڻ آهي. انسان اڪيلو رهڻ کي ناپسند ڪندو آهي، اڪيلائپ کان وهشت ٿيندي اٿس. انهيءَ ڪري گڏجي رهندو آهي. گڏجي رهڻ جي نتيجي ۾ هي ڳوٺ، شهر ۽ ملڪ آباد ٿيا. انسان کي هن دنيا ۾ ايئن بي يارو مددگار ڪونه ڇڏيو ويو بلڪه سندس خالق هر موڙ تي سندس رهنمائي ڪئي، سندس ساٿ ڏنو، کيس هدايتون ڏنيون، کيس زندگي گذارڻ جا طريقا سمجھايا، کيس پاڻ ۾ مِلي جلي رهڻ جا قانون ڏسيا، غلط صحيح جي سمجھ ڏني ۽ سندس دنيا ۾ رهڻ جو اصل مقصد به واضع ڪري ٻُڌايو. وقت جي رفتار انساني آباديءَ کي الڳ الڳ معاشرا ۽ رياستون جوڙڻ تي مجبور ڪيو. هر سلطنت جي بقا لاءِ ڪجھ قانون ۽ قاعدا هوندا آهن، جيڪي هر ڪنهن تي برابر لاڳو ٿين ٿا. اسلام الهامي دين هجڻ ڪري هڪ مڪمل ضابطه حيات آهي. ڄمڻ کان وٺي مرڻ ۽ مرڻ کان بعد جي زندگيءَ کي واضع بيان ڪري انسانيت جي صحيح سِمت ۾ رهنمائي ڪئي اٿائين. اسلام انسانيت جي رهبريءَ لاءِ ڪجھ اصول ٻُڌايا آهن. انهن اصولن ۾ سلطنت جا اصول به شامل آهن. اسلام جي نظر ۾ هڪ سلطنت لاءِ هيٺيان اصول لازمي جز جي حيثيت رکن ٿا.پهريون اصول اهو آهي ته حڪام حضرات اهل علم هجن، اهي ماڻهو جيڪي اعلى منصبن تي فائز آهن، قاضي (جج)، آفيسر، ۽ سياستدان وغيره علم سان سلهاڙيل هجن، کين وقت تي صحيح فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت هجي، حڪومت هلائڻ جو علم هجي، رعايا جي ڏک سور جي پروڙ هجي ۽ عوام جي اهنجن کان واقف هجن. ٻيو اصول هي آهي ته پنهنجي سلطنت جي امن کي بحال رکن. امن کان بعد خرابي پيدا نه ڪن ۽ نه ئي وري ڪنهن کي خرابي پيداڪرڻ ڏين. ٽيون اصول هي آهي ته ظالم جو احتساب بلاتميز ڪن، مظلوم کي انصاف مهياڪن امن جي صورتحال کي برقرار رکڻ جي هر وقت ڪوشش ۾ هجن. چوٿون اصول هي آهي ته پنهنجي سلطنت کي قائم رکڻ لاءِ نيڪوڪار ماڻهن جي حوصله افزائي ڪن، پاڻ به ايمانداري، نيڪي ۽ سچائي جي راھ تي هلن ۽ عوام کي به نيڪي جي راھ ڏسن. انهن نيڪ ماڻهن جي بدولت ڪئي مصيبتون ٽري وينديون آهن. پنجون اصول هي آهي ته هر وقت جنگ لاءِ تيار رهن. اصل ۾ جنگ لاءِ تيار رهڻ جو مطلب جنگ کان بچڻ جي تدبير آهي. ايئن اچانڪ ڪو دشمن حملو ڪري ۽ ان حملي جي روڪ ٿام لاءِ وٽن ڪو انتظام نه هجي يا جنگ جي تياري ڪرڻ ۾ وقت لڳي ۽ گھڻو نقصان کڻڻو پوي پر اگر هر وقت جنگ جي تياري هوندي ته دشمن کي به خوف هوندو ۽ هو ڇيڙڻ کان لنوائيندو. ڇهون اصول هي آهي ته سلطنت جي ڪمن ۽ استحڪام لاءِ اهل علم ۽ باشعور ماڻهن سان باهمي مشورو ڪري پوءِ فيصلا ڪجن. مشورو ڪرڻ لاءِ اهل ماڻهن سان ئي مشورو ڪجي، ڇوته نااهل سان مشورو ڪرڻ ۾ ڪو فائدو نه هوندو آهي بلڪه نقصان ٿيندو آهي. جڏهن مختلف اهل ماڻهن جا ذهن گڏجي ڪنهن ڪم لاءِ صلاح ڪندا ته ڪو بهتر خاطرخواھ نتيجو نڪرڻ جو قوي امڪان هوندو آهي. ستون اصول هي آهي ته سلطنت جو قانون سڀني لاءِ برابر هجي. ان قانون ۾ اگر نرمي آهي ته اها نرمي سڀني لاءِ هجي، اگر سخت قانون آهي ته اهو سلطنت جي سربراھ کان وٺي عام ماڻهوءَ تي برابر لاڳو ٿيڻ وارو هجي. جڏهن قانون ۾ وڏن عهدن جو لحاظ رکي نرمي ڪئي ويندي ۽ غريبن لاءِ اهو قانون سخت هوندو ته بغاوت جو خدشو وڌي ويندو آهي.ڪنهن به سلطنت جي بقا لاءِ هي مکيه اصول آهن. انهن اصولن جي ضِمن ۾ عوام جي تعليم، ترقي، روزگار، صحت، آمدن، کاڌ خوراڪ، لباس، گھر ۽ آسائش وغيره جا مسئلا سرحدن جي حفاظت، ٻين سلطنتن سان تعلقات ۽ واپار وغيره به اچي وڃن ٿا، جن کي حل ڪرڻ جو ذمو به سلطنت جي حڪام حضرات جو هوندو آهي. هي اهي اصول آهن جيڪي ڪنهن به سلطنت جي بقا لاءِ لازمي عنصر جي حيثيت رکن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو